07/05/2026
Admissions are Open now...
Nurturing young minds! provides a safe, inclusive, and engaging environment for students to learn.
07/05/2026
Admissions are Open now...
16/04/2026
16/04/2026
ڳوٺاڻن لاءِ اهم اطلاع!
اسان جو اسڪول ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه آهي، اهو هڪ تعليمي ادارو آهي جتي اسان جا ٻار پنهنجو مستقبل ٺاهين ٿا. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته موڪل کان پوءِ ڪجهه ماڻهو اسڪول جي حدن اندر داخل ٿي راند روند ڪندا آهن، ٻوٽن کي نقصان پهچائين ٿا، انهن کي ٽوڙين ٿا ۽ اسڪول جي گيٽ جا تالا به ٽوڙن ٿا. ۽ اندر وڃي نقصان ڪن ٿاـ
هي عمل بلڪل ناقابلِ قبول ۽ شرمناڪ آهي. اسڪول جي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
سڀني ڳوٺاڻن کي سختي سان تنبيه ڪئي وڃي ٿي ته اسڪول جي حدن جو احترام ڪن ۽ اهڙن عملن کان پاسو ڪن. ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
اسڪول اسان سڀني جو گڏيل اثاثو آهي مهرباني ڪري ان جي حفاظت ڪريو.
پاران : ھيڊ ماستر ۽ اسڪول انتظاميان
15/03/2026
سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بهار جون موڪلون..
سنڌ ۾ سرڪاري توڙي پرائيويٽ تعليمي ادارا 16 مارچ کان 31 مارچ تائين Spring Holidays جي ڪري بند رهندا.
اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان نوٽيفڪيشن جاري.
12/03/2026
Last Paper of Sindhi MT
Class Four and Five
07/03/2026
📚 GBELS Lakho Lanjari
سالياني امتحان 2026 جاري آهن.
اڄ ڪلاس 04 ۽ 05 جي شاگردن سوشل اسٽڊيز (SS) جو چوٿون پيپر وڏي ذميواري ۽ محنت سان ڏئي رهيا آهن.
اسڪول ۾ پرسڪون ۽ بهترين امتحاني ماحول مهيا ڪيو ويو آهي جتي شاگرد پنهنجي علم ۽ تياري جو ڀرپور مظاهرو ڪري رهيا آهن.
06/03/2026
سالياني امتحان 2026 تحت گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول لکو لانجاري ۾ اڄ ڪلاس 4 ۽ 5 جي شاگردن اسلاميات جو ٽيون پيپر ڏئي رهيا آهن۔
05/03/2026
گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول لاکو لنجاري ۾ سالياني امتحان 2026 جاري آهي. اڄ شاگردن کان سائنس مضمون جو پيپر نمبر 2 ورتو ويو. ڪلاس چوٿين ۽ پنجين جا شاگرد ذميواري سان امتحان ڏئي رهيا آهن.
02/03/2026
📚 سالياني امتحان 2026 جي شروعات
گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول لکو لنجاري ۾ سالياني امتحان 2026 جو باقاعده آغاز ٿي ويو آهي۔
ڪلاس چوٿين ۽ پنجين جي شاگردن اڄ انگريزي جو پهريون پيپر اعتماد، نظم و ضبط ۽ ذميواري سان ڏئي رھيا آھن.
اسان سڀني شاگردن لاءِ نيڪ تمنائون رکون ٿا ته هو پنهنجي محنت سان شاندار ڪاميابي حاصل ڪن۔
#
Bashir Ahmed Soomro Ghulam Mustafa
Directorate of Schools Education ES&HS Sukkur Sindh Professors and Subject Specialists Association
20/02/2026
School timings