27/02/2025
ماڻهون سڀ نه سُهڻا پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجھ اچي بُوءَ بهار جي.
هن ڌرتي تي ڪي انمول ماڻهون پيدا ٿيندا آهن،جيڪي پنهنجي ڪارج يا پنهنجي ڪرم سان پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀائيندا آهن، نوڪري واقعي کڻي نيچ آهي پر پنهنجي ڪم کي ايمانداري جي اجرڪ سان نوازڻ به هڪ سچي ماڻهون جو شان آهي،سائين سنڀُو مل سُوٽھڙ به اهڙن نيڪ ڪردارن جو سچو ڀرم آهن،سچو رتن آهن،سائين سنڀُومل تعليمي ڪرت ۾ شروع کان گورنميٽ بوائز هائي اسڪول ڏيپلو ۾ هڪ بهترين استاد طور ڊيوٽي سر انجام ڏني،۽ ان کان پوءَ گورنمينٽ گرلس هائي اسڪول ڏيپلو ۾ پنهنجي نيڪ نيئتي سان ڊيوٽي هيستائين ڏني،اڄ سائين گورنمينٽ نوڪري ۾ سٺ سال پورا ٿيڻ سبب رٽائرمينٽ ٿيا آهن،هن پوري عرصي ۾ سائين جون تعليم جي حوالي سان ڪاوشون تمام بهترين رهيون، ھر وقت اسڪول جي اسٽاف توڙي شاگردياڻين سان سائين جو ڪردار گهر ڀاتي وارو رهيو،هر حوالي سان ڪنهن به ڪم کي تڪميل جو جامو پارائڻ لئه سائين پنهنجو فرض ادا ڪيو، اسان پوري اسٽاف لئه سائين جو ڪردار هڪ رول ماڊل جيان آهي، سچائي ۽ هر وقت پنهنجو ڪم هن طريقي سان پورو ڪرڻ لئه سائين کوڙ سارو وقت سندم ڪرت سان لڳايو،تنهن تي سائين کي اسان جس ڏيون ٿا،
اسان سائين مان جام پرايو آهي،سندس نياز ۽نوڙت اسان لئه هڪ اثاثو آهي،
آخر ۾ سائين کي هن جاب تان الودع ڪرڻ تان سائين کي سلام ڪيون ٿا،
ڌڻي در دعا ڪيون ٿا سائين هميشه شاد ۽ آباد هجن۔