21/11/2025
Government Elementary College Of Education Men Dadu
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Government Elementary College Of Education Men Dadu, Education, Najam Colony Dadu, Dadu.
21/11/2025
26/09/2025
23/09/2025
23.09. 2025
گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مين دادو پرنسپال عزيز قاسماڻي، پي سي اسڪول جي استاد محمد خان جمالي جي نگراني ھيٺ ڪاليج جي ٻارن ۾ ڇٻر جي پوکائي ڪئي وئي ۽ اوھين ۾ گلاب، موتئي ۽ چائنا روز جا قلم لڳايا ويا.
22/09/2025
اڄ تاريخ 22 سيپٽيمبر 2025 تي گورنمينٽ ايليميٽري اسڪول اٽيچڊ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج (مين) دادو طرفان ڪلاس ڇهين کان اٺين جماعت جي ٻارن لاء ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر عبدالعزيز قاسماڻي ۽ اسڪول جي هيڊ ماسٽر شهباز خان زئونر جي سرپرستي ۽ نگراني ۾ ڪلهوڙا دور جي تاريخي ماڳ خداآباد مسجد جو دورو ڪرايو ويو. جنهن ۾ ٻارن کي مسجد جي تعمير بابت ڪارائتي معلومات فراهم ڪئي وئي.
گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مين دادو جي پي سي اسڪول جا ٻار
ميلاد مصطفي تقريب کي يقيني بنائڻ لاء تياريون ڪري رھيا آھن.
عبدالعزيز قاسماڻي
پرنسيپال
18/09/2025
A meeting was arranged under the chairmanship of Principal Govt: Elementary College of Education (Men) Dadu Dr. Abdul Aziz Qasmani. The meeting was attended by Head Masters of Govt: Elementary school, Govt: PC school attached Dadu and teaching staff of the college and attached schools.
Agenda of the meeting:
1. Enrollment of the students
2. Introduction of unifrom for the students of PC and Elementary schools
3. Preparation of students for different categories of activities.
05/09/2025
گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مين دادو ۾ يوم دفاع جي تقريب جا اخبارن جا عڪس
05/09/2025
گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مين دادو ۾ يوم دفاع جي تقريب جا انگريزي اخبارن جا عڪس
دادو (پ.ر)
گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) دادو ۾ يومِ دفاع جي تقريب منعقد ٿي گذري. جنهن جي شروعات ڪلام پاڪ سان ٿي ان کانپوء شاھ لطيف جي وائي ۽ نعت رسول مقبول پيش ڪئي وئي. تقريب جا خاص مهمان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (اي ڊي سي) جناب سڪندر علي رستماڻي ، پرنسپل ڊاڪٽر عزيز قاسماڻي ۽ هائي اسڪول ۽ پي سي اسڪول جي هيڊ ماسترن تقريب کي خطاب ڪيو.
تقريب ۾ ايليمينٽري ڪاليج، هائي اسڪول ۽ پي سي پرائمري اسڪول جي شاگردن يومِ دفاع تي تقريرون ۽ ٽيبلوز ۽ ملي نغما پيش ڪيا.
مهمان خاص اي ڊي سي سڪندر علي رستماڻي خطاب ڪندي پرنسپال ڊاڪٽر عزيز قاسماڻي جو ڪاليج ۾ خوبصورت پروگرام ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ڪاليج جي ٻارن جون يوم دفاع تي ڪيل تقريرون ۽ ٽيبلوز تعريف لائق آهن . هن وڌيڪ چيو ته اسان جي بهادر فوج جي قربانين جي ڪري، اسان جو ملڪ ۽ اسان جو عوام محفوظ به آهي ۽ پنهنجون خوش آند سرگرميون ڪري رهيو آهي، ڪاليج ۾ بلڊنگ، سولر پلانٽ جي کوٽ کي جلد پورو ڪيو ويندو اوهان جون تعليمي سرگرميون ڏسي ساراھ ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان.
تقريب جي ٻئي مک مهمان پرنسپال ڊاڪٽر عزير قاسماڻي اي ڊي سي کي ڀليڪار ڪئي، ڊيٽرڪ، هاء اسڪول، پي سي اسڪول جي تعليمي سرگرمين جي واکاڻ ڪندي وڌيڪ چيو تعليم قيمتي زيور آهي، اڄ پاڪستان جديد تعليمي نظام ۾ وڏي ترقي ڪري رهيو آهي. 6 سيپٽمبر پاڪستان جي بقا جو ڏينھن آهي اسان جي پاڪ فوج جي بهادرن جي قربانين جي ڪري 1965 ۾ جنگ فتح ڪئي. اسان جي پاڪ فوج جي ڪري ئي دشمنن جي خراب ارادن کان محفوظ آهي.
هن وڌيڪ چيو اسان پنهنجي ڪاليج ۾ وزيوئل سرگرميون، پاڪستان جي فوج ۽ پاڪستان جي پرسنلٽيز تي جيڪي تقريب ۾ ملٽي ميڊيا اسڪرين تي پيش ڪيل وڊيوز انتهائي لاڀائتيون آهن. پاڪستان تعليمي سرگرمين ۽ فوج جي بهادري جي ڪري پوري دنيا ۾ نالو روشن آهي.
پرائمري اسڪول جي ٻارن جا پيش ڪيل ٽيبلوز، تقريرون ۽ اي ڊي، بي ايڊ آنرس جي جديد تعليمي تقاضا مطابق 6 سيپٽمبر تي انگريزي، اردو ۽ سنڌي زبانن ۾ گل احمد بروهي ، احمد علي بوزدار، عرفان لغاري، هاء اسڪول جي 6 ۽ 7 ڪلاس جي پرويز علي، حسنين علي اردو ۽ انگريزي ۾ تقريرون ڪري اسان جي ڪاليج جو مان مٿاهون ڪيو آهي.
تقريب ۾ اسسٽنٽ پروفيسر غلام محي الدين جمالي، ليڪچرر عبدالغفور، ليڪچرر غلام قادر ٻوڪ، پروفيسر اسلم راهي، شهباز زئونر (هيڊ ماستر هاء اسڪول)، رجب لغاري (هيڊ ماستر پي سي اسڪول) ۽ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن ڀرپور انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب جو اختتام سنڌ جي ڀلوڙ راڳي پروفيسر اسلم راهي ملي نغمو ڳائي ڪئي.
04/09/2025
دادو
گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مين دادو ۾ پروفيسر محمد وارٽ ٻوڪ جي شان ۾ الوداعي تقريب ٿي گذري،
پروفيسر محمد وارث ٻوڪ نوڪري جا سٺ سال پورا ڪري رٽائر ٿيو. استاد هڪ عظيم پيشو آهي جيڪو ڪڏھن به ريٽائر ناهي ٿيندو، پرنسپل عبدالعزيز قاسماڻي وڌيڪ چيو ته هي دنيان جيتري اسان ۽ اوهان کي خوبصورت ڏسڻ ۾ اچي ٿي اها خوبصورتي علم دوست استادن جي ڪري آهي، الوداعي تقريب کي مک مهان ڊاڪٽر عاشق حسين ميمڻ چيو ته وارث ٻوڪ سڄي زندگي تعليم کاتي کي ارپي آهي ان جون محنتون وسارڻ جهريون نه اهن، تقريب ۾ وارث ٻوڪ کي ڀيٽا پروفيسر خالد محمود، پروفيسر غلام محي الدين جمالي، شھزادو پنھور، قائم الدين سومرو ۽ ھارون ميمڻ سميت پوري ڪاليج جي اسٽاف پروفيسر محمد وارث ٻوڪ کي ڊاڪٽر عاشق ميمڻ سنڌ جي ثقافت پٽڪو ٻڌايو، اجرڪ ۽ لنگي تحفي ۾ ڏني ۽ مين ڪاليج جي پرنسپال سميت سڄي اسٽاف تحفا پيش ڪيا.
تقريب جي چيف گيسٽ ڊاڪٽر عاشق ميمڻ کي بہ تحفا پيش ڪيا ويا.
28/08/2025
دادو ضلعي جي تعليمي ادارن ۾ تحريري مقابلو۔
گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مين دادو ۾ 27 آگسٽ 2025 تي شهيد بينظير ڀٽو ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي، دادو جي پرو وائيس چانسلر، قابل احترام پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، اسان جي ڪاليج جو دورو ڪيو. ان دوري جو مقصد ڪاليج جي تعليمي ماحول ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هو.
پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ڪاليج جي ماحول جي تعريف ڪئي ، هن شاگردن کي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ترغيب ڏني ۽ IBA ڪميونٽي ڪاليج دادو پاران منعقد ٿيندڙ تحريري مقابلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
هن مقابلي ۾:
مضمون، ننڍي ڪهاڻي، ۽ شاعري شامل آهن.
مقابلي جا اهم تفصيل هيٺ ڏنل آهن:
موضوع:
بنيان المرصوص،
معرڪه حق،
۽
She Speaks: Voice of the Oppressed
تحريري مواد جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ: 29 آگسٽ 2025
تحريري ٽيسٽ جي تاريخ: 30 آگسٽ 2025، صبح 10:00 وڳي (ايم بي بي ايس ايس يو ڪيمپس دادو ۾)
ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽن جي تقسيم: 06 سيپٽمبر 2025
ڊاڪٽر عبد العزيز قاسماڻي پرنسپال گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مين دادو ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ شاگردن کي هن مقابلي ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو چيو ته جيئن هو پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو اظهار ڪري سگهن.
هي مقابلو انهن لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي تہ هو پنهنجي لکڻ جي صلاحيتن کي وڌائن.
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Culinary Team
Attire
Website
Address
Dadu
72300