A Public Message From CEO Zindagi Development Organization
پيارا والدين!
اوھان کي ادب سان گذارش آھي تہ:
🔹
پنهنجي نياڻين کي ڪينسر کان بچاءَ لاءِ لڳندڙ انجيڪشن لازمي طور لڳرايو.
🔹
بي بنياد افواهن ۽ منفي ڳالھين ۾ نه اچو.
🔹
صحت جي معزز ادارن واضع طور تي ٻڌايو آھي تہ ھي انجيڪشن مڪمل طور محفوظ آھي ۽ ڪنھن به سائيڊ افيڪٽس کان پاڪ آھي.
🔹
پنھنجي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻايو ۽ کين ھن خطرناڪ بيماري کان بچايو.
اسان پاڻ به پنهنجي فيملي جي سڀني نياڻين کي ھي انجيڪشن لڳرائي چڪا آھيون، اوھان به ھن مهم ۾ حصو وٺو.
محمد بخش ڪورائي
چيئرمين زندگي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن دادو سنڌ
Zindagi institute of technical training dadu
هنري سکيا جو اعلي مرڪز
15/07/2025
سماجي تنظيم پلس پاران پنجن سالن جي خدمتن جي مڪمل ٿيڻ تي سالگرهه تقريب، زندگي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن دادو پاران ڪيڪ ڪٽيو ويو
دادو ۾ پاڪستان ليگل يونائيٽڊ سوسائٽي (PLUS) پاران سنڌ ۾ انساني خدمت ۽ مفت قانوني مدد جي پنج سالن جي مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي زندگي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن دادو پاران زندگي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنيڪل ٽرينگ سينٽر ۾ هڪ پروقار سالگرهه تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ تنظيم جي خدمتن کي ساراهيو ويو تقريب جا مهمان خاص زندگي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيئرمين محمد بخش کورائي هئا، جن سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو. ان موقعي تي عمران ڪورائي، مظفر سولنگي، علي گل سهاڳ، ڪوارڊينيٽر زندگي انسٽيٽيوٽ ڪامران ڪورائي، فرحان سولنگي، عرفان ڪورائي, جبران ڪورائي سميت ٻين صحافين ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي تقريب ۾ ٻڌايو ويو ته پلس تنظيم گذريل پنجن سالن دوران عورتن، ٻارڙن، معذورن ۽ قيدين سميت پسمنده طبقي کي قانوني شعور، انصاف ۽ بحالي جون سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. تنظيم هن وقت تائين 2,893 قانوني ڪيسن تي ڪم ڪيو آهي، جن مان 2,606 ڪيس ڪاميابي سان حل ڪيا ويا جڏهن ته 296 ڪيس اڃا زير التوا آهن شرڪت ڪندڙن ان موقعي تي عزم جو اظهار ڪيو ته زندگي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ پلس گڏجي دادو ۾ خواجه سرا جي حقن جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ لاء ڪوششون جاري رهنديون. تقريب ۾ ٻنهي ادارن سماجي بهبود، انساني حقن ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ گڏيل سهڪار جاري رکڻ جو عهد ڪيو.
07/07/2025
05/07/2025
شھيد ڪربلا جي عزادارن جي خدمت لاء ھر سال جيان هن ڀيري بہ تنظيم زندگي ڊيوليپمينٽ آرگنائزيشن دادو جي ٽيم شام غريبان وقت ميڊيڪل ڪئمپ تي پنهجون خدمتون سرانجام ڏيندي
10محرم الحرام 6 جولاء 2025 تي زندگي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران شامِ غريبان وقت نيو چونڪ نزد پوسٽ آفيس دادو عزادارن لاء فري ميڊيڪل ڪئمپ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.
16/05/2025
زندگي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنيڪل ٽرينگ سينٽر دادو جي نياڻين جي چار مھينن جي هنري ڪورس مڪمل ٿيڻ بعد ٽيڪنڪل بورڊ طرفان امتحان ٿيو ۽ امتحان پاس ڪندڙ نياڻين جا سرٽيفڪيٽ پھتا جيڪي سينٽر ۾ ھڪ ننڊڙي الوداعي تقريب منعقد ڪري نياڻين کي سرٽيفڪيٽ ڏئي الوداع ڪيو ويو، تقريب دوران چئيرمين زندگي ڊيوليپمينٽ آرگنائيزيشن محمد بخش ڪورائي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي
16/03/2025
دادو ۾ ايڪٽيو پرائوٽ انسٽيٽيوٽ سپيا پاران نئون اڪيڊمڪ سال، بينظير يوٿ پروگرام ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي غور
دادو: سينٽر يونين تعلقه دادو جي معزز مالڪن، پرنسپالن ۽ فوڪل پرسن جي اهم گڏجاڻي ليوز آرگنائيزيشن جي ڪانفرنس هال ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ نئين اڪيڊمڪ سال، بينظير يوٿ پروگرام ۽ ٻين اهم معاملن تي ويچار ونڊيا ويا. گڏجاڻي ۾ تعليم جي بهتري، شاگردن جي مستقبل، سرڪاري سهڪار سان هلندڙ اسڪيمز ۾ دير، بقاياجات ۽ وضيفن جي ادائگي تي به غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس جي شروعات ليوز آرگنائيزيشن جي چئرمين سيد شفقت علي ڪاظمي پاران مهمانن جي آجيان سان ڪئي وئي. بعد ۾ مختلف معزز شخصيتن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، جن ۾ نوبل سينٽر جي مالڪ محترم غلام مرتضيٰ ساند، ڊاڪٽر احسان پنھور، فاروق سومرو، سپيا ضلعي دادو جي صدر سجاد جمالي، خزانچي افضل جمالي، زندگي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جي پروگرام ڪوارڊينيٽر ڪامران ڪورائي، فاسٽ سينٽر جي مالڪ شبير صاحب، مجيد جمالي ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.
تعليمي ادارن جي مشڪلاتن ۽ هلندڙ سرڪاري ادائگين ۾ دير
اجلاس ۾ خاص طور تي ان ڳالهه تي ڌيان ڏنو ويو ته سرڪاري سهڪار سان هلندڙ تعليمي پروگرامن جي ادائگين ۾ دير ٿي رهي آهي، جنهن سبب شاگردن ۽ سينٽرن کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. خاص طور تي بينظير يوٿ پروگرام جي بقايا وضيفن، سينٽرز جي ادائگين ۽ نئين اڪيڊمڪ سال لاءِ ضروري سهولتن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. شرڪت ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هنن معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ته جيئن شاگردن جي تعليم متاثر نه ٿئي.
معياري تعليم لاءِ گڏيل عزم
گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تعليم جي بهتري لاءِ ليوز آرگنائيزيشن، سينٽر مالڪن ۽ تعليم سان جڙيل فردن جي گڏيل ڪوششون جاري رهنديون ۽ حڪومت کي به اپيل ڪئي وئي ته هو سهڪار سان هلندڙ پروگرامن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ ترت اپاءَ وٺي.
افطاري سان گڏجاڻي جو اختتام
اجلاس جي پڄاڻي تي معزز مهمانن جي مان ۾ افطاري جو بندوبست ڪيو ويو، جتي غير رسمي ماحول ۾ به تعليمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جاري رهي.
تعليم جي روشنيءَ کي جاري رکڻ لاءِ سڀني ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇو ته تعليمي نظام جي مضبوطي ئي معاشري جي ترقيءَ جي ضمانت آهي.
14/01/2025
خوشخبري
دادو ۾ پرائمري،سيڪينڊري ٻارڙن جي بهترين مستقبل لاءِ حڪومت کان منظور شده اداري زندگي ڊيوليپمينٽ جي زير نگراني زندگي ڪوچنگ ٽيوشن سينٽر جو آغاز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مناسب فيس ۾ يونيورسٽي مان اعلي تعليم حاصل ڪندڙ قابل استادن پاران نصابي ٽيوشن ۽ اسڪول پاران مليل هوم ورڪ سان گڏو گڏ ٻارڙن جي ذهني نشو نماءَ، تعليمي گيمز، ڪئرير ڪائونسلنگ سميت فرسٽ ايڊ ٽرينگز پڻ ڏنيون وينديون نياڻين جي لاء ليڊي ٽيچر ۽ ان کان علاوه بهترين پڙهائي جي ماحول سان گڏ هر وقت بجلي،صاف پاڻي ۽ سيڪيورٽي جون سهولتون پڻ موجود آهن
ايڊريس:
زندگي انسٽيٽيوٽ سونارا محلہ غريب آباد دادو
داخلا ۽ وڌيڪ معلومات لاءِ:
03172424762
06/10/2024
سنڌ پرائوٽ انسٽيٽوٽ ايسوسئيشن (سپيا) جو ضلع دادو ۾ چونڊ اجلاس زندگي انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنيڪل ٽرينگ سينٽر جي ڪوارڊينيٽر ڪامران ڪورائي کي ضلع دادو لاءِ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو
دادو ۾ سنڌ پرائوٽ انسٽيٽيوٽ ايسوسئيشن جي چونڊ حوالي سان اجلاس ڪوٺايو ويو اجلاس ۾ ضلع دادو جي مختلف تعلقن ميهڙ،خيرپورناٿن شاه جوهي سميت دادو جي خانگي انسٽيٽوٽ جي مالڪن ۽ ڪوارڊينيٽرز، پرنسپالز شرڪت کي اجلاس جي صدارت مرڪزي اڳواڻ هدايت الله سومرو ڪئي اجلاس ۾ دادو جي تنظيم سازي سان گڏ موجوده انسٽيٽوٽ جا رجسٽريشن بورڊ سميت حڪومتي سهڪار سان هلندڙ مختلف پراجيڪٽ سان لاڳاپيل سنيٽرن جي رهتن ۽ پارٽنرز جي بنا جواز بجيٽ ۾ رڪواٽ سميت مختلف ايجنڊائون رکيون ويون ۽ مرڪزي پيغام پهچايو ويو جنهن بعد سموري خانگي انسٽيٽوٽ جي مالڪن ۽ ڪوارڊيميٽرز ،پرنسپالز جي متفقہ راء سان ضلع دادو لاءِ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي جنهن ۾ جي ايم وڪيشنل ٽرينگ سينٽر جي اڳواڻ سجاد علي جمالي کي صدر ۽ زندگي انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنيڪل ٽرينگز جي ڪوارڊينيٽر ڪامران ڪورائي کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو جڏهن تہ غلام مرتضي ساند سينئر نائب صدر، سيد نثار احمد شاه جوائنٽ سيڪريٽري، غلام شبير سولنگي پريس سيڪريٽري ، افضل علي جمالي فينانس سيڪريٽري ۽ عبدالغفور کي آفيس سيڪريٽري چونڊيو ويو اجلاس ۾ مختلف پرائوٽ سينٽر جي اڳواڻن منظور احمد، ذولفقار علي ڀٽو،وسيم راجه،توفيق احمد سولنگي،محمد صادق سولنگي،عبدالغفور ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي چونڊيل عهديدارن کي مرڪزي هدايتن موجب ضلع دادو جي سموري پرائوٽ انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪري انهن جي تنظيم ۾ ميمبرسازي ڪري شامل ڪرڻ اولين ترجيح هوندي جنهن بعد هڪ شاندار ڪٺ جوڙائي هڪ اهم اجلاس ڪوٺايو ويندو ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ هدايت سومرو چيو ته ڪئترن ئي سالن کان پرائوٽ سينٽر تعليمي خدمتون ڏئي رهيا آهن جن ۾ ٽيڪنيڪل ۽ هنري سکيا جو سنڌ اندر اهم ڪردار آهي جنهن جي سکيا بعد نوجوانن کي روزگار قابل بڻايو وڃي ٿو هن تنظيم جي جوڙ جڪ جو مقصد سموري سنڌ ۾ هلندڙ خانگي سينٽرن سان در پيش مسئلا اعلي قيادت تائين پهچائي ان جو حل ڪڍڻ آهي ڪيترن ئي سالن کان سرڪار طرفان هلندڙ پروگرامن جا پارٽنر بڻيل سينٽرن جون بجئٽون مختلف غير قانوني جواز ڄاڻائي روڪيوب ويون آهن ان لاء هڪ آواز ٿي ڪري انهن مسئلن کي ليلگل قانوني طريقي سان حل ڪيو ويندو
03/10/2024
حلال احمر پاران دادو جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي پروگرام ۾ دادو جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻي عورتن کي سلائي جي سکيا ۽ ڪاروباري انتظام لاءِ زندگي انسٽيٽيوٽ آف ٽرينگ سينٽر ۾ سکيا جو عمل ڳوٺاڻي عورتن ترتيبي سلائي جي سکيا ۾ انچ ٽيپ تي ڪپڙن جي ڪٽائي جو عمل سکي ورتو حلال احمر طرفان آء ايف آر سي جي تعاون سان زندگي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنيڪل ٽرينگ سينٽر ۾ سکيا ڏني پئي وڃي جن جو ڳوٺن کان سينٽر ۽ سينٽر کان ڳوٺن تائين مفت پڪ ان ڊراپ سميت لنچ جي سهولت موجود رهي آهي
01/10/2024
حلال احمر پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي پروگرام ۾ دادو جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻي عورتن کي سلائي جي سکيا ۽ ڪاروباري انتظام لاءِ زندگي انسٽيٽيوٽ آف ٽرينگ سينٽر ۾ سکيا ڏيارڻ جو عمل شروع مختلف يونين ڪائونسل جي ڳوٺن مان تقريباء 50 عورتن کي حلال احمر طرفان آء ايف آر سي جي تعاون سان زندگي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنيڪل ٽرينگ سينٽر ۾ سکيا ڏني پئي وڃي
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Contact the school
Telephone
Website
Address
Dadu