30/04/2026
اسٽيپ اپ اڪيڊمي باڊھ هڪ اُميد جي ڪرڻي جو نالو آهي جنهن ٿورڙي ئي وقت ۾ هر ڏَسا روشني روشني ڪري ڇڏي آهي. اُها روشني تعليم جي آهي ۽ اُنهيءَ روشنيءَ جا سفير اسٽيپ اپ اڪيڊمي جا مانوارا استاد آهن جن جي رهنمائيءَ هيٺ هلندڙ هن اڪيڊميءَ ۾ ڇهين درجي کان ٻارهين درجي تائين طبيعات(فزڪس) ، ڪيميا(ڪيميسٽري)، حياتيات(بايولاجي) ، رياضي ، انگريزي ۽ جنرل سائنس جهڙن اهم مضمونن جي ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. مان سمجهان ٿو ته تعليم ئي اهڙو حساس موضوع آهي جنهن کي وڌ کان وڌ ڦهلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن شعور جا ڏاڪا اُڪري مستقبل جا معمار اُن اوچي آماجگاهہ تي پهچن جنهن لاءِ ايلن بلوم چيو :
“Education is the movement from darkness to light.”
اسان سڀئي تعليم-دوستَ پراميد آهيون. هڪڙي ڏهاڙي اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب وينداسين.
نوٽ :
سومر جي ڏينهن 4 مئي کان ڪلاس شروع ٿي رهيا آهن. اوهان ضرور اچو ، ٻين کي ٻُڌايو ۽ ايئن تعليم عام ڪيو.