06/09/2026
الحمدُ لله ربِ العالمين
چوندا آهن:
"هڪ مرد پڙهيو ته هڪ فرد پڙهيو،
هڪ عورت پڙهي ته پورو خاندان پڙهيو."
هي رڳو چوڻي ناهي، پر هڪ اهڙي حقيقت آهي، جيڪا سماج جي مستقبل سان جڙيل آهي.
نياڻي پڙهي ٿي ته رڳو هڪ ڇوڪري تعليم يافته نٿي ٿئي، پر هڪ ماءُ، هڪ خاندان ۽ ايندڙ نسلن جي تربيت جو بنياد مضبوط ٿئي ٿو. نياڻيءَ جي هٿ ۾ ڪتاب ڏسڻ، حقيقت ۾ هڪ روشن مستقبل جي تصوير ڏسڻ آهي.
الحمدلله، جولاءِ مهيني ۾ سنڌ حڪومت طرفان ٻن سالن جي ڊپلوما پروگرام لاءِ اسڪالرشپ جو موقعو فراهم ڪيو ويو، جنهن تحت ٻن سالن جي مفت تعليم سان گڏ کاڌو، رهائش ۽ هر مهيني 18,000 رپين جو وظيفو پڻ ڏنو ويندو.
اسان جي اڪيڊمي لاءِ اها انتهائي خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته 7 نياڻين هن اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪيو، جن مان 5 نياڻين کي انٽرويو لاءِ ڪال اچي چڪي آهي، جڏهن ته باقي 2 نياڻيون ويٽنگ ۾ آهن. اميد آهي ته انهن ڏانهن به جلد خوشخبريءَ جي ڪال ايندي، ان شاءَالله.
📚 ٽيسٽ جو سليبس:
ٽيسٽ هيٺ ڏنل مضمونن تي مشتمل هئي:
English
Physics
Chemistry
Biology
General Knowledge (GK)
ڇوڪرن کي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا نسبتاً وڌيڪ ملن ٿا، پر ڪيترين ئي نياڻين کي اڃا به موقعن جي ضرورت آهي. تنهنڪري اچو ته نياڻين جي رستي ۾ رڪاوٽ نه، سندن سفر جا ساٿي بڻجون.
انهن کي پڙهڻ ڏيون، خواب ڏسڻ ڏيون، اڳتي وڌڻ ڏيون؛
ڇو ته خودمختيار ۽ تعليم يافته نياڻي ڪنهن خاندان تي بار نه، پر خاندان جي طاقت هوندي آهي.
اڄ منهنجي دل فخر سان چوي ٿي ته هي نياڻيون صرف منهنجي اڪيڊمي جون شاگردياڻيون نه، منهنجيون ڌيئرون آهن. ❤️
🌹 ٽيسٽ ڪواليفاءِ ڪندڙ منهنجون ڌيئرون:
سنڌو — ڌيءُ ذوالفقار مسڻ
انم — ڌيءُ عجيب احمد مسڻ
پرهه — ڌيءُ بهادر مسڻ
طاهره — ڌيءُ علي اصغر ڍڪڻ
مهرالنساءِ — ڌيءُ ارباب علي ڏهوٽ
انهن نياڻين جي ڪاميابي انهن جي والدين، استادن ۽ پوري اڪيڊمي لاءِ فخر جو لمحو آهي.
دعا آهي ته رب پاڪ انهن نياڻين کي علم، عزت، همت ۽ ڪاميابي عطا فرمائي، سندن خوابن کي حقيقت بڻائي ۽ کين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين. 🤲
نياڻيءَ کي تعليم ڏيو،
سندس خوابن کي پر ڏيو،
ڇو ته اڄ جي پڙهيل نياڻي،
سڀاڻي جي روشن نسل جي معمار آهي. 🌷
— The Naeem's Academy Badah