السلام وعليڪم
جيئن ته گرمين جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوء پهرين آگسٽ تي کلي رهيا آهن. گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول نظر محمد انڍڙ جي شاگردن کي اطلاع ڪيو وڃي ٿو ته تعليمي سرگرمين کي بهتر بڻائڻ لاء پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائن ۽ وقت تي پنهنجو داخلا فارم وصول ڪن. هي اطلاع ان تائين پهچايو وڃي جن شاگردن وٽ فيس بڪ ۽ موبائل جي ڪا سهولت نه آهي مهرباني
پاران اسڪول مينيجمينٽ ڪميٽي....
رابطي لاء سائين حقنواز انڍھڙ 03033999157
Government Boys Elementary School Nazar Mohammad Indhar
Our purpose is to show our School activities on Page
محترم والدين گرمين جي موڪلن سبب اسڪول 1 جون کان 31 جولائي تائين بند رھندو. موڪلن جي دوران پنهنجي ٻارن جي صحت جو خاص خيال رکو ۽ ان سان گڏوگڏ ٻارن جي پڙھائي جو خاص خيال رکو ۽ پنھنجي ٻارن کي مليل ھوم ورڪ چيڪ ڪيو انھن کي حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪريو ڪنھن به ڏکيائي جي صورت ۾ اسڪول انتظاميا سان رابطو ڪيو 💚❤️
پاران : انتظاميا گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول نظر محمد انڍھڙ
28/05/2022
Shukur Alhamdulillah for a great Session ❤️
Today we announced annual Result and arranged farewell party for Class Eight with the Co operation of Engro Foundation management and NMI team
Students were rewarded by trophies and medals also Teachers rewarded with medals for their hard work during whole process
I am very thankful to Engro Management and my Team for a such memorable moments.
Stay Blessed ❤️ ❤️ ❤️
13/05/2022
Annual Examinations 21-22
دل دل پاکستان 💚💚💚💚
جان جان پاکستان ❤️❤️❤️
23/03/2022
خدا کرے میری ارض پاک پہ اترے
وہ فصلِ گل جسے اندیشہء زوال نہ ہو
23rd March
Pakistan Resolution Day 💚💚💚💚
21/03/2022
Assembly
18/03/2022
Students are learning from Sabaq Software watching videos of Different Subjects i-e Maths Science and English in Computer Lab
08/03/2022
Assembly GBELS NMI
سڀني ٻارڙن جي والدين کي آگاھ ٿو ڪجي تہ بتاريخ 2022-03-01 شب معراج جي موقعي تي اسڪول بند رهندو.
انتظاميه گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول نظر محمد انڍھڙ
اٺين ڪلاس جو شاگرد جاڳڻ علي مادري ٻولي جي ڏھاڙي جي موقعي تي پنھنجي سنڌي ٻولي کي اجاگر ڪندي ❤️
تنھنجي ٻولي منھنجي ٻولي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي ❤️
22/02/2022
21 فيبروري: مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان گھُرَ ٿي ڪجي ته ملڪ ۾ سنڌي قؤم سميت سڀني قؤمن جي مادري ٻولين کي قؤمي ٻوليء جو درجو ڏنو وڃي
الا ائين مََ ٿئي جو پڙھجي ڪتابن ۾
ته ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي نارائڻ شيام
نظم...………………..استادراھي ………………………
سنڌي ٻولي قؤمي ٻولي
سڀ کان پياري پنھنجي ٻولي
تنھنجي ٻولي منھنجي ٻولي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
ھيء جا پنھنجي ٻولي آھي
ڀرت ڀريل ڪا چولي آھي
ساگر جي ڄڻ ڇولي آھي
لفظ لفظ ۾ لولي آھي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
سرائڪين لئه سھنجي ٻولي
اوڏن ڪاڻ نه اھنجي ٻولي
ٻروچ به سمجھن پنھنجي ٻولي
جنھن جي سنڌ آ تَنھنجي ٻولي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
جھڙي سنڌڙي تھڙا ماڻھو
ڳاڙھا مٺڙا جھڙا ڏاڙھون
پٽڪو اجرڪ اوڍي ويھن
شِينھَن وانگر ٺاھي ٽولي
سنڌي ٻولي قؤمي ٻولي
نقطا جھرمر تارن وانگي
جملا کلندڙ ٻارن وانگي
لھجا قومي نعرن وانگي
گفتا ماکيء لارن وانگي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
اتر لاڙ ۽ ٿر ۾ گونجي
ھرڪنھن گھٽيء گھر ۾ گونجي
تنھنجي منھنجي تر ۾ گونجي
جبل جھنگ ۽ جھر ۾ گونجي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Opening Hours
| Monday | 09:00 - 14:00 |
| Tuesday | 08:00 - 14:00 |
| Wednesday | 08:00 - 14:00 |
| Thursday | 08:00 - 14:00 |
| Friday | 08:00 - 12:30 |
| Saturday | 08:00 - 14:00 |