Government Boys primary school waloo mahar Taluka khangarh

Government Boys primary school waloo mahar Taluka khangarh

Share

school

29/12/2025

جاپان جا ماڻهو ترقي ڪري ويا روڊ هلڻ سان بجلي تيار ٿيندي
هاڻي اگر اسين پنهنجي سماج کي ڏسون ته سواءِ هڪ ٻئي جي گلا هڪ ٻيئي جا ڄنڊا پٽڻ جي معاشري کي ڏنو ڇا آهي .
سڄو سڄو ڏينھن هوٽل تي آواره ويٺا هونداسين پَر پنھنجي پٽ کي يا نياڻي اسڪول تائين ڇڏي نه ايندا.
ڪنھن کي بہ پنھنجي اولاد۽ ايندڙ نسل جو فڪر ناهي
سڀ وڏيرن جي چمچا گيريءَ ۾پورا آهن آخر اسين ڪيڏانهن پيا وڃون اسان جو سماج ڪاڏي پيو ونڃي ڪنهن وٽ ڪو جواب آهي؟

10/12/2025

08/12/2025

جنهن ڏينهن اوھان کي ٻئي ڪنھن جو تڪليف پنهنجو تڪليف محسوس ٿيئي اُن ڏينھن کان اوھان اشرف ال مخلوقات آهيو.

27/11/2025

I'mCelebrating my 5th year on Facebook. Thank you for your continuing support. I could never have made it without you. 🙏🤗🎉

Photos from Government Boys primary school waloo mahar Taluka khangarh's post 19/11/2025
09/11/2025

مان هر هڪ ٻار ۽ هر ماءُ پيءُ کي هڪ ئي ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو ته، اڄ جي دور ۾ تعليم ئي سڀ کان وڏو ڏَن آهي. ٿوري تڪليف ٿيندي پر مستقبل ۾ اها ئي تعليم توهان جي ٻارن کي آسمان جي اوچائين تي وٺي ويندي. اها ڳالهه ياد رکو ڇاڪاڻ ته هر ماءُ پيءُ جو فرض آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي سٺا آداب ۽ تعليم ڏين، ڇاڪاڻ ته اها ئي اڄ سندن مستقبل ٺاهيندي

09/11/2025

هي زمين جي نه پر مريخ جي تصوير آهي
چنڊ کان پوءِ واحد سيارو آهي جنهن تي سائنسدانن سڀ کان وڌيڪ
تحقيق ڪئي آهي، ان سياري تي ڪيترائي خلائي جهاز موڪليا ويا آهن ڇوته انسان کي اميد آهي ته جيڪڏهن نظام شمسي ۾ ڪٿي به ڪا زندگيءَ ممڪن آهي ته اها مريخ تي ئي ٿي سگهي ٿي
قديم زماني ۾ مريخ سياري کي" جنگ ۽ ڪهر "جي نشاني سمجهيو ويندو هو پر جديد سائنس هي ثابت ڪيو آهي ته هي ڪو ستارو ناهي پر هڪ مڪمل سيارو آهي جيڪو زمين جهڙو ئي آهي
پر مريخ جو ماحول ۽ ڪشش سڪل نرالي آهي
جيڪڏهن توهان جو وزن زمين تي 163پائونڊ آهي ته مريخ تي اهو
62
پائونڊ ٿيندو، توهان پاڻ کي اتي بلڪل هلڪو محسوس ڪندو
مريخ جي فضا مڪمل ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ تي مشتمل آهي
جيڪا 98سيڪڙو کان وڌيڪ آهي
جڏهن ته زمين تي
0.04سيڪڙو
آهي انڪري مريخ تي ساھ کڻڻ ناممڪن آهي
پر دلچسپ ڳالهه اتي برف آهي هي اها برف آهي جيڪا پاڻي جي ڄمڻ سان ٺهي آهي، هوا ۾ سفيد تھ ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ڪڏهن
مريخ تي برفاني دور گذري چڪو آهي شايد ڪڏهن اتي پاڻي هو
2015۾
ماهرينن ڪجهه اهڙيون نشانيون به لڌيون آهن ته گرمين ۾ اتي کارو پاڻي وهي سگهي ٿو
مريخ جو ڏينهن زمين جي ڏينهن کان صرف 40منٽ وڏو آهي
پر ان جو سال
687 ڏينهن
جي بربر هوندو آهي هي شمسي نظام جو سڀ کان وڏو جبل
اولمپس مونز" آهي جيڪو" مائونٽ ايورسٽ" کان ٽيڻو وڏو آهي"
فرانس ملڪ جيترو ويڪرو آهي
هي شمسي نظام جو سڀ کان وڏو جبل آهي
مريخ زمين کان تقريبن ست 7ڪروڙ78 اٺهتر لک ڪلوميٽر پري آهي
ڪڏهن ڪڏهن اهو فاصلو گهٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي
ڇو ته زمين ۽ مريخ ٻئي چرپر ڪن ٿا
هاڻي انسان مريخ کي پنهنجو اڳيون گهر بڻائڻ جي ويجهو آهي
ڇو ته ناسا ۽ خانگي ڪمپنين طاقتور راڪيٽ تيار ڪيا آهن
جيڪي انسانن کي اوڏانهن کڻي وڃي سگهن ٿا
هڪ اندازو آهي ته 2030تائين انسان مريخ تي پنهنجو قدم رکي وٺندو
2035 تائين
اتي انسان جو پهريون ڳوٺ قائم ٿي سگهي ٿو
هڪ منٽ لاءِ سوچيو ته اهو ڪيڏو عجيب هوندو جڏهن انسان زمين کان پوءِ ڪنهن ٻئي سياري تي پنهنجو جهنڊو لهرائيندو
اهو ئي مريخ جنهن کي "ڪاوڙ جو ستارو" چيو ويندو هو
هاڻي انسانن لاء نئين دنيا ٺهڻ جي ويجهو آهي
2040جيڪڏهن" ايلو ن ماسڪ "زندھ رهيو ته اسان نظام شمسي
تائين مڪمل ايڪسپلور ڪري وينداسين.

22/10/2025

ڀلي ننڊن گھرن ۾ رھو-غيرضروري خرچ توڙي ماني جو ويلو گھٽايو پر اولاد ء خاص طور نياڻيون پڙھايو-

14/08/2025

سنڌيءَ ۾ سيڪنڊ کي "لَمُحو" سڏبو آهي، منٽ کي "پَلُ" ۽ ڪلاڪ کي "گَهڙِي" چئبو آهي، ٽِن گهڙين کي "پَھَرُ" چئبو آهي، ڏينھن ۽ رات ۾ 24 گهڙيون ۽ 8 پھر آهن.

Want your school to be the top-listed School/college in Ghotki?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Website

Address

Waloo Mahar
Ghotki

Opening Hours

Monday 09:00 - 14:00
Tuesday 09:00 - 14:00
Wednesday 09:00 - 14:00
Thursday 09:00 - 14:00
Friday 09:00 - 12:30
Saturday 09:00 - 14:00