25/08/2024
ڪل بروز ڇنڇر ڊاڪٽر ميڪش ڪمار کٽواڻي صاحب ڊائريڪٽر ايريا اسٽيڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اسان جي اسڪول ڳوٺ مٺو ڊاڀڙو ۾ آيا سائين جا لک ٿورا سائين پاڻ به تعليم ھاء اسڪول مٺو ڊاڀڙو مان حاصل ڪئي اڳيان ھلي وڏي منزل تي پھتا سائين مڪيش ``تعليم ڇو ضروري آھي `` ان ٽاپڪ تي اسڪول جي شاگردن کي ليڪچر ڏنائين ۽ سائين اھيو واعدو ڪيو تہ جيڪو ٻار بورڊ جي رزلٽ سٺي ڏيندو يعني اي ون گريڊ انھيءَ ھر ٻار کي سائين جي طرفان پنج هزار رپين جو انعام ڏنو ويندو سائين پاڻ سان گڏوگڏ ڪجھ وڻ ب کڻي آيا ھئا جيڪي سائين پنھنجن ھٿن سان لڳايا سائين سان گڏ پنھنجا ننڍڙا ۽ ڀائيٽا پرتاب کٽواڻي ،ڪبير کٽواڻي آيا ھئا ۽ ڳوٺ مان سائين عيسیٰ راھمون صاحب ۽ حاجي لکاڏنو راھمون صاحب جن ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجھ نصيحتون ڪيون سائين مڪيش ڪمار اھيو واعدو ڪيو تہ انشاءالله مونکي جڏھن بہ ٽائيم مليو ته وري آئون اسڪول وزٽ ڪندو رھندس اسان سائين جن جا ٿورائتا آهيون سائين پنھنجو قيمتي ٽائيم ڪڍي اسان کي ڏنو. هيڊماستر لعل لدين راھمون سڀني آيلن کي ڀليڪار چئي ۽ شڪريو ادا ڪيو.
اسان سائين جن جا ٿورائتا آهيون جو سائين پنھنجو قيمتي وقت اسان کي ڏنو. 🙏