Indus Center Gaju Abad

Indus Center Gaju Abad Indus Center Gaju Abad

18/09/2025

Mr Imran Ali, class 2nd, giving a presentation on the usages of This, That, These, and Those.

16/08/2025

وڪيل امتياز علي رند.

16/08/2025

سينيئر ٽيچر سائين ارباب علي گجو.

16/08/2025

ينگ جنريشن صدر ڊاڪٽر امير بخش گجو يوم آزادي ڏينھن تي.

14 آگسٽ 2025ع تي پاڪستان جي آزاديءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان انڊس سينٽر گجو آباد ۾ هڪ شاندار پروگرام جو اهتمام ڪيو ويو، جن...
15/08/2025

14 آگسٽ 2025ع تي پاڪستان جي آزاديءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان انڊس سينٽر گجو آباد ۾ هڪ شاندار پروگرام جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ڳوٺ جي استادن، علماءَ ڪرام، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

پروگرام جي شروعات تلاوتِ ڪلامِ پاڪ سان ٿي، جنهن بعد شاگردن سُهڻين نعتن، قومي تقريرن، ملي نغمن ۽ ٽيبلاز ذريعي پنهنجي حب الوطني جذبي جو اظهار ڪيو. پروگرام دوران استادن ۽ علماءَ ڪرام پنهنجي خطابن ۾ پاڪستان جي آزادي، ان جي اهميت، ۽ وطن سان محبت تي روشني وڌي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن پڻ پاڪستان سان وفاداريءَ جو اظهار ڪندي، وطن جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعائون گهريون.

انڊس سينٽر گجو آباد پاران اهڙو قومي جذبي سان ڀرپور پروگرام يقيناً هڪ مثبت قدم آهي، جيڪو نوجوان نسل ۾ وطن سان محبت، اتحاد ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

*پاڪستان زنده باد!*

07/05/2025

انڊس سينٽر گجو آباد جي شاگردن پاران پاڪ فوج جي حق م ريلي ڪڍي وئي.

Alhamdulillah, the 3rd General Test was successfully conducted at Indus Center, Gaju Abad.
02/05/2025

Alhamdulillah, the 3rd General Test was successfully conducted at Indus Center, Gaju Abad.

Allahamdulillah second General test successful conducted at INDUS CENTER GAJU ABAD..
21/02/2025

Allahamdulillah second General test successful conducted at INDUS CENTER GAJU ABAD..

اڄ بتاريخ 27/12/2024 انڊس سينٽر گجو آباد ۾ پھرين آبجيڪٽو ٽيسٽ ورتي وئي، جيڪا تعليمي اداري ۾ نئون سنگ ميل ثابت ٿي. ان ٽيس...
27/12/2024

اڄ بتاريخ 27/12/2024 انڊس سينٽر گجو آباد ۾ پھرين آبجيڪٽو ٽيسٽ ورتي وئي، جيڪا تعليمي اداري ۾ نئون سنگ ميل ثابت ٿي. ان ٽيسٽ کي ڪاميابي سان ڪنڊڪٽ ڪرڻ ۾ انڊس سينٽر جي ٽيچر علي شير گجو جو اھم ڪردار آھي، جن پنھنجي قيادت ۾ ان پروگرام کي ترتيب ڏنو. سائين علي شير گجو نه صرف ٽيسٽ جي سوالن کي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، پر ان ٽيسٽ جي دوران شاگردن جي رھنمائي ۽ انھن جي حوصله افزائي فراهم ڪرڻ ۾ اھم ڪاميابي حاصل ڪئي.
ان کان علاوه انڊس سينٽر جي چيئرمين ھدايت الله گجو جي سرپرستي ۾ ھن ٽيسٽ جو انعقاد ھڪ شاندار نموني سان ڪيو ويو. ھدايت الله گجو جي خواب ۽ تعليمي نظام ۾ جدت لائڻ جي خواهش ھن پروگرام جي ڪاميابي لاءِ اھم ثابت ٿي.
ٽيسٽ جي دوران گورنمينٽ ھاءِ اسڪول چارنور جي سينيئر استاد جاويد حسين گجو، رٽائرڊ استاد محمد ايوب گجو، حاجي حمير گجو، علم الدين گجو، غلام شبير گجو، پڻ وزٽ ڪيو ۽ ٽيسٽ جي عمل ۽ شاگردن جي ڪارڪردگي کي ڏسي استادن ۽ انتظاميه جي محنت کي ساراهيو.
ھن ٽيسٽ جي ڪاميابي انڊس سينٽر جي استادن، انتظاميه، ۽ قيادت جي گڏيل محنت جو نتيجو آھي. علي شير گجو ۽ ھدايت الله گجو جي گڏيل ڪوششن سان ان ٽيسٽ ۾ شاگردن جي تعليمي سڌاري ۽ صلاحيتن کي پرکڻ جو ھڪ منفرد موقعو مليو. اسان انڊس سينٽر جي استادن ۽ انتظاميه کي ان شاندار پروگرام جي ڪاميابي تي دل سان مبارڪ باد پيش ڪريون ٿا ۽ اميد رکون ٿا تہ مستقبل ۾ پڻ اھڙن تعليمي قدمن سان شاگردن کي وڌيڪ ڪامياب بڻائڻ ۾ مدد ملندي......

Address

Village Charnore Gaju
Chachro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Indus Center Gaju Abad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share