05/08/2023
يوم استحصال ڪشمير جو ڏهاڙو گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو جي طرفان وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو. جنهن جي سلسلي ۾ هاء اسڪول کان الله والا چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اختتام تي هيڊ ماستر سائين ذوالفقار ارباب خطاب ڪندي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڀارت طرفان معصوم ڪشميرين سان ٿيندڙ زيادتين جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي.
پر امن احتجاجي ريلي ۾ شهر جي سڀني اسٽيڪ هولڊرن بشمول ٽائون چيئرمين، وائيس چيئرمين، واپاري ايسوسيئيشن کان علاوه وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي.