گورنمينٽ پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع دادو جي صدر ۽ ايم پي اي بيرسٽر پير مجيب الحق صاحب پاران مستحق شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا.
دوري دوران پير صاحب لائبريري، ڪمپيوٽر ليب، ڪلاس رومن ۽ آڊيٽوريم هال جو معائنو ڪيو ۽ شاگردن کي بهتر تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپل شفيع محمد ميمڻ صاحب بيرسٽر پير مجيب الحق صاحب جا ٿورا مڃيندي چيو ته سندن مسلسل توجهه ۽ سهڪار سان ڪاليج جا شاگرد مختلف قانوني شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن.
تعليم جي فروغ، شاگردن جي ڀلائي ۽ روشن مستقبل لاءِ اهڙا قدم يقيناً ساراهه جوڳا آهن.
Govt PIB Law College Dadu
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Govt PIB Law College Dadu, Education, Dadu.
Affiliated with University of Sindh, Jamshoro
The Name of Quality Education
Admissions Open
LL.B (Hons) – 4-Year Degree Program
📞 Contact: 0315-3645054
Secure your future with a recognized law degree from a prestigious institution.
09/06/2026
گورنمينٽ پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو ۾ شاگردن جي ڀلائي لاءِ هڪ ساراهه جوڳو قدم
پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع دادو جي صدر ۽ معزز ايم پي اي محترم بيرسٽر پير مجيب الحق صاحب گورنمينٽ پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو جو دورو ڪري غريب ۽ مستحق شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا.
ان موقعي تي پير صاحب شاگردن سان ملاقات ڪئي، سندن تعليمي مسئلا ٻڌا ۽ ڪاليج ۾ موجود سهولتن، تعليمي معيار ۽ شاگردن جي ضرورتن بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪئي. هن شاگردن جي مستقبل ۽ تعليم سان پنهنجي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي يقين ڏياريو ته محنتي ۽ ضرورتمند شاگردن جي مدد لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو.
دوري دوران پير صاحب ڪاليج جي لائبريري، ڪمپيوٽر ليب، ڪلاس رومن، آڊيٽوريم هال ۽ ٻين تعليمي سهولتن جو معائنو ڪيو. هن لائبريري ۾ موجود قانوني ۽ تحقيقي ڪتابن کي ساراهيندي چيو ته معياري تعليم ۽ تحقيق لاءِ بهترين ڪتابن ۽ جديد سهولتن جي فراهمي انتهائي ضروري آهي.
بيرسٽر پير مجيب الحق صاحب چيو ته گورنمينٽ پير الاهي بخش لا ڪاليج جي شاگردن کي معياري قانوني تعليم فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ اداري جي وڌيڪ بهتري، ترقياتي ڪمن ۽ تعليمي سهولتن لاءِ حڪومت سنڌ کان گرانٽ حاصل ڪرڻ سميت هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
ڪاليج جي پرنسپل شفیع محمد ميمڻ صاحب پير مجيب الحق صاحب جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اوهان جي مسلسل توجهه ۽ ڪوششن سان پير الاهي بخش لا ڪاليج جا شاگرد تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جي شعبي سان گڏوگڏ جوڊيشري، پراسيڪيوشن ۽ قانون جي ٻين شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
شاگردن جي بهتر مستقبل، معياري تعليم ۽ تعليمي ادارن جي ترقي لاءِ اهڙا قدم نوجوان نسل لاءِ اميد، همت ۽ اڳتي وڌڻ جا نوان موقعا پيدا ڪن ٿا.
تعليم جي فروغ ۽ نوجوانن جي روشن مستقبل لاءِ هي قدم يقيناً قابلِ تعريف آهي۔
06/06/2026
گورنمينٽ پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو
📢 شاگردن لاءِ اهم اطلاع
يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو پاران جاري ڪيل سرڪيولر موجب ايل ايل بي (آنرز) سيڪنڊ سيمسٽر امتحانات 2025ع لاءِ آن لائن امتحاني فارم ڀرڻ ۽ امتحاني فيس جمع ڪرائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
تنهن ڪري گورنمينٽ پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو جي سمورن لاڳاپيل شاگردن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته:
✅ پنهنجي ڪاليج جي ٽيوشن فيس جلد از جلد جمع ڪرائين.
✅ يونيورسٽي پاران مقرر ڪيل شرح موجب امتحاني فيس جمع ڪرائين.
✅ امتحاني فارم مڪمل طور تي ڀري، گهربل دستاويزن سان گڏ ڪاليج آفيس ۾ جمع ڪرائين.
🕘 فارم وصول ڪرڻ جو وقت: صبح 9:00 وڳي کان منجهند 1:00 وڳي تائين
📅 آفيس جا ڏينهن: سومر کان جمعي تائين
ضروري نوٽ:
شاگردن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته ٽيوشن فيس جو چالان ذاتي طور بئنڪ ۾ جمع ڪرائي، ان جي اصل رسيد حاصل ڪري ڪاليج آفيس ۾ جمع ڪرائين. اصل رسيد کانسواءِ امتحاني فارم قبول نه ڪيو ويندو.
⚠️ امتحاني فارم مقرر وقت اندر جمع ڪرايا وڃن، ڇاڪاڻتہ آخري تاريخ گذرڻ کان پوءِ ڪو به فارم قبول نه ڪيو ويندو.
شفيع محمد ميمڻ، ASC
پرنسپال
گورنمينٽ پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو
گورنمنٹ پیر الٰہی بخش لا کالج دادو کی جانب سے
تمام طلبہ، اساتذہ، وکلاء برادری اور اہلِ وطن کو
عیدالاضحیٰ کی دل کی گہرائیوں سے مبارکباد۔
اللہ تعالیٰ آپ کی زندگی میں خوشیاں، کامیابیاں
اور امن و سلامتی عطا فرمائے۔
عید مبارک!”
27/05/2026
گورنمنٹ پیر الٰہی بخش لا کالج دادو میں
ٹیچر وکیل شہزاد چارن دورانِ کلاس طلبہ کی بہترین انداز میں رہنمائی کرتے ہوئے۔
انہوں نے طلبہ کو قانون کی تعلیم کے ساتھ ساتھ نظم و ضبط، محنت اور کامیابی کے اصولوں پر بھی تفصیل سے آگاہ کیا۔
ایک اچھا استاد صرف سبق نہیں پڑھاتا بلکہ طلبہ کی سوچ، کردار اور مستقبل کو بھی سنوارتا ہے۔
استاد وہ عظیم شخصیت ہوتا ہے جو اپنی محنت اور علم سے نئی نسل کو کامیابی کی راہ دکھاتا ہے۔
ایسے قابل اور مخلص اساتذہ کسی بھی معاشرے کی اصل طاقت اور روشن مستقبل کی ضمانت ہوتے ہیں۔ 📖🌟
18/05/2026
دادو گورنمينٽ پير الاھي بخش ڪاليج دادو ۾ بورڊ آف گورنرس لاءِ ڪاليجن جي چيئرمين، پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي صدر ۽ ايم پي اي دادو بيريسٽر پير مجيب الحق صاحب جي جنم ڏينهن جي خوشي ۾ سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو۔
ان موقعي تي پرنسپال شفيع محمد ميمڻ، وڪيل ڪوڙا خان ميمڻ، پير اسلم علي، وڪيل عمران احمد سولنگي، محترمه وڪيل زيبہ وگھيو، سينيئر اڳواڻ خان محمد جويو، شاگردن ۽ اسٽاف شرڪت ڪئي۔
تقريب دوران بيريسٽر پير مجيب الحق صاحب جي صحتمند، خوشحال ۽ ڪامياب زندگي لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون ويون۔
دادو ۾ تعليم جي واڌ، نوجوانن جي همٿ افزائي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ پير صاحب جون خدمتون اڄ به ماڻهن جي ياد ۾ موجود آهن، ۽ ان جا گواهه پاڻ دادو واسي آهن۔
Click here to claim your Sponsored Listing.