عشرہ مجالس عزا
تیسری مجلس عزا
استاد محترم آقائے سید حسین موسوی
بمقام: بھٹ شاہ ضلع مٹیاری
Ustad e Muhtram Syed Hussain Moosavi
Official page of Ustad Muhtram Syed Hussain Moosavi. He is well known Teacher, Scholar and Preacher of Islam.
Posts and Quotes of Ustad e Muhtram, and other Islamic Quotes.
خطبه 2
(نافع بن ازرق، ابن عباس کي چيو ته: اسان کي پنهنجي الله جي وصف ٻڌاءِ. جنهن جي تون عبادت ڪندو آهين. ابن عباس، الله جي عظمت جي خيال کان ڪنڌ کڻي جهڪايو. نافع بن ازرق، حسين عه وٽ آيو، پاڻ فرمايائون؛) اي نافع! جنهن ماڻهون پنهنجي دين جو بنياد قياس تي رکيو آهي اهو (گمراهي ۾) غوطا کائيندو رهندو. رستي تان ٿڙيل، ٽيڏائين ۾ مبتلا، سڌي راهه کان گمراهه ۽ بيڪار ڳالهيون ڪندو رهندو.
اي ابن ازرق، مان الله جي اها ئي وصف ٿو بيان ڪريان جنهن سان هن پاڻ کي موصوف ڪيو آهي. هو حواس ذريعي محسوس نٿو ڪري سگهجي. هن تي مخلوق جو قياس نٿو ڪري سگهجي. هو قريب آهي پر جسماني طور مليل ناهي. هو پري آهي پر جسماني طور جدا ناهي. هو واحد آهي پر هن جا حصا ناهن. هو نشانين ذريعي سڃاتل ۽ علامتن ذريعي وصف ٿيل آهي. هن عظيم ۽ اعلى کانسواءِ ڪو به الله ناهي.
اهو ٻڌي ازرق روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ڪهڙو نه سهڻو آهي اوهان جو بيان. پاڻ فرمايائون:
مون ٻڌو آهي ته تون مهنجي والد، منهنجي ڀاءُ ۽ مونکي ڪافر سمجهندو آهين. حسين عه جن فرمايو: “ مان تو کان هڪ مسئلو پڇان ٿو.” هن چيو “پڇو”.
پاڻ هي آيت تلاوت فرمايا.ون “ ۽ اها ڀت شهر جي ٻن يتيم ڇوڪرن جي هئي”.
پوءِ پاڻ پڇيائون: “اي ابن ازرق، اهو ڇوڪرن جو خيال ڪنهن جي حق سببان رکيو ويو.”
هن چيو: “ سندن والد سببان”
حسين عه پاڻ فرمايو: هنن جو ولاد افضل هيو يا رسول الله افضل هيو.
ابن ازرق چوڻ لڳو: توهان جي باري ۾ ئي الله تعالى ٻڌايو آهي ته “ بيشڪ هيءَ قوم وڏي بحث ڪندڙ آهي.”
(تاريخ ابن عساڪر)
عشرہ مجالس عزا
استاد محترم آقائے سید حسین موسوی
بمقام: بھٹ شاہ ضلع مٹیاری
خطبه 1
انسانو! انهن بيدين ماڻهن کان بچو جيڪي الله کي پاڻ جهڙو سمجهن ٿا ۽ اهل ڪتاب مان ڪافرن جهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا. الله اهو آهي جنهن جهڙي ڪابه شيءِ ناهي ۽ هو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. اکيون هن کي نٿيون ڏسي سگهن پر هو اکين کي ڏسي ٿو هو لطيف (ماديت کان پاڪ) ۽ باخبر آهي.
هيڪڙا ئي ۽ اقتدار هن پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي خواهش، ارادي ۽ قدرت کي استعمال ڪندڙ آهي ۽ هو ٿيندڙ ڳالهين جو علم رکي ٿو. حڪم ڏئي ٿو ته ڪو به سندس مدمقابل ناهي. نه ڪو سندس همسر آهي جيڪو برابري ڪري، نه ڪو رقيب جيڪو اختلاف ڪري نه ڪوسندس نظير آهي جيڪو هجن جهڙو بڻجي، نه ڪو سندس نمونو آهي جيڪو هن جي شبيه بڻجي.
نه هن ۾ تبديليون اچن ٿيون. نه هن جو حالتون بدلجن ٿيون. نه وري هن ۾ ڦيرڦار اچي ٿي. وصف بيان ڪندڙ هن جي عظمت جي حقيقت بيان ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن. نه ئي دلين کي هن جي قوت جو اندازو ٿي سگهي ٿو ڇو ته شين مان ڪا به هن جي همسر ناهي. هنکي نه ئي عالم پنهنجي عقلن ذريعي ۽ نه وري مفڪر پنهنجي سوچن وسيلي سمجهي ٿا سگهن. سواءِ ان جي ته بنا ڏٺي هن جي حقيقت جو يقين رکن. ڇو ته مخلوق وارين صفتن ذريعي هن جي وصف نٿي ٿي سگهجي. هو واحد ۽ بي نياز آهي.
وهم ۽ خيال جيڪو به تصور ڪن ٿا اهو الله ناهي. رب اهو نه آهي جيڪو مصيبت ۾ لاچار هجي. معبود اهو ناهي جيڪو هوا يا خلا ۾ موجود هجي.
قادر اهو ناهي جنهنجو مخالف موجود هجي يا جنهن جو ڪو همسر هجي.
هو نه زماني جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهي ۽ نه ئي مڪان جي حدن ۾ پابند. هو عقلن کان ايئن ئي پوشيده آهي جيئن اکين کان لڪل آهي. هو آسمان وارن کان به ايئن ئي حجاب ۾ آهي جيئن زمين وارن کان.
سندس قرب ۾ عزت آهي ۽ کائنس دوري توهين. هن لاءِ “ م” جو لفظ جائز ناهي نه وري “جڏهن” زريعي هن جو وقت مقررر ڪري ٿو سگهجي. نه هن جي وجود ۾ اگر جي گنجائش آهي. هن جي بلندي جسماني ناهي. هن جو متوجه ٿيڻ بغير منتقل ٿيڻ ذريعي آهي. هو عدم کي موجود ۽ موجود کي نابود ڪري ٿو. غير لاءِ اهي ٻئي صفتون ڪڏهن به جمع نٿيون ٿي سگهن. فڪر هن جي وجود تي ايمان رکي ٿو. اهڙو وجود جنهن تي ايمان ته رکي سگهجي ٿو پر وصف نٿي ڪري سگهجي. هن جي ذريعي صفتن جي وصف ٿئي ٿي. هن جي وصف صفتن ذريعي نٿي ٿي سگهجي. شيون هن جي ذريعي سڃاتيون وڃن ٿيون. هن کي شين ذريعي سڃاڻي نٿو سگهجي.
اهو آهي الله، جنهن جو ڪو به هم نام ناهي. هو هر عيب کان پاڪ آهي. هن جهڙي ڪا به شيءِ ناهي هو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.
( تحف العقول)
16/06/2026
مقصدِ امام حسينؑ، اهلِ بيتؑ جا ڪارناما
السلام عليڪم مؤمنينِ ڪرام!
محرم الحرام ۾ هڪ قيمتي تحفو پيشِ خدمت آهي:
📖 "مقصدِ امام حسينؑ، اهلِ بيتؑ جا ڪارناما"
✍️ مصنف: استادِ محترم سيد حسين موسوي
هي ڪتاب امام حسينؑ جي قيام جا مقصد، اهلِ بيتؑ جي قربانين، ڪربلا جي پيغام ۽ اسلامي تعليمات کي آسان ۽ مؤثر انداز ۾ بيان ڪري ٿو. عاشورا جي پيغام کي سمجهڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ لاءِ هڪ بهترين تحفو.
🎁 محرم الحرام جي خاص رعايتي آڇ
💰 اصل قيمت: 400 رپيا
✅ رعايتي قيمت: 300 رپيا
📉 25٪ رعايت
📞 رابطي لاءِ:
ماجد حسين
📱 0308-3200791
پنهنجي لاءِ ۽ دوستن، مومنين، ذاڪرين ۽ مجلسن جي لائبريرين لاءِ اڄ ئي حاصل ڪريو.
13/06/2026
ان شا اللہ
22/05/2026
عشره محرم الحرام 1448 / 2026@
سينٹر ۔ بھٹ شاہ
خطیب ۔ استاد محترم سید حسین موسوی صاحب
عنوان ۔ ولایت اور حکومت میں فرق