GBHS Chhaho Suthar

GBHS Chhaho Suthar A School where you will be taught.

گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڇهو سوٽهڙ ويسٽ پاڙي ۾ مڊٽرم جا پيپر شروع ٿي چڪا آهن
15/12/2025

گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڇهو سوٽهڙ ويسٽ پاڙي ۾ مڊٽرم جا پيپر شروع ٿي چڪا آهن

وسي ڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا، سدا ديس پرديس سارا وسن، ڪڏهن سينڌ سنڌ جي نه ميري ٿئي، ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مُرجهائجن."سنڌي ثقافت ...
07/12/2025

وسي ڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا،
سدا ديس پرديس سارا وسن،
ڪڏهن سينڌ سنڌ جي نه ميري ٿئي،
ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مُرجهائجن.
"سنڌي ثقافت ڏيهاڙو" سموري ڏيهه توڙي پرڏيھ ۾ قومي عيد طور ملهايو پيو وڃي. ساڳي سري ھيٺ ٻنهي اسڪولن پرائمري ۽ ھاء اسڪول ڇهو سوٽهڙ ويسٽ پاڙي ۾ ھڪ ساڌڙي پر پروقار تقريب رکي ويئي جنهن ۾ ثقافتي رنگ ڍنگ ۾ ملبوس استادن ۽ شاگردن شريڪ ٿي اھو عزم ورجايو تہ "سنڌ بہ رھندي سنڌي رھندا، وھندو رھندو سنڌو درياءَ" ۽ ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان مختلف نوعيت جا سيشن پڻ رکيا ويا جنهن ۾ شاگردن ڀرپور حصو وٺي سنڌ جي بقاءَ ، اتحاد، امن، ھم آھنگي کي پڻ پرزور نموني سان نہ صرف ساراھيو پر سلامتي لاءِ پڻ دعائون گهريون.

گورنمينٽ بوائيز ھاء اسڪول ڇَهو سوٽهر اولهه پاڙو ۾ اڄ سال ۲۰۲۵ جي سالياني ڪتابن جي ورھاست ٿي چڪي. جنھن ۾ محترم استاد صاحب...
24/05/2025

گورنمينٽ بوائيز ھاء اسڪول ڇَهو سوٽهر اولهه پاڙو ۾ اڄ سال ۲۰۲۵ جي سالياني ڪتابن جي ورھاست ٿي چڪي. جنھن ۾ محترم استاد صاحبان ٻارن کي ڪتابن ڏيندي اھو پڻ سمجھايو تہ ڪتاب ھر شاگرد جو قيمتي اثاثو آهن ھو ھر صورت ۾ انھن جي حفاظت ڪن. ۽ پراڻا ڪتاب پڻ واپس ورتا ويا.
پڙھندي سنڌ تہ وڌندي سنڌ.

گورنمينٽ بوائيز ھاء اسڪول ڇَهو سوٽهر اولهه پاڙو ۾ اڄ ۱۲ مئي تي يوم تشڪر ڏيهاڙو ملهايو ويو. جنھن سلسلي ۾ اسڪول جي استادن ...
12/05/2025

گورنمينٽ بوائيز ھاء اسڪول ڇَهو سوٽهر اولهه پاڙو ۾ اڄ ۱۲ مئي تي يوم تشڪر ڏيهاڙو ملهايو ويو. جنھن سلسلي ۾ اسڪول جي استادن ٻارن کي انھي ڏينھن جي حوالي سان اختصار ڪندي وطن عزيز جي مٽي سان وچن، ڌرتي جي سالميت چپي چپي جي حفاظت لاءِ بيٺل پاڪ فوج جي بردباري ۽ هماليه جيڏي حوصلن کي نہ صرف داد ڏيندي ساراهيو ويو پر ھر وک تي دشمن جو ڪاري رات ۾ پڻ مقابلو ڪرڻ لاءِ عزم سان ڪوشان رھڻ لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.
پاڪستان زندہ آباد
پاڪ فوج زندہ آباد

اسان کي انتھائي خوشي ٿي رھي آھي تہ ھن سال گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڇَهو سوٽهڙ (اولهه پاڙو) جي ٻن ھوشيار شاگردن نرديش پٽ...
07/04/2025

اسان کي انتھائي خوشي ٿي رھي آھي تہ ھن سال گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڇَهو سوٽهڙ (اولهه پاڙو) جي ٻن ھوشيار شاگردن نرديش پٽ حاجو مل ميگھواڙ ۽ اميت ڪمار پٽ ميوارام ميگھواڙ جي (سنڌ مدرسة السلام بورڊ انڊومنٽ فنڊ تعليمي اسڪالرشپ) جي پروگرام ۾ چونڊ ٿئي آھي سنڌ سطح تي ٻنهي ٽاپ پڻ ڪئي آھي. پڙھندي سنڌ تہ وڌنڌي سنڌ..

04/04/2025

جيئن تہ ڪلاس نائين ۽ ڏھين جا ساليانا امتحان (لکت 07/04/25 ۽ پريڪٽيڪل 14/04/25 ) کان شروع ٿي رھيا آھن.
والدين توڙي سڀني شاگردن کي ڄاڻ ڏجي تہ سڀني شاگردن جون سلپون ڇنڇر ڏينهن 05/04/025 تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڇَهو سوٽهر اولهه پاڙو ۾ موجود ھونديون براءِ مهرباني پنھنجون سلپون کڻي سومر ڏينهن کان لکت واري امتحان ۾ شموليت يقيني بڻايو. ھن پوسٽ ذريعي اھا پڌرائي ٿي ڪجي جيڪي شاگرد توڙي جنھن بہ ڳوٺ سان تعلق ھجي ستت ئي اسڪول پھچي پنھنجون سلپون حاصل ڪريو.

ھيٺ ميرپورخاص بورڊ طرفان اھا پڌرائي ڪئي ويئي آھي تہ ڪلاس نائين ۽  ڏھين جا ساليانا امتحان (لکت 07/04/25 ۽ پريڪٽيڪل 16/04/...
17/03/2025

ھيٺ ميرپورخاص بورڊ طرفان اھا پڌرائي ڪئي ويئي آھي تہ ڪلاس نائين ۽ ڏھين جا ساليانا امتحان (لکت 07/04/25 ۽ پريڪٽيڪل 16/04/25 ) کان شروع ٿي رھيا آھن.
والدين توڙي سڀني شاگردن کي سُڌ ڄاڻائيندي اميد ٿي ڪجي تہ ھر ممڪن تعاون ڪندا.

محترم والديناسلام و عليڪم، نمستيجيئن ته گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول ڇھو سوٽھڙ ويسٽ پاڙا ۾ ساليانه امتحان جناب ڊائريڪٽوريٽ م...
20/02/2025

محترم والدين
اسلام و عليڪم، نمستي
جيئن ته گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول ڇھو سوٽھڙ ويسٽ پاڙا ۾ ساليانه امتحان جناب ڊائريڪٽوريٽ ميرپورخاص ريجن جي جاري ڪيل ٽائيم ٽيبل مطابق 03 مارچ 2025 کان شروع ٿي رهيا آھن ۽ جيڪي 13 مارچ 2025 تائين جاري رهندا تنهنڪري توهان کي گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجن ٻارن کي امتحان دوران حاضر رکندا ته جيئن ته ٻار جو سال ضايع ٿيڻ کان بچي سگهي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ٻارن کي گهر ۾ امتحان جي تياري تي پڻ ڌيان ڏيندا.
مهرباني

08/02/2025

گورنمينٽ بوائ هاءِ اسڪول ڇھو سوٽھڙ(ويسٽ پاڙا) تعلقہ ڏيپلو ۾ پڙهندڙ شآگردن کي اطلاع ٿو ڪجي ته نائين ڏهين ڪلاس جا امتحاني فارم ڀرجي رهيا آهن اسڪول حاضر رهي فارم ڀرائين آخري تاريخ 26/2/2025.
گووند راء
هيڊ ماسٽر
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڇھو سوٽھڙ (ويسٽ پاڙا) تعلقہ ڏيپلو.
رابطہ نمبر
0340 2004149

گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول ڇھو سوٽھڙ ويسٽ پاڙا م مڊ ٽرم جو پھرين ڏينھن. fans
06/01/2025

گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول ڇھو سوٽھڙ ويسٽ پاڙا م مڊ ٽرم جو پھرين ڏينھن.
fans

ھاء اسڪول ڇھو سوٽھڙ جو ذھين ترين شاگرد اميت ڪمار پٽ ميوارام ميگھواڙ  ڪلاس ستون ڪجھ ڏينھن اڳ ضلع ليول تي ٿيندڙ بيڪن اڪيڊم...
31/12/2024

ھاء اسڪول ڇھو سوٽھڙ جو ذھين ترين شاگرد اميت ڪمار پٽ ميوارام ميگھواڙ ڪلاس ستون ڪجھ ڏينھن اڳ ضلع ليول تي ٿيندڙ بيڪن اڪيڊمي پاران رکيل ٽيسٽ م ضلع م 11 نمبر ء تعلقي ڏيپلي م سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪئي آھي.
ھاء اسڪول جي فيڪلٽي اھڙن ھوشيار شاگردن تي فخر ڪري ٿي.
fans
Gul Lot Syed Sardar Ali Shah Senator Gul Lot Shanker Hamirani Nand Lal Seerani Kewal Suthar Malala Fund Human Appeal - Pakistan Gianchand Sootahar Bhooro L Hamirani Dileep Hamirani Suthar Padomal Sootaher School Education & Literacy Department, Government of Sindh Thar Education Alliance GBHS SAJAI - Tharparkar Sindh Education Foundation, Government of Sindh Gulshan Kumar Patani Govinda Roy Thakrani M Tamachi Gomani
Imamuddin Nohrio

Address

Village Chhaho Suthar UC Bhadoor Taluka Diplo District TharParkar
Diplo
69280

Opening Hours

Monday 08:00 - 14:00
Tuesday 08:00 - 14:00
Wednesday 08:00 - 14:00
Thursday 08:00 - 14:00
Friday 08:00 - 12:00
Saturday 08:00 - 14:00

Telephone

+923332500901

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBHS Chhaho Suthar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to GBHS Chhaho Suthar:

Shortcuts

Share

Category