عورت مطلب پير جي جُتي.
ثابت ڪري سگهجي ٿو اگر ڪوئي تسليم ڪرڻ وارو ھجي. پر هتي تہ مسلمان عورت جو ﺣﻖ کائڻ بہ سمجهن ٿا.
14 سؤ سال اڳ عورت کي زنده دفنايو ويندو هو، اڄ جيئري دفنايو ويندو آ.
والدين جي ڪوڙي ۽ کوکلي انا خاطر اڄ بہ عورتن جي حقن جي پائمالي ٿئي ٿي.
مزي جي ڳالھ حق پائمال ڪنهن دشمن نہ پر پيءُ ماءُ، ڀائرن ڀينرن جهڙن مقدس رشتن هٿان ٿين ٿا. ننڍپڻ کان آخري پساهن تائين عورت پنهنجو پاڻ کي اذيت ڀري ذﻧﺪاﻥ سان پاڻ کي ارپي ٿي.
تون ننڍي آهين ڀاءُ کي کائڻ ڏي،
تون ڇوڪري آهين چُپ ڪري ويھ،
ڌيءُ آن ڌيءُ ٿي رهه،
ڌيءُ آن آواز تيز نہ ڪر،
ڌيءُ آن تُنهنجي مرضي نہ هلندي،
ڌيءُ آن جتي اسان چوندا سي اتي پنهنجو جسم بہ اسان جي مرضي جي مرد سان ونڊيندي.
ڌيءُ آن مرضي جو نڪاح نہ ڪرڻ ڏينداسين باقي زنا بل جبر لاءِ توکي راضي ڪنداسين،
مڙس اگر جانور جو ٻچو نڪري تہ سڄي عمر لعنت ڪندس تہ تُنهنجي گھر وارا ڪھڙا ڀلا هن جو توکي مستي آ. ذھني جسماني تشدد ڪري تہ پيءُ ماءُ چوندس امڙ نصيب ٿئي ڀلا گذارو ڪر.
گھر ۾ دال کائيندي هئين، هتي فرمائشون ٿي ڪرين......
پُٽ: امان توکي ناهي خبر تون ڇڏي ڏي چُپ ڪر. بيمار ٿيندي تہ ڪنڊ ۾ پئي هوندي نہ مڙس سارَ لهندس نہ اولاد....
جتي شريعت، قانون عورت جي حقن جي محافظ رهي آ اتي حق کائڻ وارن پنهنجي ڪسر ناهي ڇڏي.
اول: نڪاح/ شادي مذهبي، سماجي، قانوني، اخلاقي سڀ کان مٿي هڪ ذاتي عمل آهي.
ٻيون: اگر گھر وارا، مٽ مائٽ اگر راضي ناهن تہ اھا انهن جي ننڍي، پسمانده ، غير قانوني ۽ غير اخلاقي سوچ آھي.
ٽيون: والدين بيشڪ عظيم رتبي تي فائز آهن پر گڏو گڏ اهو بہ ياد رهي تہ دين جي سکيا ۽ قانون جي خلاف وڃڻ جو حق سندن ناھي.
پوءِ جڏهن عورت پنهنجي نڪاح جهڙي مقدس رشتي لاءِ وڙهڻ لاءِ ڪورٽ تائين پھچڻ جي سفر کان اڳ ڪيترا ئي ڪشالا ڪري اچي ٿي جيڪا شايد توهان کي يا مون کي خبر بہ نہ ھوندي. ٿي سگهي ٿو اهو هُن جو آخري ذريعو هجي.
نڪاح ئي ڪري ٿي نہ؟! حلال ڪم آهي، زنا تہ ڪون ٿي ڪري.
جڏهن نڪاح ڏکيا ڪندو تہ معاشري ۾ ڪورٽ ميرج ﭤﻴﻨﺪﻱ يا زنا جو انگ وڌندو. مالڪ جيڪي ڇوڪريءَ جو جبري نڪاح ڪرائن ٿا سو متبادل آهي جبري زنا جي، ڇو جو ھن ۾ رضا شامل ناهي.
نڪاح وقت نڪاح خوان ايجاب جوڙي کان قبول ڪرائيندو آ نہ ڪي والدين يا مائٽن کان، ڇوڪري اگر ايجاب قبول نہ ڪري تہ نڪاح ڪالعدم ۽ باطل...... ان کان علاوه اگر وليءَ ڇوڪري جي مرضي جي خلاف آهي تہ وليءَ ڪا بہ شرعي ۽ قانوني حيثيت باقي نہ رھندي.
حوالي لاءِ ڪيتريون ئي حديثون ۽ قانوني حوالا ٻڌائي سگھان ٿو.
لکڻ لاءِ گهڻو ڪجھ آهي اگر سمجھ اچي تہ ايترو ئي ڪافي آ. باقي رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا.
ذاتي رايو: منهنجي ڀيڻ ذاتي پسند جو اظهار ڪيو والد ۽ ڀائرن ملي ھن جي رائي کي ترجيح ڏيئي شعريت محمدي موجب نڪاح ڪرايو سين نہ ان ۾عزت گهٽجي وئي نہ ئي رتبي ۾ گهٽتائي آئي.
Amar Jaleel's Fan Club
Amar ji Sindhu.
مذهبي ڪارڊ کيڏو يا لِساني بنيادن تي سياست ڪيو. سنڌ ساڳي ئي سورن ۾ 😞🙏🏻
بعد ۾ترديد ڪيل بيان بہ بي منع ٿيو وڃن.
هڪ دفعو مارڻ ۽ سارڻ کان اڳ پُڇي وٺجو متان مان بي ڏوهي نڪران.
🙁🙏🏻
مذهب کي تہ مڃن ٿا مذهب جي نہ ٿا مڃين.
مذهب جا ٺيڪيدار سرگرم آهن.
پنهنجو ۽ پنهنجي ويجھن جو خيال رکو 🙏🏻
سنڌي صورتخطي بابت ڪجھ معلومات
سنڌ جي پوئتي رهڻ ۾ پيري مريدي بہ ھڪ وڏو ڪارڻ آهي.
عظيم ذهن خيالن تي بحث ڪندا آهن، اوسط ذهن واقعن تي بحث ڪندا آهن. ننڍڙا ذهن ماڻهن تي بحث ڪندا آهن.
(ايلنور روسويلٽ)
ڪڏهن توهان پاڻ کان ڪو اھڙو سوال ڪيو آهي جنھن توهان جي سوچ کي للڪاريو ھجي! جئين ھڪ گهٽ وزني سُڪل پن بہ زمين تي ڪِري پوي ٿو ۽ ايترو وزني جهاز هوا ۾ ڪيئن پرواز ڪري ٿو؟! يا رت جو رنگ ڳاڙهو ڇو آهي ڪارو ڇو ناهي؟! يا وري معاشري ۾ ڌاڙيل ۽ چور ڇو پيدا ٿين ٿا؟! يا وري عورتن جا حق جدا ۽ مردن جا حق جدا ڇو آھن؟!
ان کي چئبو آھي (تنقيدي سوچ ويچار)
اچو تہ جائزو وٺون تہ تنقيدي سوچ ڇا آهي، ڪيتري اهم آهي ۽ ان مان ڪئين مستفيض ٿي سگھجي ٿو.
قديمي يونان ۾ انفرادي سوچ کي اھميت حاصل ھئي، سندن انفرادي سوچ، حق ۽ اظهار آزادي جي اھميت معلوم ھئي. ارباب اختيار کان سوال ڪيا ويندا ھئا ۽ انھن سوالن جي جوابن تي غور ويچار ڪيو ويندو ھو. ان سوچ جو بنياد سقراط وڌو جنھن تاريخ جي پنن ۾ پنهنجو نالو درج ڪرايو ۽ اھو طريقو موجوده دؤر ۾ پنهنجي عروج تي آھي.
ان دؤر ۾ چونڪ تي، کليل ميدانن ۾ ماڻھن جو هجوم جمع ڪري بحث مباحثا ڪيا ويندا ھئا ها، سوال ڪندا هئا تہ سچ ڇا آهي؟ حق جو صحيح حقدار ڪير ۽ ڪيئن آهي؟ رياست کي ڪهڙي طريقي سان ڪم ڪرڻ گهرجي؟ اگر ڪوئي شخص قيد ۾ آهي تہ ڇو آهي اهو صحيح آهي يا غلط؟ يا وري هن ڌرتيءَ جي گولي کان ٻاهر خلا ۾ ڇا آهي؟
ان سان خيال جي ڏي وٽ ٿيندي ھئي، مخالفت ٿيندي هئي، اهڙي ريت سچَ ظاهر ٿيندو هو. هونءَ بنهه عقل جو تقاضا بہ اهو آهي تہ ٻن ڳالهين جو ٽڪراءَ ٿيندو تہ سچ ٻاهر ايندو يا صحيح غلط جي سڃاڻ ٿيندي ۽ ڪنھن نتيجي تي پھچي سگھجي ٿو.
اگر غور ڪيو وڃي تہ اھو قديمي يوناني ڪلچر جديد مغربي تهذيب جي بنياد آهي.
ٻي طرف مشرقي معاشري ۾ ڇا هو جو مشرقي معاشري ۾ انفرادي سوچ کي گهٽ پر معاشري جي گڏيل سوچ ۽ معاشري سان ھم آهنگي کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي هئي. معاشري جي گڏيل سوچ سان هلڻ کي خاصيت ۽ الڳ، منفرد سوچ رکڻ کي عيب سمجهو ويندو هو، منفرد سوچ رکڻ واري عام ليکيو ويندو هو.
جاپاني ٻوليءَ ۾ هڪ ڳالھ مشهور آهي تہ اگر ڀِت تي مختلف ڪوڪا لڳل ھجن تہ ان ئي ڪوڪي کي ٺوڪيو ويندو آهي جيڪو ٻاهر نڪتل ھجي. يعني ان ئي ڪوڪي کي دٻايو ويندو جيڪو اڪيلو منفرد يا اُڀريل ھجي اھا سوچ رکي تہ ھي سڀني کان مٿانهان آهي ٺوڪي برابر ڪجي.
اگر ان کي ٻي نگاھ سان ڏسجي تہ اھا ڳالھ مشرقي معاشري جي پڻ عڪاسي ڪري ٿي. تاريخ گواھ آهي جنهن بہ جُھند کان الڳ نڪري پنهنجو نظريو پيش ڪيو ان کي دٻايو ويو، قيد ڪيو ويو، هيسايو ۽ حراسان ڪيو ويو يا موت جي گهاٽ لاٿو ويو.
توهان ان ڳالھ جو مشاهدو هاڻي بہ ڪري سگھو ٿا ڪنهن اهڙي محفل ۾ ويهو جتي توهان جي عمر کان وڏا يا ڪنهن عهدي تي فائز ماڻهون ويٺل ھجن، انهن جي سوچ سان اختلاف ڪري ڏسو. توهان کي معلوم ٿيندو تہ هر ڪوئي توهان کي دٻائڻ يا خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو.
اسان جي معاشري ۾ تنقيدي سوچ ان لاءِ ڪامياب نہ وئي ڇو اسان کي معاشري جي سوچ سان گڏ هلڻ سيکاريو ويو، معاشري جي سوچ جو خيال رکڻ سيکاريو ويو. (ماڻهون ڇا چوندا) جهڙن جملن انفرادي سوچ جو ڳلو دٻائي ويو. اهو سيکاريو ويو تہ معاشري جي سوچ سان قدم نہ ملايو تہ معاشري جي قدمن هيٺان اچي پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪري سگھو ٿا.
هاڻي توهان پاڻ ڀيٽ ڪيو تہ مغربي معاشري سان تہ تنقيدي ۽ منفرد سوچ رکندڙ ڪٿي پهتل آهن ۽ مشرقي معاشري جو هر لحاظ کان نقصان ٿيو چاهي اهو تعليم جو ميدان ھجي، سائنس جو سماجي ترقيءَ جو. اڄ اسان جي ثقافت کي دنيا ۾ پوئتي پيل سمجهو وڃي ٿو، انفرادي آزادي ۽ سوچ بہ کسجي وئي. مشرقي معاشري سان گڏ ڏکڻ ڪوريا جهڙا ملڪ بہ شامل آهن جيڪي تنقيدي سوچ سان مهاڏو اٽڪائڻ کان لنوائيندي نظر ايندا.
هن تمهيد ٻڌڻ جو مقصد صرف اهو آهي تہ جيئن معلوم ٿي سگهي تہ (تنقيدي سوچ) ڇا ٿيندي آهي، ان جي اهميت ڪيتري آهي ۽ ان مان ڪيئن لاڀ حاصل ڪجي.
تنقيدي سوچ ڪنهن فيصلي يا ڳالھ کي ترتيب ڏيڻ ان لاءِ مڪمل معلومات حاصل ڪرڻ، حقيقتن کي راءِ ۽ تعصب کان الڳ ڪرڻ، مفروضن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ، پيچيده معلومات کي منظم حصن ۾ ٽوڙڻ، ڏنل معلومات جي اعتبار جو اندازو لڳائڻ، دليلن جي بنياد تي منطقي نتيجا ڪڍڻ، وسيع نظر ۽ امڪاني اثر تي غور و فڪر ڪرڻ شامل آھي.
اهو سڀ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن توهان تجسس جي نگاھ سان شين کي ڏسڻ شروع ڪندؤ. ان فلسفي کي قرآن بہ ڪافي جڳهن تي "غور ۽ فڪر" ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.
فرض ڪريو! اگر مان توهان کي چوان تہ مان هوا ۾ بغير ڪنھن سائنسي مدد جي اُڏري سگهان ٿو يا هڪ ئي رات ۾ مريخ تي وڃي موٽي اَچي سگهن ٿو. ڇا توھان ان ڳالھ تي يقين ڪندؤ؟ نہ ڪندؤ! جيسي تائين مان ان مفروضي کي ثبوتن سان پيش نه ڪندس.
فرض ڪيو 2 دوست پاڻ ۾ هڪ راءِ ڏين ٿا تہ مُلڪ جي غير استحڪام واري صورتحال، خراب معاشي حالات، دھشت گردي، بيسودا تعليمي نظام جي پويان سياسي پارٽيون آهن. يقدم توهان جي تنقيدي سوچ جي گهنٽي وڄڻ گھرجي تہ هن خطي جي 77 سالہ تاريخ ۾ سياسي پارٽين کان وڌيڪ ڪنهن جي حڪومت رهي آهي!! اھڙا سوال ڪرڻ کان پوءِ بغير تعصب جي تحقيق ڪجي تہ ضرور ڪنهن نتيجي تي پهچي سگھجي ٿو.
تنقيدي سوچ ڪرڻ سان توهان لاڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ توهان با خبر فيصلا ڪري سگھو ٿا، پيچيده مسئلا حل ڪري سگھو ٿا، معلومات جو مؤثر انداز سان جائزو وٺي سگھو ٿا، تعصب ۽ مفروضن کان پاسو ڪري سگھو ٿا، تعليمي ۽ منطقي دليل تيار ڪري سگھو ٿا، تخليق ۽ جدت آڻي سگھو ٿا، مواصلات ۽ تعاون کي بھتر بڻائي سگھو ٿا.
تنقيدي سوچ کي مثبت انداز سان اپنايو،
مسئلن کي سڃاڻڻ لاءِ سوال ڪيو چاهي اهي ذاتي ھجن يا سماجي، ثبوتن جي جاچ پڙتال ڪيو، ان سان اهو ٿيندو جو مسئلن جي نشاندهي ٿيندي ۽ جوابن تائين پهچبو.
دماغ کُليل رکو، نواڻ کي اپنايو، مختلف سوچ کي پنهنجي دماغ ۾ جڳھ ڏيو. اڄ ڪلھ جي معلوماتي دور ۾ جديد زندگي جي پيچيدگين کي عقل جي اک سان ڏسڻ ۽ با خبر فيصلا ڪرڻ تمام ضروري آهي.
~ذيشان حيدر
(انا پرستيءَ جو زهر ذهني امن لاءِ خطرو)
قدرت پاران "اشرف المخلوقات" جو لقب ماڻيندڙ حضرت انسان ڪيترن احساسن جو مرڪب آهي جهڙوڪ؛ محبت، نفرت، خوف، ڪاوڙ، پريشاني، ناراضگي، خوشي، غم وغيره وغيره. انھن جذباتن جو صحيح يا غلط استعمال ابنِ آدم کي يا تہ عروج تي پهچايو آهي يا وري زوال تي.
انسانيت، ڌرتي، جانورن ۽ قدرت جي ھر تخليق سان محبت، عقيدت، نياز نوڙت ۽ عاجزي انسان کي جتي لطيف، سچل، مدر ٽريسا، نيلسن منڊيلا بڻايو ۽ ڪروڙين چاهيندڙ پيدا ڪيا. اتي ئي ايڊولف ھٽلر، جوزف اسٽالن ۽ چنگيز خان جهڙن بدڪردار، ظالم ۽ انا پرست ماڻھن سان ڪروڙين انسانن بيزاري ۽ نفرت جو پڻ اظھار ڪيو.
ڇا وجهه آهي جو عاجز انسان سان محبت ۽ انا پرست ۽ خود پرست کان بيزاري جو احساس ٿيندو آھي. اھڙا انا پرست انسان اسان توهان جي ارد گرد ماحول ۾ رهي ذھني اذيتون ڏئي ماحول کي گندو ڪن ٿا. اھڙن ڪردار جي سڃاڻ تمام آسان آهي. انھن ماڻھن جون ڪجھ نمايان نشانيون ھجن ٿيون جنهن سان انهن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.
اھڙا ذھني مريضن صرف پنهنجي ذھني ڪيفيت، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ سوچ، پنهنجو نظريو، پنهنجي راءِ ۽ پنهنجي تعريف جي ڪمزور ڄار ۾ ڦاٿل رھن ٿا. اهڙن ڪردارن لاءِ ٻين انسانن جا جذبات، احساس يا نظريو مٽي جو ڍير ھجي ٿو. اھڙا انسان اسان توهان جي ارد گرد بظاهر بغير ڪنهن پريشاني ۽ رجحان جي هڪ عام ماڻهون نظر اچن ٿا.
انھن ماڻھن جي سڃاڻپ تڏهن ٿئي ٿي جڏھن انهن جي سوچ، مرضي يا نظريي سان اتفاق نہ ڪجي. تہ هو ڪاوڙ، بدسلوڪي ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي ھٿرادو جوڙيل حدون پار ڪندي نظر اچن ٿا. ننڍپڻ کان جواني ۽ جوانيءَ کان ڪراڙپ تائين پنهنجي مصنوعي دنيا جا اصول جوڙي، ذھني دٻاءُ جو شڪار رهي پنهنجو پاڻ کي ۽ ھن سان لاڳاپيل ھر انسان ڏُکائيندا ۽ اذيت رسائيندا رهن ٿا.
سائيڪالوجي جي مطابق ذھني دٻاءُ هيٺ آيل ماڻهن ۾ ڪجھ نشانيون هي آهن.
اول: جذبات جي هير ڦير
اڪثر غير معمولي ڳالهين تي غصو ڪاوڙ ڪندا، گھر ۾ ڀڃ ڊاهه ڍاھ ڪندا، ڪاوڙ جو عالم اهو جو لا علم هوندا تہ لفظن جي چونڊ ڪهڙي آهي. پنهنجا ٺاھيل اصول پيا ڳڻايندا.
ڪڏھن وري کل ڀوڳ ڪندي نظر ايندا.
توھان ان ڪشمڪش جو شڪار ھوندو تہ اڳلو ڪٿي دُھري شخصيت جو شڪار تہ ناهي!
ٻيون: خود پرستي/ انا پرستي
اھڙا ماڻهون اڪثر پنهنجا دقيانوسي اصول ٺاهيندا ۽ پنهنجي اصولن تي لچڪ نہ ڏيکاري پنهنجي فيصلن کي پٽر تي لڪير سمجھندا آھن. پنهنجي خوشي، راءِ ۽ فيصلن کي اولين سمجھندا آھن بغير ان پرواھ جي تہ سندن سوچ ٻين کي دلي طور آزاري رهي آهي. ٻين جون خواهشون، ذاتي فيصلا انهن لاءِ غير معمولي نظر ايندا آهن،
ٽيون: آٿت ڏيڻ جي کوٽ
هڪ نشاني اها بہ آهي تہ اهڙا ماڻهون پنهنجي پرين پيارن کي يا اردگرد جي ماڻهن کي اُميد آسرو يا آٿت ڏيڻ کي پنهنجي توهين لڳندي آهي. اهو تصور ڪندا آھن اگر آٿت يا اُميد جڳائي تہ منهنجي اھميت نہ رهندي ۽ منھنجي مرتبي ۾ ڪمي اچي ويندي.
چوٿون: جذباتي طريقن سان ڦاسائڻ
پنھنجا اڪثر فيصلا جذبات ۾ اچي ڪندا آھن بغير ان احساس جي تہ نتيجا ڇا نڪرندا. اگر ڪيل فيصلن جو انڪار ڪجي تہ ڪيل احسان ڄاڻايندا، پاڻ کي مارڪُٽ ڪندا، روئندا، پاڻ کي جسماني ۽ ذھني اذيت ڏيندا جئين توھان پنھنجي حقي ۽ جائز مؤقف تان ھٽي وڃو ۽ انھن جي دٻاءُ هيٺ اچي ھن جي ڳالھ تي راضي ٿيو.
پنجون: اصلاحي محرومي
اگر ڪوئي دوست يار، مٽ مائٽ يا گھر وارا اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا تيز آواز ۾ ڳالھائي گوڙ گهمسان ڪري حراسان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا جيئن انھن جو رعب تاب قائم رھي يا وري اصلاح ڪرڻ واري سان لاتعلقي جو اظھار ڪندا. پنھنجي اردگرد اھڙي دنيا تخليق ڪري ويھندا آھن جنھن ۾ اگر ڪوئي نقصان ڪرڻ کان آگاهي جي ڪوشش ڪندو آھي تہ ان کي پنھنجو دشمن سمجھندا آھن.
آخري: غلطي نہ مڃڻ.
اھڙن ماڻھن لاءِ غلطي مڃڻ معني توھين. غلط ۽ صحيح جو تعلق صرف انهن جي دماغي ڪيفيت سان رهندو آهي. اهڙي احساس کان خالي ماڻھن لاءِ غلطي صرف سامھون واري جي ھجي ٿي.
اهڙي انا پرست ماڻھن جي اصلاح يا علاج ڪرڻ ڪافي مشڪل ثابت ٿي سگهي ٿو ان لاءِ روين ۾ گِهري سمجھ ۽ حڪمت عمليءَ جي ضرورت اھي. اھڙن ماڻھن سان واضح حدون مقرر ڪرڻ گهرجن، انهن جي جذباتي هيرا ڦيري کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ ۽ صحتمند حدون مقرر ڪرڻ تي غور ڪرڻ گهرجي. ضرورت ﻛﺎﻥ وڌيڪ تعريف يا توجه نہ ڏيڻ گهرجي. انھن جي ذھني حالت کي ڏسي ڪنهن دماغي ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي.
دوري يا لاتعلقي تي غور ڪرڻ گهرجي اگر رشتو زهريلو، بدسلوڪي ۽ ذهني اذيت جو ڪارڻ بڻجي تہ پنهنجو پاڻ کي مدنظر رکندي ان رشتي کي الوداع ڪرڻ گهرجي.
ياد رکو!!!
انا پرست/ خود پرست ماڻھون کي درست ڪرڻ توهان جي ذميداري ناهي توهان جي پنھنجي صحت ۽ ذھني سڪون کي برقرار رکڻ توھان جو اولين فرض ھجڻ گھرجي.
ماڻھون کان انسان جو سفر انھن کي پاڻ سمجھڻو ۽ طئي ڪرڻو پوندو.
~ذيشان حيدر
اسلام ڏاڙهي، جبو، عمامو يا ڪنھن مخصوص لباس جو نالو ھرگز ناھي. اسلام تہ اخلاقيات، امن ۽ ڀائيچاري جو نالو اھي.
اگر توھان کير ۾ ڊٽرجنٽ ملايو،
ميوون کي رنگ ھنڻو،
کائڻ واري تيل ۾ جانورن جي چرٻي ملايو،
جعلي ٻہ نمبر دعوائون ٺاھيو،
يتيمن جا حق کائو،
مريضن کان ڳريون فيسون وٺو،
نوجوانن جي حقن تي ڌاڙا هڻو،
عوام کي جائز ڪمن لاءِ آفيسن جا چڪر هڻايو،
رمضان ۾ شين جا اگھ وڌايو،
پنهنجي گفتار ذريعي دل آزاري ڪيو
تہ يقين ڄاڻو توهان مسلمان ڇا انسان سڏائڻ جي لائق بہ ناھيو.
شاھد جمال ابڙو
ڪشمور
جيڪي سڄڻ ۽ سڄڻيون پنهنجي تخليق ڪيل ڪهاڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ جو شوق ۽ زوق رکن ٿا، اھي اسان جي پيج تان شايع ڪري سگھن ٿا. پنهنجي سوچ لکڻ ذريعي ھزارين ماڻھن تائين پھچايو.
جئي سنڌ، جئي سنڌي ٻولي. 🙏🏻🙏🏻
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
77105