The Naeem's Academy

The Naeem's Academy About Education

We are ready to welcome you, dear students.Just join us — Inshallah, you will feel a positive change in yourselves
15/04/2026

We are ready to welcome you, dear students.
Just join us — Inshallah, you will feel a positive change in yourselves

14/04/2026

Sir Nalle Mitho is conducting an engaging and informative science class on the
topic: Structure of the Human Eye.

13/04/2026

پيارا توفيق

شال اڃا بہ ڪاميابيون ماڻيو .

11/04/2026

منهنجو پيارو دوست، ننڍڙو ڀاءُ ۽ قابل شاگرد ڊاڪٽر اورنگ زيب ساريو اڄ اڪيڊمي جي شاگردياڻين کي ميڊيڪل فيلڊ ڏانهن آڻڻ لاءِ ه...
09/04/2026

منهنجو پيارو دوست، ننڍڙو ڀاءُ ۽ قابل شاگرد ڊاڪٽر اورنگ زيب ساريو اڄ اڪيڊمي جي شاگردياڻين کي ميڊيڪل فيلڊ ڏانهن آڻڻ لاءِ هڪ حوصلا افزا ۽ راهنمائي وارو سيشن پيش ڪيو. هن نهايت سادي ۽ آسان انداز ۾ شاگردياڻين کي ٻڌايو ته تياري ڪيئن ڪجي ۽ ڪٿان شروعات ڪجي، جيئن هو پنهنجي مقصد کي آساني سان حاصل ڪري سگهن.
بيشڪ، اڄ جي هن علمي ۽ ترغيبي سيشن شاگردياڻين جي دلين ۾ نئون جذبو ۽ شوق پيدا ڪيو هوندو، جيڪو کين پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏيندو.

02/04/2026

حسنين علي منگي، پُٽُ غلام مرتضيٰ منگي
ڪلاس: پنجون
مضمون: سائنس
ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ٻار کي صرف ماڻهن جي سامهون بي ڌڙڪ ڳالهائڻ سيکاريو، پوءِ هو پنهنجي زندگيءَ جي راهن تي پاڻ ئي همت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندو ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو.
تنهنڪري ضروري آهي ته اسان پنهنجن ٻارن جو حوصلو وڌايون، انهن جي همت افزائي ڪريون ۽ کين اهڙو اعتماد ڏيون، جيڪو سندن مستقبل کي روشن بڻائي سگهي

جيڪڏهن ڪنهن ٻوٽي جون پاڙون مضبوط هونديون آهن ته اهو ضرور جلدي ڦل ڏيندو آهي۔ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن ڪنهن ٻار جو بنياد مضبوط هج...
01/04/2026

جيڪڏهن ڪنهن ٻوٽي جون پاڙون مضبوط هونديون آهن ته اهو ضرور جلدي ڦل ڏيندو آهي۔
ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن ڪنهن ٻار جو بنياد مضبوط هجي — يعني بنيادي رياضي ۽ انگريزي تي پڪو هجي — ته هو آساني سان اڳتي وڌي پنهنجي منزل حاصل ڪري سگهي ٿو۔
بنيادي ڪلاسز جو باقاعده آغاز ٿي چڪو آهي۔
اچو اڄُ کان ئي پنهنجي ننڍڙن گلڙن جهڙن ٻارن کي داخلا ڏياريو، ۽ انهن جي روشن مستقبل کي سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو۔

 Ali Akbar Jogi Nalle Mitho Waseem Ali Abdull Raheem Mangi
28/03/2026


Ali Akbar Jogi
Nalle Mitho
Waseem Ali
Abdull Raheem Mangi

الاحمد اللہ ڪريم رب جا ڪروڙين ڪرم .محنت اتنی خاموشی سے کرو کہ کامیابی شور مچائےاسان جي ڪوشش هميشه اها رهي آهي ته اسان جو...
28/03/2026

الاحمد اللہ ڪريم رب جا ڪروڙين ڪرم .

محنت اتنی خاموشی سے کرو کہ کامیابی شور مچائے

اسان جي ڪوشش هميشه اها رهي آهي ته اسان جو عملي ڪم پاڻ ڳالهائي، ڇو ته لفظن کان وڌيڪ اثرائتو عمل هوندو آهي۔ اسان جي دل سان ڪيل محنت، سچائي ۽ لگن جو ثمر اڄ اوهان سڀني جي سامهون روشن حقيقت بڻجي بيٺو آهي۔
تازو ئي Sindh Education Foundation طرفان منعقد ڪيل اسڪالرشپ ٽيسٽ ۾ باڊهه شهر جي اڀرندڙ ستارن جيڪا شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، اها نه صرف فخر جو باعث آهي پر اسان جي محنت جي سچي سڃاڻپ پڻ آهي۔ انهن معصوم ذهنن جي محنت، جذبي ۽ حوصلي کي ڏسي دل بيحد خوشي سان ڀرجي وڃي ٿي۔
يقين ڪريو، جڏهن هڪ استاد پنهنجي شاگردن جي ڪاميابي ڏسي ٿو، ته اها خوشي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي۔ اهڙن لمحن ۾ اکين ۾ بي ساختا خوشيءَ جا لڙڪ اچي وڃن ٿا، جيڪي اصل ۾ ان جدوجهد، محبت ۽ محنت جي گواهي ڏين ٿا جيڪا ڏينهن رات شاگردن جي بهتري لاءِ ڪئي وڃي ٿي۔
اسان سڀني پيارن شاگردن جي والدين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، ڇو ته اوهان جي سهڪار، اعتماد ۽ حوصلا افزائي کان سواءِ اها ڪاميابي ممڪن نه هئي۔ اوهان جا ٻار اسان جو فخر آهن ۽ انهن جو روشن مستقبل اسان جي دعا ۽ ڪوششن جو مرڪز آهي۔
اسان دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ اوهان جي ٻچڙن کي علم، اخلاق ۽ ڪاميابيءَ سان مالا مال ڪري، ۽ انهن کي زندگيءَ جي هر ميدان ۾ سرخرو ڪري۔
اوھان جو پنهنجو،
شاگردن جو خدمتگار
نعيم علي مسڻ ۽ سندس ٽيم
نوٽ:- چار شاگردن جي رزلٽ اڃا رهيل آهي Email جي ڪوڊ نہ ھئڻ ڪري اُهي بہ يقيناً High score سان ڪامياب آهن انشاء الله
باڊھ واسيو مبارڪون .

Address

Sallah Public School Badah Near Pir Taqi Shah
Badah
77010

Telephone

+923433419578

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when The Naeem's Academy posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to The Naeem's Academy:

Shortcuts

Share

Category