05/05/2026
1st Commemoration of Marka-E-Haq (2025)
*Pakistan Zindabad*
*Pak Forces Zindabad*
علم حاصل ڪريو پنگهي کان قبر تائين
05/05/2026
1st Commemoration of Marka-E-Haq (2025)
*Pakistan Zindabad*
*Pak Forces Zindabad*
Carrom Board Game
اسڪول داخلا مھم 27-2026
پڙھندي سنڌ - ته وڌندي سنڌ
داخلائون جاري آھن!
معزز والدين!
سرڪاري تعليمي ادارن تي يقين رکو ۽ پنھنجا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، اسان توهان جي ٻارن جي بھتر مستقبل جا ضامن آھيون.
پنهنجي ٻار کي داخل ڪرائڻ کانپوءِ ڪلاس جي استاد سان ضرور ملو ۽ ٻار بابت معلومات وٺندا رھو. سرڪاري ادارن ۾ ھن وقت بهترين استاد پنھنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندي معياري تعليم ڏئي رھيا آھن، انھن بھترين استادن مان فائدو وٺو.
اچو تہ پنھنجا ادارا سنڀاليون، ٻار پڙهايون، پنھنجو مستقبل سنواريون. ❤
پنھنجي گؙل جھڙن ٻارڙن جو مستقبل روشن بڻايو ۽ اڄ ئي پنھنجي ويجھي سرڪاري اسڪول ۾ داخلا ڪرايو. 🌹
ھيڊ ماستر
امتياز علي جوڻيجو
03332527990
انچارج (FA)
حبيب الله جوڻيجو
03133588375
01/04/2026
« گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ايگروول ڪالوني بدين »
•داخلائون جاري آهن•
» سينيئر ۽ تجربيڪار استاد
» مفت ڪتاب
» مفت تعليم
» ھفتي ۽ ماھوار ٽيسٽون
» راندين ذريعي سکيا
» پيئڻ جو صاف پاڻي
» بھترين ماحول ۽ ڪشاده ڪلاس روم
(اچو ته سڀ گڏجي پنهنجي گلن جھڙن ٻارڙن جو مستقبل سنواريون)
وڌيڪ رابطي لاءِ؛
حبيب الله جوڻيجو. 03133588375
انچارج (FA)
گورنمينٽ بوائز ايليمنٽري اسڪول ايگروول ڪالوني بدين جي پھرين ڪلاس جي شاگردن جي محنت کي اجاگر ڪرڻ لاء ھڪ ننڍڙي ڪوشش
17/12/2025
گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ايگروول ڪالوني بدين جي Terminal Examination 2025-26 جي پيپرن دوران سائين عبدالفتاح جوڻيجو تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري سيڪنڊري هائير سيڪنڊري ميل بدين سندس ٽيم سائين وقار احمد جوڻيجو HST، سائين نور حسن سومرو HM، سائين امتياز علي جوڻيجو ھيڊ ماستر گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ايگروول ڪالوني، سڪندر اعظم راهمون جن پيپرن متعلق بلاڪن جو جائزو ورتو ۽ شاگردن کان پڻ پيپرن بابت سوال ڪيا.
ان موقعي تي حبيب الله جوڻيجو فوڪل پرسن ميڊيا پرائمري ڊسٽرڪٽ بدين پڻ موجود
Celebrated a Culture Day in Government Boys Elementary School Agrovil Colony Badin
Reported By; Piyar Ali Talpur
G.One News
15/12/2025
اسڪول ۾ ٿيل ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان روزاني هلچل جي رپورٽ
ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان PSSB News جي رپورٽ
13/12/2025
سھڻا ماڻھو پيارا ماڻهو،
ٻيا ڀي ھزار، سنڌي ماڻهو،
پدرا لکن ۾، لکن ۾ سھڻا ماڻھو.
اڄ گورنميٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ايگروول ڪالوني بدين طرفان اسڪول ۾ ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان ھڪ بھترين پروگرام ٿي گذريو.
جنهن ۾ مختلف ڪلاسن جي شاگردن بھترين اندز ۾ تقريرون، شاعري ۽ گيت پڙھي محفل کي جهومايو ڇڏيو ۽ ان سان گڏوگڏ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا.
ھن خوشي جي موقعي تي استادن شاگردن سان گڏ خوب مزو ماڻيو ۽ لطف اندوز ٿيا.
پنھنجي خيالن جي اظهار ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر سائين امتياز علي جوڻيجو چيو ته اھڙي قسم جا پروگرام اسڪولن ۾ ضرور ٿيڻ کپن، جنھن ۾ شاگردن کي ثقافت بابت ٻڌايو ۽ سمجھايو وڃي.
آئون سڀني استادن ۽ شاگردن کي ثقافتي ڏينهن جون لاتعداد مبارڪون ڏيان ٿو، ان سان گڏوگڏ انھن استادن کي پڻ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جنھن تمام ٿوري عرصي ۾ اهڙو بھترين پروگرام منعقد ڪيو.
Today's Activity
Class : Four
Subject : Social Study
Topic; Globe and Map ( گلوب ۽ نقش )