Govt High School Budho Qambrani, Matli District Badin

Govt High School Budho Qambrani, Matli District Badin Education for all.

🎉 سالگرهه جون دل سان واڌايون اسان جي معزز هيڊ ماستر سائين دلاور حسين ٽالپر صاحبسائين دلاور حسين ٽالپر جي محنت ۽ بهترين ا...
23/03/2026

🎉 سالگرهه جون دل سان واڌايون اسان جي معزز هيڊ ماستر سائين دلاور حسين ٽالپر صاحب

سائين دلاور حسين ٽالپر جي محنت ۽ بهترين اڳواڻي سان مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو، ۽ ڳوٺ جي اسڪول ۾ نوان قابل ۽ تعليم يافته استاد مقرر ٿيا۔ سندن اچڻ کان پوءِ اسڪول ۾ ڪلچر ڊي، يومِ آزادي ۽ تعليمي دورن جهڙيون بهترين سرگرميون شروع ٿيون، جنهن سان شاگردن ۾ نئون جذبو پيدا ٿيو۔
ان کان علاوه شاگردن لاءِ باقاعده يونيفارم، اسڪول جي عمارت جي رنگ و روغن ۽ نئون فرنيچر به مهيا ڪيو ويو، جنهن سان تعليمي ماحول وڌيڪ بهتر ٿيو۔
🌹 سالگرهه مبارڪ سائين! توهان اسان جا فخر آهيو۔
اظهار دائوداڻي

Farewell Party of sir Gamano Kolhi..
12/12/2025

Farewell Party of sir Gamano Kolhi..

12/12/2025

Farewell Speech of Sir Gamano Kolhi

12/12/2025

Funny Tablo Husband Wife.

12/12/2025

Funny Tablo Akhri Jalal performed by GBHS Budho Qambrani students.

12/12/2025

Culture Dance

Celebrated Sindhi Culture Day.  سنڌي ڪلچر ڊي وڏي جوش، جذبي ۽ خوش مزاجي سان ملهايو ويو.شاگردن ۽ استادن سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ ...
12/12/2025

Celebrated Sindhi Culture Day.

سنڌي ڪلچر ڊي وڏي جوش، جذبي ۽ خوش مزاجي سان ملهايو ويو.
شاگردن ۽ استادن سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ روايتي لباس پائي پنهنجي ثقافت سان محبت جو مثال قائم ڪيو.
رنگين پروگرامن، ثقافتي گيتن ۽ شاندار تقريبن سان اسڪول جو ماحول مڪمل طور تي سنڌي رنگ ۾ رڱجي ويو.

سنڌي ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي اڄ جو ڏينهن ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان پنهنجي تهذيب، ٻولي ۽ روايتن تي فخر ڪريون ٿا


پڙھندي سنڌ ته، ترقي ڪندي سنڌ جئي پاڪستان جئي سنڌ.گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ٻڍو  قمبراڻي جي انتھائي محنتي ۽ ھوشيار شاگردن...
08/12/2025

پڙھندي سنڌ ته، ترقي ڪندي سنڌ
جئي پاڪستان جئي سنڌ.

گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ٻڍو قمبراڻي جي انتھائي محنتي ۽ ھوشيار شاگردن جن اڄ تعلقا ليول تي ٿيندڙ لطيف شناسائي پروگرام ۾ ٿيل مقابلي ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ پيش ڪندي عبدالعزيز هاليپوٽو جنهن انگريزي ۾ تمام زبردست تقرير پيش ڪندي تعلقي ليول تي فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي ۽ تعلقا ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ماتلي شاھد راجپوت صاحب کان ايپريشيئٽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو ۽ ڊسٽرڪٽ ليول مقابلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.

محمد اصغر گهراڻو جنھن سنڌي ۾ زبردست جذباتي تقرير پيش ڪندي خوب داد حاصل ڪئي.

علي رضا شاه جنھن بيت بازي ۾ جوهر ڏيکاريا.
علي احمد هاليپوٽو جنهن سريلي آواز ۾ لطيف سائين جي شاندار وائي ٻڌائي پروگرام ۾ چار چنڊ لگائي ڇڏيو. ھي سڀ
تعليم سان چاهه رکندڙ پياري ھيڊ ماستر دلاور حسين ٽالپر صاحب، انتھائي محنتي استاد سائين اسدالله آرائين صاحب ۽ سموري تدريسي اسٽاف جي محنت جو نتيجو آهي.
اسان جو عزم پڙھندي سنڌ ت اگتي وڌندي سنڌ.

Address

UC Budho Qambarni
Badin
72200

Telephone

+923443221969

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Govt High School Budho Qambrani, Matli District Badin posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category