22/12/2025
فائونڊسيشن اسسٽڊ اسڪول جيسي جو پار تعلق ڏاهلي ضلع ٿرپارڪر
حڪومت سنڌ.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊسيشن جي سهڪار سان هلندڙ اداري پاران هڪ شاندار ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو جنھن ۾ مهمان خاص گهنور علي لغاري صاحب مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن شرڪت ڪئي ان سان گڏ پروفيسر عبدالرؤف سومرو پرنسپال ڳورئمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ.
ڊسٽرڪٽ هيڊ نريش ڪمار صاحب، سنجي مٿراڻي، منھوج ڪمار، پروفيسر عبدالڪريم نھڙي، پروفيسر سڪندر علي راھمون ، پروفيسر عبدالقادر، پروفيسر غلام علي، پروفيسر غلام رسول، جاحي شير محمد راھمون، جاحي قابل راھمون، عبدالخليق راھمون، گلشير راھمون، تعلق ڏاھلي جي سڀني آپريٽر ڳوٺاڻن، استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي محفل کي مان بخشيو. اسڪول جي شاگردن ثقافتي لباس پائي، تقريرون، ٽيبلوز شاعري، رقص ۽ ثقافتي ڪلام پيش ڪري سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي.
سائين گهنور علي لغاري صاحب خطاب ڪندي اسڪول جو ڪم ڏسي ڪري خوشي محسوس ڪئي اسڪول جي آپريٽر عبدالرزاق راھمون جي محنت کي خوب ساراھيو.
اسڪول آپريٽر عبدالرزاق راھمون سڀني مھمانن جو شڪريو ادا ڪندي پنهنجي اسڪول جي پرنسپال سائين علي بخش راھمون ، دليپ ڪمار، عبدالسبحان سميجو ۽ ٻين سڀني استادن کي ڪامياب پروگرام ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ خاص ڪري چيو ته آئون نھايت ئي شڪر گذار آهيان منهنجي سينيئر مير محمد راھمون ۽ امير حسن جو جن پر خلوص نيت سان پروگرام ۽ اداري کي ڪامياب ڪرڻ لاءَ وڏيون ڪوششون ڪيون