Step Up Academy Badah

Call

Step Up Academy Badah Step Up Academy is a prestigious educational institute based in Badah. It aspires to educate everyone

🏆✨STEP UP ACADEMY BADAH ✨🏆جہاں محنت کو سمت، صلاحیت کو پرواز اور خوابوں کو منزل ملتی ہے🎓 RESULT ANNOUNCEMENT1st GRAND TES...
20/09/2026

🏆✨STEP UP ACADEMY BADAH ✨🏆

جہاں محنت کو سمت، صلاحیت کو پرواز اور خوابوں کو منزل ملتی ہے

🎓 RESULT ANNOUNCEMENT

1st GRAND TEST

We are proud to announce the results of our 1st Grand Test, conducted for students from Classes 6 to 12. 📚

This achievement reflects the hard work, dedication, and commitment of our students, along with the continuous efforts of our teachers.

The students who secured the top positions had honored with awards in recognition of their outstanding performance. 🏅👏

Every result is not just a number — it is a reflection of effort, progress, and determination.

💙 Congratulations to all our students!
Your journey toward excellence has only just begun.


🏆 STEP UP ACADEMY BADAH 🏆" پھرين گرانڊ ٽيسٽ -ڪاميابي جي طرف ھڪ بھترين قدم" 📚✨ FIRST GRAND TEST 2026 ✨We are proud to ann...
11/09/2026

🏆 STEP UP ACADEMY BADAH 🏆
" پھرين گرانڊ ٽيسٽ -ڪاميابي جي طرف ھڪ بھترين قدم" 📚

✨ FIRST GRAND TEST 2026 ✨

We are proud to announce the successful completion of the First Grand Test at Step Up Academy Badah. Students from Class 6th to 12th, including 1st Year & 2nd Year Pre-Medical and Pre-Engineering, participated with enthusiasm, confidence, and a strong spirit of competition.

This Grand Test was more than just an examination—it was a platform for students to evaluate their preparation, build confidence, recognize their potential, and take another meaningful step towards academic excellence.

📖 “Great achievements begin with small steps, consistent effort, and the courage to keep learning.”

🌟 “Test your knowledge today, improve your skills tomorrow, and build your success for the future.”


* اسٽيپ اَپ اڪيڊمي باڊھ — علم، اميد ۽ ڪاميابيءَ جو سفر* اسٽيپ اَپ اڪيڊمي باڊھ رڳو هڪ تعليمي ادارو نه، پر علم جي روشني، ا...
31/08/2026

* اسٽيپ اَپ اڪيڊمي باڊھ — علم، اميد ۽ ڪاميابيءَ جو سفر*
اسٽيپ اَپ اڪيڊمي باڊھ رڳو هڪ تعليمي ادارو نه، پر علم جي روشني، اميد ۽ روشن مستقبل جو نالو آهي. ٿوري ئي عرصي ۾ اڪيڊمي پنهنجي معياري تدريس، محنتي استادن ۽ شاگردن جي شاندار رهنمائيءَ وسيلي تعليم جي ميدان ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي آهي.
اسان جو مقصد صرف ڪتابي علم تائين محدود ناهي؛ اسان چاهيون ٿا ته هر شاگرد ۾ سمجهه، خوداعتمادي، تخليقي سوچ ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿئي. ڇو ته اسان جو يقين آهي ته هڪ بهترين استاد صرف سبق نٿو پڙهائي، پر شاگرد جي اندر موجود صلاحيتن کي اجاگر ڪري کيس ڪاميابيءَ جي راهه ڏيکاري ٿو.
اسٽيپ اَپ اڪيڊمي باڊھ ۾ ڇهين کان ٻارهين درجي تائين شاگردن کي اهم مضمونن، جهڙوڪ:
📘 Physics — فزڪس
🧪 Chemistry — ڪيميسٽري
🧬 Biology — بايولاجي
📐 Mathematics — رياضي
📖 English — انگريزي
🔬 General Science — جنرل سائنس
جي معياري ۽ منظم انداز ۾ تدريس فراهم ڪئي وڃي ٿي.
اسان جي قابل ۽ مخلص استادن جي رهنمائيءَ هيٺ شاگردن کي صرف امتحانن لاءِ نه، پر زندگيءَ جي وڏن مقصدن لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو.
اسان جو يقين آهي:
*“Education is the only agent of real change. ”*

*"Only Education can change your destiny."*
تعليم اها روشني آهي، جيڪا اڻڄاڻائيءَ جي اونداهي کي ختم ڪري شعور، سوچ ۽ ڪاميابيءَ جا نوان دروازا کولي ٿي.
اچو ته گڏجي اهڙو تعليمي ماحول پيدا ڪريون، جتي هر ٻار خواب ڏسي، محنت ڪري ۽ پنهنجي خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري.
اسٽيپ اَپ اڪيڊمي باڊھ —
جتان علم جو سفر شروع ٿئي ٿو،
۽ ڪاميابيءَ جا ڏاڪا اڳتي وڌن ٿا. 🌱📚✨

مهڪ محمد امين ڪولاچي جي ڪاميابي نه صرف سندس ذاتي محنت جو نتيجو آهي، پر اها اسٽپ اپ اڪيڊمي جي استادن جي بي لوث محنت، رهنم...
06/06/2026

مهڪ محمد امين ڪولاچي جي ڪاميابي نه صرف سندس ذاتي محنت جو نتيجو آهي، پر اها اسٽپ اپ اڪيڊمي جي استادن جي بي لوث محنت، رهنمائي ۽ تعليمي جذبي جو به روشن مثال آهي. مهڪ محمد امين ڪولاچي جي MUET SZAB ڪيمپس خيرپور ۾ اليڪٽريڪل انجنئرنگ جي شعبي ۾ داخلا ٿيڻ سندس علمي قابليت ۽ مستقل مزاجي جو ثبوت آهي. هن ڪاميابي جي پويان اسٽپ اپ اڪيڊمي جي استادن جي محنت شامل آهي، جنهن شاگردن کي نه رڳو نصابي تعليم ڏني پر انهن جي اعتماد، فڪري صلاحيتن ۽ مقابلي واري جذبي کي پڻ نکاريو. مهڪ جي هن شاندار ڪاميابي تي سندس والدين سندس استادن ۽ سمورن خيرخواهن کي فخر آهي. اها ڪاميابي ٻين شاگردن لاءِ پڻ هڪ روشن مثال آهي ته محنت ۽ لگن سان هر منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. اسان مهڪ محمد امين ڪولاچي کي هن ڪاميابي تي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪريون ٿا ۽ سندس روشن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريون ٿا.

اسٽيپ اپ اڪيڊمي باڊھ هڪ اُميد جي ڪرڻي جو نالو آهي جنهن ٿورڙي ئي وقت ۾ هر ڏَسا روشني روشني ڪري ڇڏي آهي. اُها روشني تعليم ...
30/04/2026

اسٽيپ اپ اڪيڊمي باڊھ هڪ اُميد جي ڪرڻي جو نالو آهي جنهن ٿورڙي ئي وقت ۾ هر ڏَسا روشني روشني ڪري ڇڏي آهي. اُها روشني تعليم جي آهي ۽ اُنهيءَ روشنيءَ جا سفير اسٽيپ اپ اڪيڊمي جا مانوارا استاد آهن جن جي رهنمائيءَ هيٺ هلندڙ هن اڪيڊميءَ ۾ ڇهين درجي کان ٻارهين درجي تائين طبيعات(فزڪس) ، ڪيميا(ڪيميسٽري)، حياتيات(بايولاجي) ، رياضي ، انگريزي ۽ جنرل سائنس جهڙن اهم مضمونن جي ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. مان سمجهان ٿو ته تعليم ئي اهڙو حساس موضوع آهي جنهن کي وڌ کان وڌ ڦهلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن شعور جا ڏاڪا اُڪري مستقبل جا معمار اُن اوچي آماجگاهہ تي پهچن جنهن لاءِ ايلن بلوم چيو :
“Education is the movement from darkness to light.”
اسان سڀئي تعليم-دوستَ پراميد آهيون. هڪڙي ڏهاڙي اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب وينداسين.

نوٽ :
سومر جي ڏينهن 4 مئي کان ڪلاس شروع ٿي رهيا آهن. اوهان ضرور اچو ، ٻين کي ٻُڌايو ۽ ايئن تعليم عام ڪيو.

نئين سال جي پھرين خوشي.... اسان جي اڪيڊميءَ جي ھونھار شاگرد حماداللّه بروھي جي خيرپور ميڊڪل ڪاليج ۾ داخلا ٿي وئي آھي. ھن...
01/01/2026

نئين سال جي پھرين خوشي....

اسان جي اڪيڊميءَ جي ھونھار شاگرد حماداللّه بروھي جي خيرپور ميڊڪل ڪاليج ۾ داخلا ٿي وئي آھي. ھن پنھنجي مسلسل جدوجھد سان اھو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ثابت قدميءَ سان ڪجھ بہ حاصل ڪري سگهجي ٿو. اڄ سندس ھن ڪاميابيءَ تي اسان سڀ خوش آھيون.

دانش کيڙو اسان جي اڪيڊميءَ جو ھوشيار ٻار آھي. ھن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽري ٽيسٽ ۾ 83 مارڪن سان سموري سنڌ ۾ ٽين نمبر تي ۽ ...
25/10/2025

دانش کيڙو اسان جي اڪيڊميءَ جو ھوشيار ٻار آھي. ھن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽري ٽيسٽ ۾ 83 مارڪن سان سموري سنڌ ۾ ٽين نمبر تي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پھريون نمبر کڻي اسان جو ڳاٽ فخر وچان اوچو ڪيو آھي.

شاباس دانش.

Ume Sana Panhwar, currently pursuing BSN Generic at SMBB U Areeja, has been an exemplary student since her early years a...
17/09/2025

Ume Sana Panhwar, currently pursuing BSN Generic at SMBB U Areeja, has been an exemplary student since her early years at Step Up Academy. Her dedication to academics and personal growth is truly commendable & laudable. Notably, she was an extremely active participant, enthusiastically engaging in every program, event, and activity organized by the academy. Her consistent hard work, positive attitude, and outstanding achievements have made her a standout individual. We're proud to see her shine and wish her continued success in all her future endeavors, hoping she'll continue to excel and make a meaningful impact.
Well-done Ume Sana

اسان جو فخر – غلام مصطفىٰ گوپانگاسان جي اڪيڊميءَ جو اڳوڻو شاگرد، غلام مصطفىٰ گوپانگ، اڄ مهراڻ يونيورسٽي، شهيد ذوالفقار ع...
08/09/2025

اسان جو فخر – غلام مصطفىٰ گوپانگ

اسان جي اڪيڊميءَ جو اڳوڻو شاگرد، غلام مصطفىٰ گوپانگ، اڄ مهراڻ يونيورسٽي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ۾ سول انجنيئرنگ جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.غلام مصطفيٰ نه رڳو پڙهائي ۾ ذهين هو، پر هو هر پروگرام، مقابلي ۽ سرگرميءَ ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندو هو. هو هڪ انتهائي محنتي ۽ باصلاحيت نوجوان آهي، جنهن هميشه پنهنجي محنت سان پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي.
گهڻو پٺتي پيل ۽ غريب پس منظر هوندي به، غلام مصطفىٰ ڪڏهن به حوصلا نٿو هاري. هن هميشه پنهنجي مقصد تي ڌيان ڏنو ۽ ثابت ڪيو ته حوصلي، محنت ۽ ايمانداري سان هر منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. اسين سندس روشن مستقبل لاءِ دعاڳو آهيون ۽ اميد ٿا ڪريون ته هو اڳتي هلي ملڪ جو نالو روشن ڪندو.
سندس تعريف ڪندي اھا ڳالھ ڪرڻ بہ ضروري ٿا سمجهون تہ ھو پنھنجي استادن جو ھر جڳھ تي ذڪر ڪري، اھو اعتراف ڪري ٿو تہ مان جيڪو ڪجھ بہ آھيان... انھن استادن جي ڪري آھيان... پوءِ اھا دنيا جي ڪھڙي ڪنڊ ڇو نہ ھجي؟
ويلڊن... مصطفىٰ....🌸

پاڻ ڪڏھن بہ ھتان پڙھي ويل ٻارن جي ڪاميابيءَ تي نہ لکيو آھي تہ ھو ھن وقت ڪٿي آھن؟ ڪھڙن ادارن ۾ آھن؟ ڪھڙي منصب تي آھن؟ ڳڻا...
06/09/2025

پاڻ ڪڏھن بہ ھتان پڙھي ويل ٻارن جي ڪاميابيءَ تي نہ لکيو آھي تہ ھو ھن وقت ڪٿي آھن؟ ڪھڙن ادارن ۾ آھن؟ ڪھڙي منصب تي آھن؟ ڳڻائڻ ويٺاسين تہ ھڪ وڏو انگ سامھون آيو. انھن سڀني محنتي ٻارن سان رابطو ڪري سندن موجودہ پوزيشن پڇي تہ دلي خوشي ٿي. اھي سڀئي ھن وقت سٺن ادارن ۾ تعليم پرائن پيا. ھي سڄو انھن استادن جو ثمر آھي، جيڪي اسٽيپ اپ اڪيڊمي تي پڙھائن پيا. انھن سڀني ٻارن جو سلسلو اسان لاريب لاکير کان شروع ڪيو آھي. لاريب ھن وقت مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انگريزي شعبي ۾ پڙھي رھي آھي. ھوءَ شروع کان ئي ڏاڍي ھوشيار، سمجهدار ۽ محنتي رھي آھي. سندس ادب سان چاھ بہ تمام گهڻو آھي. ھن وقت بہ ھوءَ پنھنجي شعبي ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ سان گڏ ، ادبي دنيا ۾ بہ پاڻ موکيندي رھي ٿي. ھوءَ سٺي ليکڪہ بہ آھي تہ سٺي مقررہ بہ. ھن پنھنجو پھريون ڪالم باڊھ تعلقي جي جدوجهد جي حوالي سان ڪوشش اخبار ۾ لکيو ھو، جڏھن اڃا يارھين ڪلاس ۾ ھئي. ھن وقت بہ ھوءَ لکڻ پڙھڻ سان چاھ رکي ٿي. کيس مختلف پروگرامن ۾ بہ شريڪ ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. ھن جي زندگيءَ مان نوجوانن کي سبق وٺڻ گهرجي. لاريب جي مستقبل لاء اسين پراميد آھيون ، ھڪڙي ڏينھن ھوءَ وڏو مقام ماڻي، پنھنجي والدين جو نالو روشن ڪندي.

لاريب!! ويل ڊن.... توھان کي ايئن وڌندو ڏسي اکيون ٺري پيون آھن.... ھڪ استاد کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي؟

Address

Badah

Telephone

+923333667189

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Step Up Academy Badah posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category