PT Alf Dist:Tharparkar

PT Alf Dist:Tharparkar PT.Alf Dist: Tharparkar

پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اعجاز علي چانڊيو جي وال تان_________چارٽر آف ڊمانڊ جي منظوري ۽ احتجاجي تحريڪ جي تياري...
21/08/2026

پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اعجاز علي چانڊيو جي وال تان
_________
چارٽر آف ڊمانڊ جي منظوري ۽ احتجاجي تحريڪ جي تياري لاءِ رابطا مهم جو شيڊول.
------------------------------
پ. ٽ الف جي مرڪز طرفان سنڌ سرڪار کي ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ جي منظوري ۽ احتجاجي تحريڪ جي تياري لاءِ رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن جي ٻئين مرحلي ۾ حيدرآباد ڊويزن کا شروعات ڪئي وئي آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ ضلعي ورڪرز ڪنوينشن هيٺين شيڊول تحت طلب ڪيا ويا آهن
1.ضلعو دادو 27 آگسٽ بروز خميس صبح جو 11وڳي.
2. ضلعو مٽياري 28آگسٽ بروز جمع صبح جو 11وڳي.
3. ضلعو ٽنڊو الهيار 29آگسٽ صبح جو 11وڳي.
4. ضلعو بدين 30آگسٽ بروز آچر صبح جو 11 وڳي.
5. ضلعو سجاول 31آگسٽ بروز سومر صبح جو10 وڳي.
6. ضلعو ٺٽو 31 آگسٽ بروز سومر منجھند جو 2وڳي.
7. ضلعو ڄامشورو 01سيپٽمبر بروز اڱارو صبح جو 11وڳي.
8. ضلعو حيدرآباد 02سيپٽمبر بروز اربع صبح جو 11وڳي.
ورڪرز ڪنوينشن ۾ تعلقن جا عهديدار سندن ورڪنگ ڪاميٽي جا ميمبرس،ضلعي جا عهديدار، سوشل ايڪٽويسٽ ۽ متحرڪ ڪارڪن شرڪت ڪندا.
ورڪرز ڪنوينشن جي ھنڌ جو تعين ضلع صدر صاحبان ڪندا ۽ اھڙو اطلاع مرڪزي ڪابينه کي پڻ ڏيندا.
(اعجاز علي چانڊيو)
مرڪزي جنرل سيڪريٽري
پ. ٽ الف سنڌ.

ڪاٺي اطلاع لاءِ.
1. جناب ڊويزنل صدر پ.ٽ.الف حيدرآباد ڊويزن.
2. صدر پ ٽ الف ضلعو دادو/ضلعو مٽياري/ضلعو ٽنڊو الهيار/ضلعو بدين/ضلعو سجاول/ضلعو ٺٽو/ضلعو ڄامشورو/حيدرآباد.
3. ڪاپي روانگي فائيل

آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جي پهرين دستوري اجلاس جي ڪارروائي ۽ فيصلا.آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايس...
11/08/2026

آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جي پهرين دستوري اجلاس جي ڪارروائي ۽ فيصلا.

آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جو پهريون دستوري اجلاس تاريخ 09 آگسٽ 2026 تي پ. ٽ الف جي مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ مرڪزي صدر محترم غلام رسول مھر جي صدارت م ٿي گذريو.
اجلاس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن جي سعادت محترم محمد قائم سميجو (مرڪزي آفيس سيڪريٽري) کي نصيب ٿي. ان کان بعد مرحوم محترم لياقت علي ديدڙ (اڳوڻو جنرل سيڪريٽري پ ٽ الف سنڌ) جنهن جي تاريخ وفات 09 آگسٽ پڻ آهي، محترم قادر بخش طالباڻي (اڳوڻو مرڪزي صدر پ ٽ الف سنڌ)، محترم عبدالرحيم جتوئي (اڳوڻو مرڪزي صدر پ ٽ الف سنڌ)، محترم حاجي محمد ابراهيم جکراڻي (اڳوڻو مرڪزي صدر پ ٽ الف سنڌ)، محترم الهرکيو عمراڻي (اڳوڻو مرڪزي صدر پ ٽ الف سنڌ)، محترم جان محمد جمالي ( اڳوڻو مرڪزي صدر باني پ ٽ الف سنڌ)، سميت تمام گزاري ويل مرڪزي اڳواڻن جي مغفرت لاءِ دعا مغفرت گھري وئي.
اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ معزز عهديدارن
1. محترم غلام رسول مهر (مرڪزي صدر پ ٽ الف سنڌ)، 2. محترم محمد رفيق نظاماڻي (سينيئر نائب صدر پ ٽ الف سنڌ)، 3. محترمه رخسانه بلوچ (نائب صدر فيميل پ ٽ الف سنڌ)، 4. محترم اعجاز علي چانڊيو (جنرل سيڪريٽري پ ٽ الف سنڌ)، 5. محترم لعل محمد جانوري (ماليات سيڪريٽري پ ٽ الف سنڌ)، 6. محترم دين محمد مڱريو (انفارميشن سيڪريٽري پ ٽ الف سنڌ) 7. محترم عبدالجبار کوسو (صدر پ ٽ الف ضلع جيڪب آباد)، 8. محترم حبيب الرحمان ڇڄڙو (صدر پ ٽ الف ضلع قمبر شهداد ڪوٽ) 9. محترم علي احمد مڱڻ ( صدر پ ٽ الف ضلع حيدرآباد)، 10. محترم امتياز علي لنڊ (صدر پ ٽ الف ضلع دادو)، 11. محترم محمد بخش لغاري (سينيئر نائب صدر پ ٽ الف ضلع بدين)، 12. محترم پير بخش راڄڙ (صدر پ ٽ الف ضلع سانگھڙ)، 13. الهبچايو مهر (صدر پ ٽ الف ضلع ميرپور خاص)، 14. محترم علي اصغر ڏاهري (صدر پ ٽ الف ڊويزن شهيد بينظير آباد)، 15. محترم مختيار علي بلوچ ( صدر پ ٽ الف ضلع سکر) 16. محترم مير حسن مهر (صدر پ ٽ الف ضلع گھوٽڪي)، 17. محترم محمد ذڪريا ٻرڙو (صدر پ ٽ الف سکر ڊويزن، 18. محترمه امينه طاهر قمبراڻي (صدر پ ٽ الف ضلع ٽنڊو الهيار)، 19. محترم محمد عيسيٰ نهڙي (صدر پ ٽ الف مير پور خاص ڊويزن)، 20. محترم عبدالقادر ڪنڀر (صدر پ ٽ الف ضلع سجاول)، 21. اڪرام الحق آرائين (صدر پ ٽ الف ضلع عمر ڪوٽ)، 21. محترم محمد امين بلوچ (صدر پ ٽ الف ضلع سائوٿ ڪراچي)، 22. محترم عاطف علي مهر (صدر پ ٽ الف لاڙڪانه ڊويزن)، 23. محترم امان الله مهر (صدر پ ٽ الف ضلع شڪارپور)، 24. محترم محمد شريف تنيو (صدر پ ٽ الف ضلع ٺٽو)، 25. محترم نثار احمد ميمڻ (صدر پ ٽ الف حيدرآباد ڊويزن)، 26. محترم اشفاق احمد ڌامراهه (صدر پ ٽ الف ضلع لاڙڪاڻو)، 27. محترم گاجي خان خاصخيلي (صدر پ ٽ الف ضلع ڄامشورو). جڏهن ته محترم غازي خان جمالي ( جنرل سيڪريٽري پ ٽ الف ضلع دادو)، محترم محمد هاشم ڪاڪا (جنرل سيڪريٽري پ ٽ الڦ ضلع مٽياري)، محترم سيد حسن شاهه (جنرل سيڪريٽري پ ٽ الف ضلع بدين) پڻ مبصر طور شرڪت ڪئي.

اجلاس جي ايجنڊا وار ڪاروائي ۽ فيصلا هيٺ ڏجن ٿا.
ايجنڊا نمبر (1) مرڪزي ڪابينا جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي توثيق.
اجلاس ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پاران مرڪزي ڪابينا جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي پڙهي ٻڌائي وئي ۽ فيصلن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي.
معزز ايوان ڪارروائي جي منظوري ڏيندي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ مرڪزي قيادت کي پابند بڻايو.
ايجنڊا نمبر (2) چارٽر آف ڊمانڊ جي منظوري.
------------------------------
اجلاس ۾ ڏھ نڪاتي چارٽر آف ڊمانڊ جي منظوري ڏيندي هيٺان فيصلا ڪيا ويا.
1. چارٽر ڊمانڊ جون ڪاپيون واسظيدار اختيارين، خصوصن وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کي ڪورنگ ليٽر سان گڏ ٽن ڏينهن جي اندر جمع ڪرايون وڃن.
2. ليٽر ۾ کين 15 ڏينهن اندر چارٽر آف ڊمانڊ تي تفصيلي گڏجاڻي ڪرڻ لاءِ لکيو وڃي. ميٽنگ نه ٿيڻ جي صورت ۾ تحريڪ جو اعلان ڪيو وڃي.
3. چارٽر آف ڊمانڊ جي منظوري لاءِ عوامي رابطا مهم شروع ڪئي وڃي خاص ڪري ضلعن جي جنرل باڊين جا اجلاس ڪري تحريڪ جو هوم ورڪ مڪمل ڪيو وڃي.
4. ضلعن جي دورن جو شيڊول مرڪزي ڪابينا پاران ڏنو وڃي ۽ استادن کي تحريڪ لاءِ تيار ڪيو وڃي.
5. مطالبن جي تشهير لاءِ سوشل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت ذريعي ڀرپور مهم شروع ڪئي وڃي.

ايجنڊا نمبر ( 3) طالباڻي صاحب ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪرڻ.
------------------------------
فيصلو ڪيو ويو ته طالباڻي صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ آگسٽ جي آخري يا سيپٽمبر جي هفتي ۾ هڪ ڀرپور تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويندو، جنهن طالباڻي صاحب جي زندگي جي مختلف پهلوئن توڙي تنظيمي ۽ سياسي خدمتن تي روشني وڌي ويندي.

ايجنڊا نمبر ( 4) پ. ٽ الف جي پلاٽينيم جوبلي سالگره جي تقريبن جو انعقاد.
------------------------
فيصلو ڪيو ويو ته
1. نومبر مهيني کي پ. ٽ الف جي 75 هين سالگره (پلاٽينيم جوبلي) جو مهينو ڪري ملهايو ويندو.
2. پورو نومبر هر ضلعو ،ٽائون ۽ تعلقو پنهنجي سطح تي تقريبون منعقد ڪندو
3. جڏهن ته مرڪزي تقريب 28 نومبر 2026 تي حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي ويندي.
انهيءَ موقعي تي ڪنهن به هڪ سنڌي اخبار جو رنگين ايڊيشن پڌرو ڪرايو ويندو.
-----------------------------------------------------------------*---------------------------------------------------------------------------*-----
سنڌ جي پرائمري استادن جي بنيادي مسئلن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊ
-----------------------------------
آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جي پهرين دستوري گڏجاڻي (09 آگسٽ 2026) ۾ سنڌ جي پرائمري استادن جي بنيادي مسئلن تي مشتمل هيٺيون چارٽر آف ڊمانڊ ترتيب ڏنو ويو آهي. جيڪو سنڌ سرڪار آڏو منظوري لاءِ پيش ڪجي ٿو.

*مطالبا*
(1) سروس اسٽرڪچر
-------------------------------
موجوده ڪلسٽر پاليسي جي اطلاق ۽ پرائمري اسڪولن جي ايليمينٽري اسڪولن جي اپگريڊيشن کان پوءِ به جيڪڏهن سروس اسٽرڪچر ملي ٿو ته اهو ان جي فيض کي انتهائي محدود ڪرڻ ۽ پرائمري استادن لاءِ غير لاڀائتو هئڻ جي برابر هوندو.. ڇو ته سڀ وڏا اسڪول يا ته ايليمينٽري اسڪول طور اپگريڊ ڪيا ويا آهن يا وري ڪلسٽر حب جي ماتحت ڪري انھن جي حيثيت ختم ڪئي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ فقط اهي پرائمري اسڪول بچيا آهن جيڪي يا ته سنگل ٽيچر اسڪول آهن يا وري شيلٽر ليس اسڪول، جيڪي ٻهراڙين جي ريموٽ ايريا ۾ واقع آهن. انهيءَ ڳالھ کي عقل ئي تسليم نه ٿو ڪري ته فنانس ڊپارٽمينٽ اهڙن اسڪولن ۾ 30 هزار سينئر پرائمري اسڪول ٽيچر(سورهين گريڊ) ۽ 12 هزار هيڊ ٽيچر (سترهين گريڊ) جون پوسٽون منظور ڪندو. انهيءَ ڪري اسان جو مطالبو آهي ته.
1. پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪولن جي لاءِ علحده ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪري پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪول انهيءَ جي انتظام هيٺ ڏنا وڃن.
2. فقط سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪنڊري قائم ڪئي وڃي.
3. سروس اسٽرڪچر سمري ۾ اڳ ڄاڻايل پوسٽن جا Nomenclature تبديل ڪري ايليمينٽري اسڪولن ۾ پرائمري ٽيچر (B-14) ايليمينٽري اسڪول ٽيچر (B-16) ۽ ھيڊ ٽيچر) B17) طور ريڊزائين ڪري سروس اسٽرڪچر منظور ڪيو وڃي.
4. پرائمري استادن B-14 جا پروموشن سينئر PST بدران نئين پوسٽ EST تي ڪيا وڃن.
5. ايليمينٽري اسڪولن ۾ هيڊ ماستر پرائمري استادن مان پروموٽ ٿيل (EST) منجهان پروموٽ ڪري مقرر ڪيا وڃن.
6. سيڪنڊري اسڪولن ۾ اڳ ڀرتي ٿيل EST کي SST ۾ ڪنورٽ ڪري سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ پوسٽ ڪيو وڃي.

(2) تعليمي ڊگرين جي ويريفڪيشن.
----------------------------------
تازو سنڌ جي تعليم کاتي پاران کاتي جي ملازمن خصوصن سنڌ جي استادن جي تعليمي ڊگرين جي تصديقي عمل کي يڪسر رد ڪندي اهڙي فيصلي کي استادن خلاف هراسمينٽ جي سيريز جو حصو سمجهي ٿي، جڏهن ته استادن جي کاتي ۾ مقرري کان اڳ پهريائين سندن تعليمي ڊگريون تصديق ڪري پوء کين مقرري جو آرڊر ڏنو ويندو آهي. ٻيهر تصديقي عم شروع ڪرڻ سان هڪ طرف استادن جي تدريسي عمل کي متاثر ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف سنڌ جي تعليمي ۽ تدريسي عمل آڏو رڪاوٽ وڌي وڃي ٿي. انهي ڪري مطالبو ڪجي ٿو ته في الفور انهيءَ فيصلي کي واپس وٺي استادن ۽ ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
(3)ڪلسٽر پاليسي
---------------------------------
ڪلسٽر پاليسي کي مڪمل طور "پرائمري تعليم دشمن پاليسي"قرار ڏيندي رد ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته
1. پرائمري اسڪولن جي اصلوڪي سڃاڻپ برقرار رکندي سيڪنڊري اسڪولن جي هر قسم جي انتظام کان آزاد ڪيو وڃي.
2. موجوده متعارف ڪرايل ڪلسٽر پاليسي اختيارين جي هيٺين سطح تي منتقلي جي نالي ۾ سينٽرلائيزيشن جي پاليسي نافذ ڪئي وئي آهي
3. ڪلسٽر Hub ٺاهڻ ۾ بيشمار بد انتظاميون ڪيون ويون آهن. ڪٿي هڪ ڪلسٽر هب کي 30 اسڪول ڏنا ويا آهن ته ڪٿي وري فقط 3 اسڪول. ڪٿي 20 گريڊ جو سينئر پرنسپال 18 گريڊ جي هيڊ ماستر جي ماتحت ڏنو ويو آهي.

(4) غير منصفاڻيون بدليون
----------------------------
هر دفعي جڏهن به STR تحت بدليون ٿيون آهن انهن ۾ هيٺين سطح تي بيشمار بد انتظاميون واقع ٿيون آهن. جنهن ڪري هر دفعي انهن تي نظرثاني جي ضرورت محسوس ٿي آهي يا معاملا عدالت ڏانهن رجوع ٿيا آهن.
انهيءَ ڪري انهي جو واحد حل آهي ته ،
1. بدلين جو اختيار APT Rules مطابق واسطيدار آفيسرن جي حوالي ڪيا وڃن
2. بايو ميٽرڪ سسٽم ۾ تبديلي جو اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيو وڃي.
3. دنيا جي عالمي معيار موجب استادن ۽ شاگردن جو تناسب 20:1 يعني 20 شاگردن تي هڪ استاد مقرر ڪيو وڃي
4. پرائمري استادن ئجي بدلي تان پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ E-Transfer کان سواءِ Manuel طريقيڪار تحت بدلين جي اجازت ڏني وڃي.

(5) پرائمري استادن جا پروموشن
--------------------------------

پرائمري استادن جا پروموشن ڪافي سالن کان رڪيل آهن. 2018 ۾ جيڪي PST ۽ JEST گڏ ڀرتي ٿيا هئا، انهن مان JEST ته پروموشن وٺي HST/SST ٿي ويا آهن پر پرائمري استاد جيڪو 1995 ۾ ڀرتي ٿيو آهي اهو اڄ به پروموشن کان محروم آهي. انهيءَ ڪري اسان جي گذارش آهي ته سڀني ڊائريڪٽر صاحبان کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته آهي في الفور پرائمري استادن جا SST جي پوسٽ تي پروموشن ڪرڻ لاءِ DPC جو انعقاد ڪن.

(6)مقرري جي پهرين تاريخ کان ريگولر ڪرڻ.
--------------------------------
سال 2001 کان وٺي هن مهل تائين ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي مقرري جي پھرين تاريخ کان ريگولر ڪيو وڃي.
(7) چهري جي سڃاڻپ ذريعي حاضري.
پ. ٽ الف واحد استاد تنظيم آهي، جنهن استادن آنلائن حاضري کي ڀليڪار ڪندي سندس سسٽم جي غلطين جي نشاندهي ڪندي، ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون پڻ ڏيندي رهي آهي. ماضي جي ناڪام تجربن کان پوءِ وري حاضري جو هڪ نظام "چهري جي سڃاڻپ" متعارف ڪرايو پيو وڃي. جنهن ۾ استادن جي پگهار جي خودڪار ڪٽوتي تي سخت تحفظات آهن،جيڪي دور ڪيا وڃن. پ ٽ الف سنڌ، سنڌ سرڪار تعليم کاتي کان مطالبو ٿي ڪري ته چهري واري سڃاڻپ لاڳو ٿيڻ کان اڳ ۾ ڏورانهن علائقن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ استادن ۽ عورت استادياڻين کي سهولت وارن اسڪولن ۾ بدلي ڪري رکيو وڃي ته جيئن وقت تي ڊيوٽي سر انجام ڏئي سگھن، سرڪار پاران هن مسئلي تي جيڪڏهن غير سنجيده رويو اختيار ڪيو ته پ ٽ الف سنڌ چهري واري سڃاڻپ جي عمل جي بائڪاٽ جو حق رکي ٿي.

8.اسڪولن جي نئين اوقات ڪار متعلق تحفظات.
اسين سنڌ سرڪار پاران اسڪولن کي ڇنڇر جي موڪل جي عيوض روزاني تدريس جي دورانيي واري عمل کي غير منصفاڻو، غير منطقي ۽ ٻارن جي سکيا جي عمل تي منفي اثر وجهندڙ فيصلو سمجهون ٿا.
اسڪولن جي تدريس جو نئون شيڊول تضادن سان ڀريل آهي. انهيءَ ڪري اسين مطالبو ڪريون ٿا ته اسڪولن جا پراڻا اوقات ڪار بحال ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ هن عمل جو پڻ بائڪاٽ ڪيو ويندو.

(9) بايو ميٽرڪ سسٽم جي غلطين سبب واسطيدار ڊائريڪٽر صاحبان پاران استادن ۽ ملازمن کي ڏنل ڳرين ۽ غير منصفاڻي سزائن تي نظرثاني ڪئي وڃي. ياد رهي ته ڳريون سزائون آيل استادن پاران سيڪريٽري تعليم وٽ اپيلون جمع ٿيل آهن، انهن تي فيصلو ڏئي استادن جون سزائون ختم ڪري استادن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

(10) پرائمري اسڪول ٽيچرس جون پوسٽون جونيئر سائنس ٽيچرس (JST) ۾ تبديل ڪرڻ.
معلوم ٿيو آهي ته پرائمري اسڪول ٽيچرس (PSTs) جون ڏھ ھزار کان مٿي خالي ٿيل پوسٽن کي جونيئر سائنس ٽيچرس ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. جيڪو پرائمري تعليم توڙي استادن خلاف هڪ خطرناڪ سازش آهي.
اسين جونيئر سائنس ٽيچرس جي ڀرتين کي ويلڪم ڪريون ٿا پر انهن جي مقرري پرائمري استادن جي وجود کي ختم ڪرڻ سان هرگز نه جوڙيو وڃي. انهيءَ لاءِ نئين SNE منظور ڪرائي وڃي يا JESTs جي خالي ٿيل پوسٽن جي against ڀرتي ڪيو وڃي.
اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس استادن کي ريگيولر ڪري ريگيولر استادن واريون مراعتون ڏنيون وجن




(اعجاز علي چانڊيو)
مرڪزي جنرل سيڪريٽري
پ. ٽ الف سنڌ.
DM arbab
information Secretary PTAlf Tharparkar

آج وزیراعلیٰ سندھ نے سرکاری ملازمین کے لئے بڑی خوشخبری کا فیصلہ کیاسندھ کابینہ نے صوبائی سرکاری ملازمین کے لیے ریلیف پی...
23/07/2026

آج وزیراعلیٰ سندھ نے سرکاری ملازمین کے لئے بڑی خوشخبری کا فیصلہ کیا

سندھ کابینہ نے صوبائی سرکاری ملازمین کے لیے ریلیف پیکیج منظور ی دیدی

سندھ کابینہ نے گریڈ 1 تا 16 کے ملازمین کے لیے ڈیفرینشل الاؤنس 2026 کی منظوری دے دی

گریڈ 1 تا 16 کے ملازمین کو فریز شدہ بنیادی تنخواہ 2022 پر 2 فیصد ڈیفرینشل الاؤنس ملے گا

ڈیفرینشل الاؤنس کا اطلاق یکم جولائی 2026 سے ہوگا

سندھ کابینہ نے تمام صوبائی سرکاری ملازمین کے کنوینس الاؤنس میں 50 فیصد اضافہ منظور کر لیا

گریڈ 1 تا 4 کا کنوینس الاؤنس 1,785 سے بڑھا کر 2,678 روپے ماہانہ کر دیا گیا

گریڈ 5 تا 10 کا کنوینس الاؤنس 1,932 سے بڑھا کر 2,898 روپے ماہانہ مقرر

گریڈ 11 تا 15 کا کنوینس الاؤنس 2,856 سے بڑھا کر 4,284 روپے ماہانہ کر دیا گیا

گریڈ 16 اور اس سے اوپر کے ملازمین کا کنوینس الاؤنس 5,000 سے بڑھا کر 7,500 روپے ماہانہ کر دیا گیا

خصوصی افراد کے لیے اسپیشل کنوینس الاؤنس 6 ہزار سے بڑھا کر 10 ہزار روپے ماہانہ کر دیا گیا

سندھ کابینہ کے منظور کردہ تمام الاؤنسز یکم جولائی 2026 سے نافذ العمل ہوں گے

سندھ کابینہ نے ایگزیکٹو الاؤنس دینے کی تجویز منظور نہیں کی

پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ماما اعجاز علي چانڊيو جي وال تان ڪاپي_________پ ٽ الف سنڌ جي پهرين ۽ تعارفي ورڪنگ ڪام...
22/07/2026

پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ماما اعجاز علي چانڊيو جي وال تان ڪاپي
_________
پ ٽ الف سنڌ جي پهرين ۽ تعارفي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس جيڪو 26 جولائي تي رکيو ويو ھو ڪجھ ضلع صدر اترين علائقن ۾ سير تفريح لاء ويل ھجڻ ڪري ملتوي ڪري ھاڻي پ ٽ الف سنڌ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس 9 آگسٽ بروز آچر منجھند جو 2 بجہ پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي صدر محترم غلام رسول مهر صاحب جي صدارت ۾ مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ رکيو ويو آهي،جنھن ۾ معزز ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن کي پابند ڪجي ٿو ته اجلاس ۾ پنھنجي شرڪت کي يقيني بڻائين،جنھن اجلاس ۾ سنڌ جي پرائمري استادن جي مسئلن بابت چارٽر آف ڊمانڊ کي آخري شڪل ڏئي سنڌ سرڪار کي پيش ڪيو ويندو،جنھن لاء مرڪزي ڪابينه پاران تجويز ڪيل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪجي ٿو،ھن چارٽر آف ڊمانڊ ۾ وڌيڪ توسيع لاءِ معزز ميمبر صاحبان پاڻ سان تجويزون لکت ۾ آڻين جيڪي اجلاس ۾ پيش ڪن ته جيئن معزز ايوان جي منظوري بعد انھن تجويزن کي چارٽر آف ڊمانڊ ۾ شامل ڪري سگھجي.
سنڌ جي پرائمري استادن جي بنيادي مسئلن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊ
-----------------------------------
آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل مرڪزي باڊي جي پهرين دستوري گڏجاڻي (مورخہ 11 جولائي 2026) ۾ سنڌ جي پرائمري استادن جي بنيادي مسئلن تي مشتمل هيٺيون چارٽر آف ڊمانڊ ترتيب ڏنو ويو آهي. جيڪو سنڌ سرڪار آڏو منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

*مطالبا*
(1) تعليمي ڊگرين جي ويريفڪيشن.
----------------------------------
تازو سنڌ جي تعليم کاتي پاران کاتي جي ملازمن خصوصن سنڌ جي استادن جي تعليمي ڊگرين جي تصديقي عمل کي يڪسر رد ڪندي اهڙي فيصلي کي استادن خلاف هراسمينٽ جي سيريز جو حصو سمجهي ٿي، جڏهن ته استادن جي کاتي ۾ مقرري کان اڳ پهريائين سندن تعليمي ڊگريون تصديق ڪري پوء کين مقرري جو آرڊر ڏنو ويندو آهي. ٻيهر تصديقي عم شروع ڪرڻ سان هڪ طرف استادن جي تدريسي عمل کي متاثر ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف سنڌ جي تعليمي ۽ تدريسي عمل آڏو رڪاوٽ وڌي وڃي ٿي. انهي ڪري مطالبو ڪجي ٿو ته في الفور انهيءَ فيصلي کي واپس وٺي استادن ۽ ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
(2) سروس اسٽرڪچر
-------------------------------
موجوده ڪلسٽر پاليسي جي اطلاق ۽ پرائمري اسڪولن جي ايليمينٽري اسڪولن جي اپگريڊيشن کان پوءِ به جيڪڏهن سروس اسٽرڪچر ملي ٿو ته اهو ان جي فيض کي انتهائي محدود ڪرڻ ۽ پرائمري استادن لاءِ غير لاڀائتو هئڻ جي برابر هوندو.. ڇو ته سڀ وڏا اسڪول يا ته ايليمينٽري اسڪول طور اپگريڊ ڪيا ويا آهن يا وري ڪلسٽر حب جي ماتحت ڪري انھن جي حيثيت ختم ڪئي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ فقط اهي پرائمري اسڪول بچيا آهن جيڪي يا ته سنگل ٽيچر اسڪول آهن يا وري شيلٽر ليس اسڪول، جيڪي ٻهراڙين جي ريموٽ ايريا ۾ واقع آهن. انهيءَ ڳالھ کي عقل ئي تسليم نه ٿو ڪري ته فنانس ڊپارٽمينٽ اهڙن اسڪولن ۾ 30 هزار سينئر پرائمري اسڪول ٽيچر(سورهين گريڊ) ۽ 12 هزار هيڊ ٽيچر (سترهين گريڊ) جون پوسٽون منظور ڪندو. انهيءَ ڪري اسان جو مطالبو آهي ته.
1. پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪولن جي لاءِ علحده ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪري پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪول انهيءَ جي انتظام هيٺ ڏنا وڃن.
2. فقط سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪنڊري قائم ڪئي وڃي.
3. سروس اسٽرڪچر سمري ۾ اڳ ڄاڻايل پوسٽن جا Nomenclature تبديل ڪري ايليمينٽري اسڪولن ۾ پرائمري ٽيچر (B-14) ايليمينٽري اسڪول ٽيچر (B-16) ۽ ھيڊ ٽيچر) B17) طور ريڊزائين ڪري سروس اسٽرڪچر منظور ڪيو وڃي.
4. پرائمري استادن B-14 جا پروموشن سينئر PST بدران نئين پوسٽ EST تي ڪيا وڃن.
4. ايليمينٽري اسڪولن ۾ هيڊ ماستر پرائمري استادن مان پروموٽ ٿيل (EST) منجهان پروموٽ ڪري مقرر ڪيا وڃن.
5. سيڪنڊري اسڪولن ۾ اڳ ڀرتي ٿيل EST کي SST ۾ ڪنورٽ ڪري سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ پوسٽ ڪيو وڃي.

(3)ڪلسٽر پاليسي
---------------------------------
ڪلسٽر پاليسي کي مڪمل طور "پرائمري تعليم دشمن پاليسي"قرار ڏيندي رد ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته
1. پرائمري اسڪولن جي اصلوڪي سڃاڻپ برقرار رکندي سيڪنڊري اسڪولن جي هر قسم جي انتظام کان آزاد ڪيو وڃي.
2. موجوده متعارف ڪرايل ڪلسٽر پاليسي اختيارين جي هيٺين سطح تي منتقلي جي نالي ۾ سينٽرلائيزيشن جي پاليسي نافذ ڪئي وئي آهي
3. ڪلسٽر Hub ٺاهڻ ۾ بيشمار بد انتظاميون ڪيون ويون آهن. ڪٿي هڪ ڪلسٽر هب کي 30 اسڪول ڏنا ويا آهن ته ڪٿي وري فقط 3 اسڪول. ڪٿي 20 گريڊ جو سينئر پرنسپال 18 گريڊ جي هيڊ ماستر جي ماتحت ڏنو ويو آهي.
(4) غير منصفاڻيون بدليون
----------------------------
هر دفعي جڏهن به STR تحت بدليون ٿيون آهن انهن ۾ هيٺين سطح تي بيشمار بد انتظاميون واقع ٿيون آهن. جنهن ڪري هر دفعي انهن تي نظرثاني جي ضرورت محسوس ٿي آهي يا معاملا عدالت ڏانهن رجوع ٿيا آهن.
انهيءَ ڪري انهي جو واحد حل آهي ته ،
1. بدلين جو اختيار APT Rules مطابق واسطيدار آفيسرن جي حوالي ڪيا وڃن
2. بايو ميٽرڪ سسٽم ۾ تبديلي جو اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيو وڃي.
3. دنيا جي عالمي معيار موجب استادن ۽ شاگردن جو تناسب 20:1 يعني 20 شاگردن تي هڪ استاد مقرر ڪيو وڃي
4. پرائمري استادن جي بدلي تان پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ E-Transfer کان سواءِ Manuel طريقيڪار تحت بدلين جي اجازت ڏني وڃي.
(5) پرائمري استادن جا پروموشن
--------------------------------

پرائمري استادن جا پروموشن ڪافي سالن کان رڪيل آهن. 2018 ۾ جيڪي PST ۽ JEST گڏ ڀرتي ٿيا هئا، انهن مان JEST ته پروموشن وٺي HST/SST ٿي ويا آهن پر پرائمري استاد جيڪو 1995 ۾ ڀرتي ٿيو آهي اهو اڄ به پروموشن کان محروم آهي. انهيءَ ڪري اسان جي گذارش آهي ته سڀني ڊائريڪٽر صاحبان کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته آهي في الفور پرائمري استادن جا SST جي پوسٽ تي پروموشن ڪرڻ لاءِ DPC جو انعقاد ڪن.

(6)مقرري جي پهرين تاريخ کان ريگولر ڪرڻ.
--------------------------------
سال 2001 کان وٺي هن مهل تائين ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي مقرري جي پھرين تاريخ کان ريگولر ڪيو وڃي.

(7) چهري جي سڃاڻپ ذريعي حاشري.
-----------------------------
پ. ٽ الف واحد استاد تنظيم آهي، جنهن استادن آنلائن حاشري کي ڀليڪار ڪندي سندس سسٽم جي غلطين جي نشاندهي ڪندي، ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون پڻ ڏيندي رهي آهي. ماضي جي ناڪام تجربن کان پوءِ وري حاشري جو هڪ نظام "چهري جي سڃاڻپ" متعارف ڪرايو پيو وڃي. جنهن ۾ استادن جي پگهار جي خودڪار ڪٽوتي تي سخت تحفظات آهن،جيڪي دور ڪيا وڃن.
اعجاز علي چانڊيو جنرل سيڪريٽري پ ٽ الف سنڌ

حيدرآباد.حلف برداري مرڪزي ڪابينا پ ٽ الف سنڌپ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي ڪابينا جي تقريب حلف برداري دوران پ ٽ الف ميرپورخاص ڊويز...
22/07/2026

حيدرآباد.حلف برداري مرڪزي ڪابينا پ ٽ الف سنڌ

پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي ڪابينا جي تقريب حلف برداري دوران پ ٽ الف ميرپورخاص ڊويزن جو صدر محمد عیسٰی نهڙيو پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي صدر غلام رسول مهر جنرل سيڪريٽري اعجاز علي چانڊيو ء ميمبر ڪابينا قائم سميجو کي مارئي جي ملڪ ٿر جي لوئي جو تحفو پيش ڪندي ٻي پاسي پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي سينئر نائب صدر فيميل آپا رخسانہ بلوچ ۽ ڊاڪٽر سلمه جوڻيجو جي پوتي (چادر)پارائيندي.

حيدرآباد .پ ٽ الف سنڌپرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي حلف برداري ٿي گذري مرڪزي صدر غلام رسول مھر جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد چان...
21/07/2026

حيدرآباد .پ ٽ الف سنڌ
پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي حلف برداري ٿي گذري مرڪزي صدر غلام رسول مھر جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد چانڊيو سميت تمام ڪابينا کان چيئرمين اليڪشن ڪميشن غازي خان جمالي حلف ورتو مرڪزي صدر جنرل سيڪريٽري سميت تمام ڪابينا اھو وچن ڪيو ته انشاءالله استاد ڪاز استادن جا مسئلا اولين ترجيح ھوندي
ٿرپارڪر جي تمام استاد برادري طرفان مرڪزي قيادت جي تھ دل مبارڪ باد..

19/07/2026

پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر ڏيو.

ماما ھوتميرپورخاص ٿرپارڪر ۾ بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ اهم اجلاسپ ٽ الف ميرپورخاص ڊويزن جي صدر محمد عيسيٰ نهڙيو، پ ٽ الف...
16/07/2026

ماما ھوت
ميرپورخاص
ٿرپارڪر ۾ بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ اهم اجلاس
پ ٽ الف ميرپورخاص ڊويزن جي صدر محمد عيسيٰ نهڙيو، پ ٽ الف ضلع ٿرپارڪر جي صدر محمد اشرف نهڙيو، تعلقي اسلام ڪوٽ جي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري ميل) نور محمد جهنجهي، تعلقي ڏيپلي جي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري ميل) لال ڏنو راهمون، تعلقي ڪلوئي جي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري ميل) ارباب مجيب الرحمان ۽ تعلقي مٺي جي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري ميل) عطا محمد بجير ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن (پرائمري) ميرپورخاص جي آفيس ۾ اهم ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٿرپارڪر ضلعي ۾ بند پيل اسڪولن کي ٻيهر فعال بڻائڻ، تعليمي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻارن کي تعليم جي بنيادي حق جي فراهمي بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن آفيس ميرپورخاص پڻ ان سلسلي ۾ پنهنجا اهم تجويزون ۽ رهنمائي پيش ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته "پڙهندي سنڌ، وڌندي سنڌ" جي جذبي تحت هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ته ٿرپارڪر جهڙي پسمانده ضلعي ۾ ڪو به اسڪول بند نه رهي. تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي، ۽ ان حق جي تحفظ لاءِ گڏيل جدوجهد جاري رهندي، جيئن ضلعي جو هر ٻار معياري تعليم حاصل ڪري سگهي ۽ روشن مستقبل ڏانهن اڳتي وڌي سگهي.
تعليم جي واڌ ويجهه، بند اسڪولن جي بحالي ۽ ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ گڏيل قدم ئي اسان جي اولين ترجيح آهي.

حلف برداري پ ٽ الف سنڌ ٿرپارڪر سميت پوري سنڌ جي استاد برادري کي دعوت عرض رکجي ٿي پ ٽ الف زندہ باد استاد اتحاد پائنده باد...
15/07/2026

حلف برداري پ ٽ الف سنڌ
ٿرپارڪر سميت پوري سنڌ جي استاد برادري کي دعوت عرض رکجي ٿي
پ ٽ الف زندہ باد
استاد اتحاد پائنده باد
پاران محمد عيسا نھڙي صدر پ ٽ الف ميرپورخاص ڊويزن
محمد اشرف نھڙيو ضلع صدر پ ٽ الف ٿرپارڪر

Address

Talka Dahli Dist Tharparkar
Chachro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PT Alf Dist:Tharparkar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share