Group Activity of Class 9th Students
Subject: Chemistry
Subject Teacher. Ayaz Latif Chavero
Topic. Students Identifying Molecule, Anion, Cation, Molecule Ion,and Free Radicals.
Govt.Campus High School Ladiun
+92346-2475896
10/04/2026
نئين سال جي داخلا :
گورنمينٽ ڪئمپس هاءِ اسڪول، لاڏيون ضلعو سجاول
علم جي روشني، روشن مستقبل جي ضمانت!
سمورن معزز والدين ۽ سرپرستن کي اطلاع ڏجي ٿو ته گورنمينٽ ڪئمپس هاءِ اسڪول لاڏيون ۾ نئين تعليمي سال جي پڙهائيءَ جو سلسلو باقائده شروع ٿي چڪو آهي.
اسان جي اسڪول جون خاصيتون:
معياري تعليم: تجربيڪار ۽ محنتي استادن جي نگرانيءَ ۾ بهترين تعليم.
بهترين ماحول: ٻارن جي ذهني ۽ اخلاقي واڌ ويجهه لاءِ سازگار تعليمي ماحول.
وقت جي پابندي: پڙهائيءَ جي عمل کي وقت سر شروع ڪرڻ لاءِ خاص ترجيح.
والدين کي گذارش:
توهان کي گذارش آهي ته پنهنجي ٻارن جو قيمتي وقت ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ کين جلد کان جلد اسڪول ۾ داخل ڪرايو، ته جيئن اهي وقت سر پنهنجي تعليمي سفر جو آغاز ڪري سگهن.
ياد رکو: اڄ جي محنت، سڀاڻي جي ڪاميابي آهي. پنهنجي ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪريو.
رابطي لاءِ:
توهان اسڪول جي وقت دوران اسڪول آفيس ۾ اچي پنهنجي ٻارن جي داخلا ڪرائي سگهو ٿا.
انتظاميا: گُل حسن مگسي
هيڊ ماسٽر
گورنمينٽ ڪئمپس هاءِ اسڪول، لاڏيون
رابطي لاء 03002972205
25/03/2026
ڪلاس نائين ، ڏهين جي سڀني شاگردن کي اطلاع ٿو ڪجي تہ ساليانا امتحان شروع ٿي رھيا آھن . پنهنجي اسڪول انتظاميه سان رابطي ۾ رهن جتان امتحان جون سلپون حاصل ڪري سگهن.
01/03/2026
سڀني والدين کي اطلاع آهي تہ سُڀاڻي کان ڪلاس چوٿين کان اٺين جا ساليانا امتحان شروع آھن پنهنجي ٻارن کي وقت تي اسڪول موڪليو.
هيڊ ماسٽر
گورنمينٽ ڪئمپس هاءِ اسڪول لاڏيون
14/02/2026
STEAM School Round 26
۾ پهريون انعام حاصل ڪندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا ويا جتي قابلِ احترام استادن ۽ معزز هيڊ ماسٽر صاحب پنهنجي هٿن سان ٻارن جي همت افزائي ڪئي.
هي صرف سرٽيفڪيٽ ورهائڻ نه هو هي محنت جي سڃاڻپ هئي, هي خوابن جي تصديق هئي.
هي ان ڳالهه جو اعلان هو ته اسان جا شاگرد روايتي تعليم تائين محدود نه پر عملي سکيا تحقيق ۽ تخليق جي دنيا ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن.
استادن جي رهنمائي هيڊ ماسٽر صاحب جي سرپرستي ۽ شاگردن جي انتھائي محنت گڏجي اهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن ماحول همٿ افزا هجي ته اسڪولن مان به سائنسدان، انجنيئر، محقق ۽ ليڊر پيدا ٿي سگهن ٿا.
اسان کي فخر آهي ته GCHS لاڏيون صرف پڙهائي نه پر سوچڻ، ٺاهڻ ۽ حل ڳولڻ سيکاري ٿو.
هي ڪاميابي سڀني استادن شاگردن والدين ۽ هيڊ ماسٽر جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. 💟
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Chuhar Jamali
73080