Govt. Boys Elementary School Lakho Lanjari

Govt. Boys Elementary School Lakho Lanjari

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Govt. Boys Elementary School Lakho Lanjari, School, Lakho Lanjari Union Council Saleh Mahar, Ghotki.

01/01/2026

نئون سال مبارڪ 2026 | اسڪول ۾ ڀليڪار
سياري جي موڪلن کان پوءِ اسان پنهنجي پيارن شاگردن کي اسڪول ۾ ٻيهر ڀليڪار چئون ٿا. اسڪول انتظاميا طرفان سڀني شاگردن ۽ والدين کي نئين سال 2026 جون دلي مبارڪون پيش ڪجن ٿيون.
دعا آهي ته هي نئون سال تعليمي ڪاميابين، نظم و ضبط ۽ روشن مستقبل جو سال ثابت ٿئي.
— اسڪول انتظاميا

25/12/2025

اڄ اسين پاڪستان جي باني، عظيم رهنما ۽ قوم جي محسن
قائدِ اعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏينهن کي انتهائي عزت ۽ عقيدت سان ملهائي رهيا آهيون۔
قائدِ اعظم پنهنجي ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط سان مسلمانن کي الڳ وطن ڏياريو۔
سندس اصول، ايمانداري، سچائي ۽ قانون جي بالادستي اڄ به اسان لاءِ مشعلِ راهه آهن۔
اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي شاگردن ۾ قائدِ اعظم جي تعليمات کي اجاگر ڪريون
۽ کين سٺو شهري بڻجڻ جي راهه ڏيکاريون۔
پاڪستان زنده باد 🇵🇰
قائدِ اعظم پائنده باد

Photos from Govt. Boys Elementary School Lakho Lanjari's post 16/12/2025

16 ڊسمبر، اهو ڏينهن نه هو، اهو قيامت جو احساس هو.
اهو ڏينهن جڏهن ڪتابن سان ڀريل بستائون رت ۾ رڱجي ويون،
جڏهن ڪلاس روم، جتي خواب پڙهيا ويندا آهن، قبرستان جهڙي خاموشي بڻجي ويا.

اهي ٻار، جن جي اکين ۾ مستقبل جا سونهري سپنا هئا،
جن جا هٿ قلم لاءِ هئا، بندوقن لاءِ نه،
جن جون مُرڪون ماں جي دعائن سان جڙيل هيون،
اُهي سڀ هڪ پل ۾ اسان کان کسجي ويا.

اي پي ايس پشاور جا معصوم شهيد،
اوهان نه رڳو ٻار هئا،
اوهان اميد هئا،
اوهان قوم جو سڀاڳو سڀاڻو هو.

ماڻهن جا دل ٽٽي پيا،
مايون اڄ به دروازن ڏانهن ڏسن ٿيون،
شايد سندن ٻار اسڪول مان موٽي اچي،
پر وقت بي رحم آهي،
اهو رڳو يادون ڇڏي ويو.

اڄ به جڏهن اسڪول جي گھنٽي وڄي ٿي،
دل لرزي وڃي ٿي،
ڇاڪاڻ ته ڪيترا آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويا.

هي حملو صرف ٻارن تي نه هو،
هي علم تي حملو هو،
هي انسانيت جو قتل هو،
هي اسان جي ضمير تي لڳل زخم آهي،
جيڪو وقت سان به نٿو ڀري.

پر اي شهيد ٻارو!
اوهان جو رت ضايع نه ويو،
اوهان جي قرباني اسان کي سيکاري وئي ته
دهشتگرد قلم کي خاموش نٿا ڪري سگهن،
علم کي ماري نٿا سگهن،
۽ قوم جي همت کي ٽوڙي نٿا سگهن.

سلام آهي اوهان تي،
سلام آهي اوهان جي قرباني تي،
سلام آهي اُن معصوم ننڍپڻ تي،
جيڪو قوم لاءِ شهيد ٿيو.

11/12/2025

سنڌ ۾ سياري جي موڪلن جي ڪري سمورا سرڪاري توڙي پرائيويٽ تعليمي ادارا 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين بند رھندا.
ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ طرفان نوٽيفڪيشن جاري.

06/12/2025

ہر بچے کا الگ ب فارم | مقررہ میعاد اور تصویر کے ساتھ
پہلے ب فارم کی میعاد بچے کی عمر تین سال ہونے تک ہے جس میں تصویر نہیں ہو گی۔ دس سال تک کے بچوں کا تصویر والا ب فارم بنے گا اور بچے کی عمر دس سال سے زیادہ ہونے پر ب فارم دوبارہ بنے گا جو اٹھارہ سال عمر ہونے تک موثر رہے گا
والدین بچے کی پیدائش پر ایک ماہ کے اندر یونین کونسل میں اندراج کرائیں اور نادرا سے ب فارم بنوائیں۔
میعاد ختم ہونے پر بروقت نیا ب فارم بنوانے کے لئے بچے کے ہمراہ قریبی نادرا دفتر تشریف لائیں یا
پاک آئی ڈی موبائل ایپ سے گھر بیٹھے ب فارم بنوائیں

04/12/2025

Farewell to Sir Abdul Majid Kalwar. We sincerely thank you for the time and efforts you contributed to our school. Your positive attitude and dedication made a real impact. As you transfer to your new Primary School, we wish you success and happiness. Best of luck for your future journey, Sir.

05/10/2024

استاد تہ عظيم ڪردار آهي.....
پر ڪي استاد زندگيءَ تي اڻ مِٽُ چِٽَ چٽي ويندا آهن.

سلام استاد....

Photos 10/09/2014
Want your school to be the top-listed School/college in Ghotki?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Address

Lakho Lanjari Union Council Saleh Mahar
Ghotki
65110