G K Coaching Centre Garhi Khairo

G K Coaching Centre Garhi Khairo Education

05/10/2022

سلام استاد محترم…

اُستاد کی عظمت کو ترازو میں نہ تولو
اُستاد تو ہر دور میں انمول رہا ہے


آئون هن معاشري جي قانونن ۽ اصولن کان بي خبر ۽ هن ڌرتي تي اڏيل ڪتب خانن جي اهميت ۽ حيثيت کان غير واقف هئس ،
قلم ڪيئن پڪڙجي ۽ ڪيئن استعمال ڪجي ۽ قلم جو مرتبو ڇا آھي تنهن جي مون کي بلڪل ڄاڻ نه هئي، پر دنيا جي هر شئي جي قيمت ۽ ملھ جي ڄاڻ مونکي منهجي استاد وٽان ئي ملي آھي.
هن دنيا ۾ انسان جو سڀ کان اعلي ۽ اول استاد هن جا والدين آھن، جيڪي انسان کي ڳالهائڻ، ٻولڻ ۽ کائڻ، پيئڻ کان وٺي هلڻ، ڦرڻ ۽ دنيا ۾ رهڻ جو هنر سيکارين ٿا.
جن استادن جو احترام ڪيو ۽ سندن عزت ڪئي کانئس دعائون ورتيون اهي هميشه ڪامياب ٿيا، باقي جن استادن جي مان کي سمجهي نه سگهيا ۽ ساڻن سٺو سلوڪ نه ڪيو اهي هميشه ناڪامي جي راھ تي ڀٽڪندا رهيا ۽ ڪڏهن به ڪاميابي ساڻن نصيب ۾ ناهي هوندو.
واقعي استاد جو شان سڀ کان مٿانهون آھي.
سلام استاد اڄ استادن جو ڏھاڙو يعني Happy Teacher's Day تي پنهنجي استادن کي واڌايون پيش ڪريان ٿو


محترم والدين اوھان کي آگاھ ٿو ڪجي تہ:برساتي ٻوڏ ۽ ايمرجنسي واري صورتحال سبب ھڪ مھينو بند رھڻ کانپوءِجي ڪي ٽيوشن سينٽر ڳڙ...
01/10/2022

محترم والدين اوھان کي آگاھ ٿو ڪجي تہ:
برساتي ٻوڏ ۽ ايمرجنسي واري صورتحال سبب ھڪ مھينو بند رھڻ کانپوءِ
جي ڪي ٽيوشن سينٽر ڳڙھي خيرو، ايندڙ سومر 3 آڪٽومبر 2022 کان ٻيھر ٽيوشن جو آغاز ڪري رھيو آھي، تمام والدين پنھنجن ٻارڙن کي وقت جي پابندي سان ٽيوشن موڪليندا.
گھنور علي ٻٻر
03055335005

09/08/2021

سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟​

حميرا علواڻي

فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ ۾ تعليم جي معيار تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي صدر مملڪت آصف علي زرداري کي سالياني رپورٽ ۾ سنڌ جي تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ شهري ۽ ٻهراڙي مان موزون اميدوار نه ملڻ سبب 2008ع ۾ 90 سيٽون خالي رهجي ويون. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) راڻا ڀڳوان داس 2008ع، 2009ع ۽ 2010ع جي سي ايس ايس جي مقابلي وارن امتحانن دوران 90 کان 100 سيٽون سنڌ مان مناسب اميدوار نه ملڻ ڪري خالي رهڻ واري رپورٽ صدر مملڪت کي پيش ڪندي کيس سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تعليم جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ سفارش ڪئي.

ڪنهن به ملڪ جي عروج ۽ زوال، ترقي، خوشحالي، فلاح ۽ ڪاميابي جو اندازو ان ملڪ جي ”تعليمي پاليسي“ مان لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ تعليمي نظام هونئن به ٽن طبقاتي قسمن جي نصابن هيٺ پڙهايو وڃي ٿو. پرائيوٽ اسڪول، (سنڌ ۾ 12000 پرائيوٽ اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن) جن ۾ وڏن اسڪولن کان ويندي وچين درجي جي معيار واري تعليم ڏيندڙ اسڪول ڪم ڪن پيا. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 46000 سرڪاري اسڪول ڪم ڪن پيا، جڏهن ته سنڌ ۾ 239 سرڪاري ڪاليج آهن، (جن مان 118ڪراچي ڊويزن ۾، 54 حيدرآباد ڊويزن ۾، 16 ميرپورخاص ڊويزن، 31 سکر ڊويزن ۽ 20 لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ آهن). جن ۾ اٽڪل 3 لک شاگرد ۽ شاگردياڻيون انٽرميڊيٽ، بيچلرز ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪن پيون. هن وقت ڪاليجن ۾ سمورن اسپيشل مضمونن جهڙوڪ، رياضي، ڪيمسٽري، فزڪس، بائلاجي، ڪمپيوٽر وغيره جهڙن سائنسي مضمونن جي ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جي ڪمي آهي. سڄي سنڌ ۾ 126 ٽيڪنيڪل ادارا ۽ 73 ووڪيشنل ادارا سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪم ڪن پيا، انهن ادارن ۾ پڻ استادن ۽ سهولتن جي کوٽ آهي. سرڪاري تعليمي ادارا، جتي نه استاد پڙهائڻ وڃن، انهن سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ شاگرد وڏن پرائيوٽ ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو ڪيئن مقابلو ڪري سگهندو؟

سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ ڪجهه فوري اپاءُ وٺڻ گهرجن.

1. يونين ڪائونسل سطح تي سڄي سنڌ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ بهترين اسڪول قائم ڪيا وڃن، جن ۾ پرائمري کان وٺي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج سطح تائين هڪ ئي وقت هڪ هزار ڇوڪرا ۽ هڪ هزار ڇوڪريون پڙهي سگهن. ان لاءِ سنڌ جي هر هڪ يونين ڪائونسل ۾ مٿي ڄاڻايل سطح جا ٻه بهترين سرڪاري اسڪول تعمير ڪرايا وڃن.

2. سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ جا جديد طريقا متعارف ڪرائڻ ضروري آهن.

3. سنڌ جا 29 هزار اسڪول بجلي، 25 هزار اسڪول پيئڻ جي پاڻي ۽ 5 هزار اسڪول بغير فرنيچر جي هلن پيا، انهن اسڪولن جي تمام مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.

4. سنڌ ۾ 13 هزار 131 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول اهڙا آهن، جتي ٻار کليل آسمان هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اهڙن اسڪولن کي پڻ بلڊنگ ڏيڻ جي ضرورت آهي.

5. تعليم واري صوبائي کاتي طرفان 10-2009ع ۾ 2.99 ارب رپيا پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت سنڌ جي 10 ضلعن (لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ، دادو، خيرپور، شهيد بينظير آباد، بدين، ٺٽو، سانگهڙ، عمرڪوٽ، مٺي) ۾ مختلف اين جي اوز ذريعي اسڪول کولائڻ لاءِ 3 سالا پروجيڪٽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان شروع ڪيو ويو، جيڪو ورلڊ بئنڪ طرفان فنڊيڊ آهي. ضرورت ان پروگرام جي مانيٽرنگ ۽ نگراني جي پڻ آهي.

سڄي ملڪ جي 18 هزار مدرسن ۾ اٽڪل 70 لک ٻار تعليم حاصل ڪن پيا، جن ۾ اڪثر مدرسا مذهبي تنظيمن جي اثر هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن. رڳو سنڌ ۾ 15 لک ٻار مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انهن ٻارن کي انتها پسند روين کان پري رکي ملڪ جو ڪارآمد فرد بڻائي سگهجي ٿو. اڄ ڏينهن تائين حڪومت پنهنجي تعليمي پاليسي ۾ انهن مدرسن جي ڊگري کي حڪومتي دائري ۽ ضابطن هيٺ آڻي، مدرسن جي نصاب، معلمن جي تربيت ۽ انهن جي ڊگري کي ڪنهن تعليمي بورڊ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. ڇا ديني مدرسن ۾ سائنس، حساب، جنرل ناليج، ڪمپيوٽر جهڙا موضوع شامل ڪرڻ ضروري نه آهن؟ مدرسن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب توڙي استادن جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ انهن جي ٽريننگ ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ ضروري آهي. بيشڪ مذهبي تعليم ضروري آهي، پر گڏوگڏ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ لاءِ سائنسي ۽ فني تعليم پڻ ضروري آهي. ان طرف پڻ ڌيان ڏنو وڃي ته مدرسن کي رجسٽر ڪري انهن کي تعليمي امتحاني بورڊ جي انتظام هيٺ آڻي، نئون نصاب ترتيب ڏجي ۽ باقائدگي سان امتحان ورتا وڃن. اتي پڙهائيندڙ استادن جي ڀرتي پڻ حڪومتي انتظام هيٺ ٿئي.

سرڪاري انگن اکرن موجب سڄي پاڪستان ۾ 15000 سرڪاري اسڪول بند پيا آهن، جن مان اڌ رڳو سنڌ ۾ بند پيل آهن، انهن بند پيل اسڪولن مان هڪ سال اندر 1494 اسڪول کولايا ويا آهن، باقي بند پيل اسڪولن مان ڪيترائي وڏيرن جون اوطاقون يا وٿاڻ بڻيل آهن. اهڙي صورتحال ڏسي ورلڊ بئنڪ سنڌ حڪومت کي 300 ملين ڊالر (10-ارب رپيا سالانه) مالي سال 09-2008ع 2010-2009ع ۽ 11-2010ع لاءِ serpi, ii,iii (سنڌ ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام فيز i,ii,iii) تحت ڏنا آهن، ان کانسواءِ يورپي يونين طرفان پڻ 39 ملين يورو ساڳي پروگرام تحت مليا آهن، جنهن جو مقصد سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولائڻ، 1275 بنا ڇت وارن اسڪولن جي تعمير، مرمت، باٿ رومز، پيئڻ جو پاڻي، فرنيچر ۽ بجلي جي فراهمي کي ممڪن بنائڻ آهي، اهڙي نموني سان سنڌ حڪومت کي ٻاهرين امداد ۽ قرض مان سالانه 12 کان 13-ارب رپيا ملن پيا، ايتري رقم ۾ ته اسان موجوده 46000 سرڪاري اسڪولن کي ڊاهي پٽ ڪري وري ٻيهر تعمير ڪري سگهون ٿا. هيڏي وڏي رقم مان سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن کي اپ گريڊ ڪري پرائمري کان مڊل، مڊل کان سيڪنڊري ۽ اتان کان هاءِ اسڪولن ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا، سمورن اسڪولن جي استادن کي جديد بنيادن تي ٽريننگ ڪرائي 21 هين صدي جي تقاضن کي پورو ڪري سگهون ٿا، اسان پنهنجي صوبي ۾ تعليم جي شرح 17 سيڪڙو کان 70 سيڪڙو ڪري سگهون ٿا.

ايران، ملائيشيا، انڊيا، بنگلاديش جهڙن ملڪن پنهنجي عوام کي سٺي تعليم۽ تربيت ڏئي سڄي دنيا ۾ پنهنجا تربيت يافته هنرمند ماڻهو موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهن ٿا ته پوءِ اسان ڇو نه؟ پرائيوٽ اسڪول ۾ ٻارن کي سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ جديد تعليم مهيا ٿي رهي آهي، انهن مان ئي اڪثر شاگرد اڳتي هلي ملٽري توڙي سول بيوروڪريسي، ملٽي نيشنل ڪمپنين، بينڪن ۽ ٻين حڪومتي ۽ پرائيوٽ ادارن ۾ سٺين پوسٽن تائين پهچندا آهن ۽ سرڪاري اسڪولن مان پڙهندڙ ٻار وڌ ۾ وڌ ڪنهن سرڪاري يا پرائيوٽ اداري ۾ ڪلارڪ يا عمر جي آخري حصي ۾ سپرنٽينڊنٽ ٿي سگهندا آهن. هو سڄي حياتي ڪسمپرسي ۾ گذاري ڇڏيندا آهن. اچو ته اسان پنهنجي ملڪ کي غربت، پسماندگي، انتهاپسندي، دهشتگردي مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ جي ٻارن کي سٺي تعليم ۽تربيت ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪريون، فقط انهيءَ نموني سان دهشتگردي خلاف ويڙهه کٽي سگهنداسين

ممتاز علي وگهيو, ‏16 جولائي

03/08/2021

سنڌو دريا م ڇوڙ ڪندڙ نديون
1. گارتانگ👇 🏔️
ھي تبت جي مانسرو ڍنڍ مان نڪري وڏن جبلن ۽ گليشيئرز مان گذري برف پوش جبلن کي چيريندي لداغ وٽان سنڌو م سمائجي وڃي ٿي 350 ڪلوميٽر جو سفر ڪري سنڌو سان ملي ٿي
2. شيوڪ 👇
قراقرم کان ٿيندي 200 ڪلوميٽر جو سفر طئه ڪري جتي لداغ جابلو سلسلو ختم ٿئي ٿو اتي ئي شيوڪ پنھنجو وجود سنڌو سان ملائي ٿي
3. زاسڪر👇
10000 چورس ڪلوميٽر جو ٿڪائيندڙ سفر ڪري رنگ برنگي گلڙن کان موڪلائيندي سنڌو سان ڀاڪر 🤼پائي ٿي
4. استور👇
وادي استور مان سفر شروع ڪري گلگت ندي سان قدم ملائيندي سنڌو جو ديدار ڪري ٿي
5. گلگت 👇
ھي به استور جيان 10000 چورس ڪلوميٽر جو سفر ڪري سنڌو م سمائجي وڃي ٿي ھن سان ئي ھنزه جو ميلاپ ٿئي ٿو
6. شگر👇
بلتورو ۽ بيافو گليشيئرز کان موڪلائي شگر وادي مان گذري اسڪردو جي ويجھو سنڌو سان ملي ٿي
7. ھارو👇
ڪي پي ڪي مان نڪري ايبٽ آباد وٽان پنجاب م داخل ٿئي ٿي ھن تي خانپور نالي سان بند ٻڌو ويو آھي سنڌو م ڇوڙ کان اڳ لوراھارو ستوراھارو نيلان ندي ڪنداد سنگم ڪن ٿيون ۽ بعد م گڏجي غازي بروٿا وٽ سنڌو کي سلام ڪن ٿيون
8. ھنزه👇
ھي پاڻ سان ڪافي لٽ به کڻي اچي ٿي ھن م نالا خنجراب نالا ڪلڪ ڇوڙ ڪن ٿا ساڻس گلگت ندي جو ھڪ حصو ملي ڪري گڏجي سنڌو م ڇوڙ ڪري ٿي
9. ڪابل👇
پنھنجي مستي مان تيزي سان وھڪرو ڪري تورابورا جي مشھور جبلن کان ٿيندي پشاور جتي ڪابل ٽٽي ٿي وري جڙي ڪري سنڌو کي سلام ڪري ٿي
10. سوان👇
مارگلا جي ٽڪرين کان شروعات ڪري پوٺوھار جي اتر اوڀر واري ڪنڊ کان ڏکڻ اولھ جي ڪنڊ طرف مارگلا کي ڇڏي برساتي پاڻي کي گڏ کڻي اڳتي وڌي ٿي ۽ زوردار برسات سبب سندس پاڻي ڳاڙھسرو ٿئي ٿو ڇوته پاڻي سان لوڻياٺي جبل جي معدنيات ملي ٿي ڪالاباغ وٽان سنڌو م داخل ٿئي ٿي
11. گومل👇
ڏکڻ وزيرستان مان نڪري ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي سرحد وٽان گذري ضلعا ٽانڪ م وادي گومل م داخل ٿئي ٿي ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقا ڪولاچي مان گذري شھر کان 20 ميل ڏکڻ طرف سنڌو سان ملي ٿي
ڪتاب-- سنڌو ۽ ھاڪڙي جا وھڪرا 2019📙
لکيک. عثمان راھوڪڙو 🖊️
چونڊ. راجا حيدر علي ٿيٻو✅
نوٽ. ھي ڪتاب سنڌ سلامت جي ايپ تي موجود آھي

31/07/2021
05/06/2021


16/05/2021

Address

Main Road, Van Stand, Near Pang Gulli Chaok Garhi Khairo
Garhi Khairo

Opening Hours

Monday 16:00 - 19:00
Tuesday 16:00 - 19:00
Wednesday 16:00 - 19:00
Thursday 16:00 - 19:00
Friday 16:00 - 19:00
Saturday 16:00 - 19:00
Sunday 09:00 - 17:00

Telephone

+923055335005

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when G K Coaching Centre Garhi Khairo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to G K Coaching Centre Garhi Khairo:

Shortcuts

Share

Category