المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول ڳوٺ حاجي کبر خان ابڙو

المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول ڳوٺ حاجي کبر خان ابڙو Better education

19/08/2026

گروپ ورڪ سرگرمي – ڪلاس پهرين جي شاگردن گڏجي سکيا واري سرگرمي ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو ۽ بهترين ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪيو.

اڄ سر بي.ايم. درجي ڇھين کان اٺين واري شاگردن کان هفتيوار ٽيسٽ ورتو. تمام بهترين سر شاگردن جي سکيا ۽ بهتري لاءِ اوهان جون...
18/08/2026

اڄ سر بي.ايم. درجي ڇھين کان اٺين واري شاگردن کان هفتيوار ٽيسٽ ورتو. تمام بهترين سر شاگردن جي سکيا ۽ بهتري لاءِ اوهان جون محنتون ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

17/08/2026

شاگردن جون ڪجھ سرگرميون.

08/08/2026

6 آگسٽ 2026 تي اسڪول جي اسيمبلي جو خوبصورت منظر
المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول ۾ شاگردن جي صبح واري اسيمبلي جون ڪجهه خوبصورت جھلڪيون.

المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪولاسڪول ڪوڊ: 320105050يو سي چناري، منگيا موريتاريخ: 06-08-2026اڄ اسان جي اسڪول لاءِ وڏي خوشي ۽ ...
06/08/2026

المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول
اسڪول ڪوڊ: 320105050
يو سي چناري، منگيا موري
تاريخ: 06-08-2026
اڄ اسان جي اسڪول لاءِ وڏي خوشي ۽ اعزاز جو ڏينهن هو، جڏهن اسان جي معزز آفيسرن اسڪول جو دورو ڪيو.
سر مقبول احمد صاحب (ريجنل هيڊ)، سر محبوب علي صاحب (ڊسٽرڪٽ هيڊ)، سر عطا الله صاحب (جونيئر آفيسر) ۽ سر ڌڻي بخش صاحب اسڪول جو دورو ڪيو.

دوري دوران آفيسرن شاگردن سان ملاقات ڪئي، مختلف سوال پڇيا ۽ اسڪول جي تعليمي سرگرمين، نظم و ضبط ۽ مجموعي ماحول جو جائزو ورتو.
معزز آفيسرن اسڪول جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ اسڪول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اهم هدايتون ۽ قيمتي مشورا پڻ ڏنا.
اسان پنهنجي معزز آفيسرن جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، جن پنهنجي قيمتي وقت مان وقت ڪڍي اسان جي اسڪول جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي رهنمائي سان اسان جي همت افزائي ڪئي.

المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪولاڄ، 5 آگسٽ 2026ع تي صبح جي اسيمبلي دوران شاگردن جون يادگار تصويرون ورتيون ويون. شاگردن وڏي جو...
05/08/2026

المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول
اڄ، 5 آگسٽ 2026ع تي صبح جي اسيمبلي دوران شاگردن جون يادگار تصويرون ورتيون ويون. شاگردن وڏي جوش، نظم و ضبط ۽ اعتماد سان اسيمبلي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن سندن بهترين اخلاقي قدرن، سکيا جي جذبي ۽ اتحاد جي عڪاسي ڪئي.
اسان پنهنجن سڀني شاگردن جي روشن مستقبل ۽ مسلسل ڪاميابين لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريون ٿا.

اونهاري جي موڪلن کان پوءِ اسان جي اسڪول جي نئين سونهن ✨المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪولنئون رنگ، نوان دروازا ۽ دريون، صاف سٿر...
04/08/2026

اونهاري جي موڪلن کان پوءِ اسان جي اسڪول جي نئين سونهن ✨
المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول
نئون رنگ، نوان دروازا ۽ دريون، صاف سٿرو ۽ خوبصورت تعليمي ماحول.
پيارا شاگرد، ڀليڪار! اچو ته نئين جوش ۽ جذبي سان پنهنجي تعليمي سفر جي شروعات ڪريون.

السلام عليڪم، معزز والدين,اوهان کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول اونهاري جي موڪلن کان پوءِ ڇنڇر، 1 آگس...
30/07/2026

السلام عليڪم، معزز والدين,

اوهان کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول اونهاري جي موڪلن کان پوءِ ڇنڇر، 1 آگسٽ 2026ع تي ٻيهر کلي رهيو آهي. ان ڏينهن کان باقاعده ڪلاس شروع ٿيندا.
مهرباني ڪري پنهنجي ٻار کي وقت تي، مڪمل يونيفارم ۽ گهربل ڪتابن ۽ ڪاپين سميت اسڪول موڪليو.

اوهان جي سهڪار جا ٿورائتا.

انتظاميه
المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول

Today, April 22, 2026, a view of the morning assembly at Al-Masad Model Elementary School, located in Taluka N.F, UC Cha...
22/04/2026

Today, April 22, 2026, a view of the morning assembly at Al-Masad Model Elementary School, located in Taluka N.F, UC Chanari at Mungia Mori.

اڄ، 22 اپريل 2026 تي، المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول، تعلقو نوشهرو فيروز، يو سي چاناري مونگيا موري، صبح جي اسيمبلي جو منظر.

🏫 الـمصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول، منگيا موريسڀني والدين ۽ شاگردن کي آگاهي ڏجي ٿي ته تعليمي سيشن 2026–27 لاءِ نيون داخلا کل...
16/04/2026

🏫 الـمصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول، منگيا موري
سڀني والدين ۽ شاگردن کي آگاهي ڏجي ٿي ته تعليمي سيشن 2026–27 لاءِ نيون داخلا کليل آهن۔
📚 ڪلاسون: نرسري کان ڪلاس 7 تائين
💯 سڀ سهولتون مڪمل طور مفت آهن:
✔ مفت ڪتاب
✔ داخلا فيس نہ آهي
✔ ماهوار فيس نہ آهي
📅 داخلا جي آخري تاريخ: 25-04-2026
⚠️ هن تاريخ کان پوءِ ڪنهن به شاگرد کي داخلا نه ڏني ويندي۔
📄 داخلا لاءِ ضروري دستاويز:
✔ والد جو CNIC (ڪاپي)
✔ بي فارم (جيڪڏهن موجود هجي)
والدين کي گذارش آهي ته اسڪول اچي داخلا ڪرائن ۽ وڌيڪ معلومات حاصل ڪن۔ سيٽون محدود آهن، تنهنڪري جلدي داخلا ڪرائڻ جي صلاح ڏجي ٿي۔
📞 رابطو: 03013305141
حڪم سان:
اسڪول انتظاميا

Address

Haji Khabar Khan Abro
Darya Khan Mari

Telephone

+923013305141

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول ڳوٺ حاجي کبر خان ابڙو posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to المصد ماڊل ايليمينٽري اسڪول ڳوٺ حاجي کبر خان ابڙو:

Shortcuts

Share

Category